اولهائون آسٽريليا

آسٽريليا ملڪ جي رياست يا پرڳڻو
(ويسٽرن آسٽريليا کان چوريل)


ويسٽ آسٽريليا يا اولھ آسٽريليا يا مغربي آسٽريليا (انگريزي: Western Australia) (مختصرن WA) آسٽريليا جي ھڪ رياست جو نالو آهي[3] جنھن جي اتر ۽ اولھ ۾ ھندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ وڏو سمنڊ، اتر اوڀر ۾ نادرن ٽيريٽري ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ سائوٿ آسٽريليا واقع آھن. اھا آسٽريليا جي پکيڙ ۾ سڀ کان وڏي رياست آهي جنھن جي پکيڙ 2٬527٬013 ڪلوميٽرزچورس (975٬685 sq mi) آھي[3]. ھن رياست جي آبادي 26 لک آهي جنھن جو مرڪز ڏکڻ اولھ واري پاسي آھي جتي رياست جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر پرٿ واقع آهي. رياست جي آبادي جو 79 سيڪڙو پرٿ شھر جي ميٽروپوليٽن حدن ۾ رھي ٿو [4]باقي 11 سيڪڙو آبادي پوري رياست ۾ ڇڊي حالت ۾ رھي ٿي.

ويسٽرن آسٽريليا
رياست
ويسٽرن آسٽريليا
جھنڊو
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
عرفيت: جھنگلي گل واري رياست
سون واري رياست
آسٽريليا جي نقشي ۾ ويسٽرن آسٽريليا جو مقام
آسٽريليا جي نقشي ۾ ويسٽرن آسٽريليا جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°S 121°E / 26°S 121°E / -26; 121مڪانيت: 26°S 121°E / 26°S 121°E / -26; 121
ملڪ  آسٽريليا
رياست ويسٽرن آسٽريليا
قيام (سوان ندي ڪالوني جو قيام 2 مئي 1829
حڪومت جو قيام 21 آڪٽوبر 1890
آسٽريليا جو وفاق 1 جنوري 1901
آسٽريليا ايڪٽ 1986ع 3 مارچ 1986
گاديءَ جو هنڌ پرٿ
وڏي ۾ وڏو شھر پرٿ
حڪومت
 • قسم آئيني بادشاهت
 • مجلس ويسٽرن آسٽريليا جي حڪومت
 • گورنر ڪم بيزلي
 • پريميئر مارڪ ميڪ گووان آسٽريلين ليبر پارٽي(ويسٽ آسٽريلوي شاخ)
پکيڙ
 • ڪل 2,642,753 ڪ.م2 (1,020,373 ميل2)
 • زميني 2,527,013 ڪ.م2 (975,685 ميل2)
 • آبي 115,740 ڪ.م2 (44,690 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 1st
بلند ترین  پیمائش (مائونٽ مَيھَارِي) 1,249 ميل (4,098 ft)
آبادي (مارچ 2020)[1]
 • ڪل 2,656,156

تاريخ سنواريو

ڊچ جھازران ڊرڪ ھرٽاگ پھريون يورپي ھو جيڪو 1616ع ۾ ھن رياست جي اولھندي ڪناري تي قدم رکيو. ھتي مستقل ڪالوني نيو سائوٿ ويلز جي ڪالوني واري حڪومت جي مھم تحت 1826ع ۾ قائم ڪئي وئي[5] 1829ع ۾ ڪيپٽن جيمز اسٽرلنگ سوان ندي تي ان ندي جي نالي سان ھڪ ڪالوني ٺاھي وئي. 1832ع م اھا ڪالوني برطانوي نوآبادڪارن سان ڀرجي 1500 جي آبادي تائين پھتي جنھن بعد ان ڪالوني جو نالو تبديل ڪري ويسٽرن آسٽريليا نالو رکيو ويو. ٻہ الڳ شھر: بندرگاھ وارو شھر فرمئنٽن ۽ پرٿ آھستي آھستي ٺھندا ويا. ان کان پوء يارڪ ٺھڻ شروع ٿيو.

 
ويسٽرن

آسٽريليا جو پھريون پريميئر جان فاريسٽ ھيو. 1887ع ۾ برطانوي پارليامينٽ ھن رياست جو نئون آئين ٺاھيو ۽ 1890ع ۾ يورپي آسٽريليا کي پنھنجي حڪومت پاڻ وارو حق ڏنو ويو. جان فاريسٽ ھن رياست جو پھريون پريميئر ٿيو. پھرين جنوري 1901ع تي ويسٽ آسٽريليا آسٽريلين وفاق ۾ شامل ٿي ويو

حوالا سنواريو

  1. "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 24 September 2020. 
  2. "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 20 November 2019. 
  3. 3.0 3.1 "Area of Australia - States and Territories". Geoscience Australia. Geoscience Australia, Commonwealth of Australia. وقت 2020-07-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-08-02.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. [ https://www.abs.gov.au/AUSSTATS/abs@.nsf/Lookup/3218.0Main+Features12016-17]
  5. "King George's Sound Settlement". State Records Authority of New South Wales. حاصل ڪيل 30 آگسٽ 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)