ڏکڻ آسٽريليا

آسٽريليا ڏيههَ جي رياست يا پُرڳِڻَو
(سائوٿ آسٽريليا کان چوريل)

ڏکڻ آسٽريليا(انگريزي: South Australia ) آسٽريليا جي ھڪ رياست جو نالو جيڪا آسٽريليا جي وفاق ۾ شامل آھي جنھن ڪري ان کي فيڊريٽيڊ رياست پڻ چوندا آهن. اھا رياست آسٽريليا جي وچ ۽ ڏکڻ وارو حصي تي مشتمل آهي. آسٽريليا جو سڀ کان وڏو بنجر علائقو ھن رياست ۾ واقع آهي. ڏکڻ آسٽريليا جي پکيڙ 983٬482 ڪلوميٽرزچورس (379٬725 sq mi) آهي ۽ اھا آسٽريليا جي پکيڙ ۾ چوٿين وڏي ۽ آبادي ۾ پنجين وڏي رياست آهي. رياست جي ڪل آبادي 17,60,000 آھي جنھن جو 77 سيڪڙو گاديءَ واري شھر ايڊيليڊ ۾ رھندڙ آھي جيڪو ھن رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي[1]. رياست جو ٻيون نمبر وڏو شهر مائونٽ گيمبيئر آھي جنھن جي آبادي 28,684 آهي. ھن رياست جون حدون اولھ ۾ اولھ آسٽريليا سان، اتر ۾ نادرن ٽيريٽري سان، اتراوڀر ۾ ڪئينسلينڊ سان، اوڀر ۾ نيو سائوٿ ويلز سان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ وڪٽوريا سان ملن ٿيون. رياست جي ڏکڻ ۾ گريٽ آسٽريلين اپسمنڊ واقع آهي.

سائوٿ آسٽريليا
رياست
سائوٿ آسٽريليا
جھنڊو
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
عرفيت: شادياني واري رياست
شراب واري رياست
آسٽريليا ۾ ڏکڻ آسٽريليا نمايان ڏيکاريل
آسٽريليا ۾ ڏکڻ آسٽريليا نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 30°S 135°E / 30°S 135°E / -30; 135مڪانيت: 30°S 135°E / 30°S 135°E / -30; 135
ملت  آسٽريليا
رياست ڏکڻ آسٽريليا
صوبائي حيثيت حق محفوظ وارو دستاويز 19 فيبروري 1836
ڪالوني جي حڪومت جي شروعات 28 ڊسمبر 1836
رياست جي حڪومت جو قيام 22اپريل 1857
آسٽريليا جو وفاق 1901
آسٽريليا جو ايڪٽ 1986 3 مارچ 1986
گادي جو هنڌ ايڊيليڊ
وڏي ۾ وڏو شھر ايڊيليڊ
ڪائونٽيون 49 ڪائونٽيون
حڪومت
 • قسم آئيني بادشاهت
 • مجلس ڏکڻ آسٽريليا جي حڪومت
 • گورنر ھَييُو وَان لِي
 • پريميئر اِسٽِيوِن مَارشَل (لبرل پارٽي، آسٽريليا سائوٿ آسٽريليا واري شاخ)
پکيڙ
 • ڪل 1,043,514 ڪ.م2 (402,903 ميل2)
 • زميني 983,482 ڪ.م2 (379,725 ميل2)
 • آبي 60,032 ڪ.م2 (23,178 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 4th
بلند ترین  پیمائش (مائونٽ ووڊروف) 1,435 ميل (4,708 ft)
گھٽ ترین  پیمائش (ايئر ڍنڍ) −16 ميل (−52 ft)
آبادي (مارچ 2020)[1]
 • ڪل 1,767,247


سائوٿ آسٽريليا جو پارليامينٽ ھائوس جيڪو ايڊيليڊ ۾ واقع آهي

سائوٿ آسٽريليا جو گورنر آئيني بادشاهت جي تابع راڻي ايلزبيٿ ٻين برطانيا جو نمائندو ھوندو آھي[4] ڏکڻ آسٽريليا دولت مشترڪه آسٽريليا جي رڪن رياست آهي. ھن رياست جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھن جن ۾ ھڪ ھيٺيون ايوان: سائوٿ آسٽريلين اسيمبلي ھائوس؛ ۽ ٻيون مٿيون ايوان: سائوٿ آسٽريلين ليجسليٽو اسيمبلي شامل آهن. پارليامينٽ لاء چونڊ ھر چوٿين سال ٿيندي آهي. گذريل چونڊ 2018ع ۾ ٿي ھئي.

پارليامينٽ جي پراڻي عمارت 1872ع ۾


سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ جي جوڙجڪ
پارٽي اسيمبلي ھائوس ليجسليٽو ڪائونسل
لبرل پارٽي (سائوٿ آسٽريليائي شاخ) 24 8
ليبر پارٽي (سائوٿ آسٽريليائي شاخ) 19 8
ايس اي بيسٽ 0 2
گرينس 0 2
آزاد 4 1
ايڊوانس سائوٿ آسٽريليا 0 1
ڪل 47 22
ذريعو: انتخابي ڪميشن سائوٿ آسٽريليا

1896ع ۾ ڪالوني واري دؤر ۾ ڏکڻ آسٽريليا آسٽريليا جو پھريون ۽ دنيا اندر نيوزيلينڊ بعد ٻيو نمبر علائقو ھيو جتي عام چونڊن ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو[5] 1887ع کان ھيٺيون ايوان تہ عوام جي ووٽن سان چونڊيو ويندو ھو پر مٿئين ايوان جي چونڊ جي لاء ووٽ جو حق صرف ملڪيت وارن شھرين کي ھو آخرڪار 1973ع ۾ آسٽريليا جي ليبر پارٽي جي ڊان ڊنسٽن جي حڪومت سڌارا آڻي ووٽر لاء ملڪيت ھجڻ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان ايوان جي اميدوارن جي چونڊ لاء سموري رياست جي ھڪ تڪ مان ٿيل چونڊ مان متناسب نمائندگي ذريعي ايوان جو چونڊ جو طريقو اختيار ڪيو ويو[6]. ڏکڻ آسٽريليا جو لوڪل گورنمينٽ وارو نظام 74 مڪاني ڪائونسلن تي مشتمل آهي جيڪي سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ طرفان نافذ ٿيل فرض سرانجام ڏينديون آهن جن ۾ روڊن جو انفراسٽرڪچر ۽ ڪچري جي شھرن مان نيڪال جا ڪم شامل آهن. ڪائونسلن جي آمدني ملڪيتن تي ٽيڪس ۽ حڪومتي گرانٽن تي مشتمل ھوندي آھي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 24 September 2020. 
  2. "Wordwatch: Croweater". ABC NewsRadio. وقت 15 September 2005 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 October 2011. 
  3. "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 20 November 2019. 
  4. سانچو:Cite AustLII.
  5. "Women's Suffrage Petition 1894: parliament.sa.gov.au" (PDF). وقت 29 March 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-07-17.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. Dunstan, Don (1981). Felicia: The political memoirs of Don Dunstan. Griffin Press Limited. pp. 214–215. ISBN 0-333-33815-4.