ڪيپٽن جَيمز ڪُڪ(انگريزي: James Cook ) برطانيا جو مشھور جھازران ، کوجنا ڪندڙ ۽ نقشي سازي جو ماھر ۽ برطانيا جي رايل نيوي جو ڪيپٽن يا ڪپتان ھيو جيڪو آسٽريليا جي اوڀرندي ڪناري تي پھچندڙ پھريون يورپي ھو ۽ جنھن سڀ کان پھريون ڀيرو نيوزيلينڊ جي چوڌاري ڦيرو لڳايو ۽ ھوائي ٻيٽن تي يورپين مان پھريون دفعو قدم رکندڙ ھيو. ھن پئسفڪ سمنڊ جا ٽي وڏا سامونڊي سفر ڪيا ۽ ھوائي تائين پھتو. ھن نيو فائونڊ لينڊ جو نقشو پڻ ليڪيو. ھي ننڍپڻ ۾ ئي برطانوي مرچنٽ نيوي ۾ شامل ٿيو ۽ 1755ع ۾ رايل نيوي ۾ شامل ٿيو. ھن فرانس سان ٿيل ستن سالن واري جنگ کي اکين سان ڏٺو. ھن ڪيوبڪ واري محاصري دوران ٿيل ابراھام جي ميدانن واري جنگ ۾ سينٽ لارنس ندي جي کوجنا ڪندي ندي ذريعي داخل ٿيڻ جو نقشو ليڪيو جنھن بعد کيس برطانوي سمنڊ پار کوجنا واري مھم لاء مقرر ڪيو ويو جنھن ۾ ھن ٽي وڏا بحري سفر ڪيا جن م ھن ھزارين ميلن جو رستو طئي ڪيو. ھن نيوزيلينڊ کان ھوائي تائين زمين جو نقشو ليڪي ٻيٽن جا اھڙا تفصيل نقشن ۾ ظاھر ڪيا جن جو پھرين نقشن ۾ اڳين کوجنا ڪندڙن اڃان ذڪر نہ ڪيو ھو. 1779ع ۾ پنھنجي آخري ٽئين سفر دوران ھن ھوائي ۾ پنھنجي چوري ڪيل ڪٽر ٻيڙي جي واپسي لاء اتان جي شاھي حڪمران کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ ھي مارجي ويو.

جَيمز ڪُڪ

نيشنل ميري ٽائيم ميوزم، گرينوچ ۾ رکيل جيمز ڪڪ جو پورٽريٽ
پيدائش 7 نومبر [قديم تاريخ 27 آڪٽوبر] 1728
مارٽن، مڊلسبرا, يارڪ شائر، انگلينڊ
وفات 14 فيبروري 1779 (عمر 50 سال)
ڪيئالا ڪيڪوئا اپسمنڊ, ھوائي
وفات جو ڪارڻ چاقو جي ڌڪ سان
قوميت برطانوي
تعليم پوسٽيج اسڪول، گريٽ ايٽون
پيشو کوجنا ڪندڙ، جھازران، ڪارٽوگرافر
لقب ڪيپٽن (ڪپتان)، رايل نيوي
جيون ساٿي ايلزبيٿ بئٽس (ش. 21 December 1762)
ٻار ٻچا 6
ماءُپيءُ جيمز ڪڪ
گريس پيس
سڃاڻپ نشان

حوالا سنواريو