آذربائيجان-پاڪستان لاڳاپا

آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا

آذربائيجان-پاڪستان لاڳاپا (انگريزي ٻولي: Azerbaijan–Pakistan relations) آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پرڏيهي لاڳاپا آهن. باڪو ۾ پاڪستان جو هڪ سفارتخانو آهي ۽ آذربائيجان جو اسلام آباد ۾ هڪ سفارتخانو آهي.ٻنھي قومن کي "اِسٽريٽيجڪ ڀائيوار" سمجهيو ويندو آهي[1] ۽ آذربائيجان پاڪستان جو سيڪيورٽي تعاون فوجي شعبو کان وٺي فوجي لاڳاپن تائين ۽ سيڪيورٽي ايجنسين جي وچ ۾ پڻ تعاون وڌائي ٿو.

پاڪستان-آذربائيجان لاڳاپا

پاڪستان

آذربائيجان

ٻنهين رياستن جي وچ ۾ جديد لاڳاپا تڏهن قائم ٿيا جڏهن، 9 جون، 1992 ع تي،  سوويت يونين جي انت اچڻ کانپوءِ جمهوريا آذربائيجان آزاد ٿيو.[2] جِن مُلڪن آذربائيجان کي آزاد مُلڪ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو هيو، پاڪستان انهن ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو، ۽ پاڪستان آذربائيجان کي 12 ڊسمبر 1991 تي تسليم ڪيو هيو.[3] ٻنهين قومن جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون لاڳاتار وڌي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي بهتر بڻائڻ جي طريقن تي ڪيتريون ئي گڏجاڻِيون ٿيون آهن.

ٻنهين مُلڪن جي آفيشلز مارچ 2013 ۾ چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان هڪٻئي جي وچ ۾ "اِسٽريٽيجڪِ ڀائيواري جي لاڳاپن منجهان لطف" ٿيا آهن.[4]

سرڪاري ملاقاتون سنواريو

فاروق لغاري 1995 ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندڙ پهريون صدر هيو. هڪ سال کانپوءِ، حيدر علئيف اسلام آباد جي دؤرو تي آيو.حيدر علئيف ۽ پاڪستان جي وزير اعظم - بينظير ڀٽو جي وچ ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون، جِن ۾ 9 معاهدن تي دستخط ڪيا ويا، جيڪي سفارتي لحاظ کان گهڻا اهم هيا.[5]

2002 ۾ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تعاون جي معاهدي جو نتيجو ڪڍيو ويو.

معاشي لاڳاپا سنواريو

1995 ع واري سرءُ جي مُند ۾، ٻنهين ملڪن واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ تعاون ۽ رياستي سطح تي گڏيل ڪميشن جي قيام تي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ پروٽوڪول تي دستخط ڪيا. مٿي ذڪرڪيل ڪميشن جون گڏجاڻيون ٻنهي ملڪن جي راڄِڌَاني شهرن ۾ هر 2 سال کانپوءِ منعقد ڪيون وينديون آهن.

2005 ۾، نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي هڪ شاخ (بِرانچِ) باڪو ۾ کولي وئي.[6]

فوجي تعاون سنواريو

آذربائيجان جي ايف-17 ٿنڊر فائٽر ويڙهاڪو بمبار جهازَ کي خريد ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڳالهايوآهي.[6] [7]

بين الاقوامي حمائيت سنواريو

پاڪستان انهن ٿورڙن مُلڪن منجهان آهي جِن خوجالي قتل عام کي تسليم ڪيو آهي،[7] جيڪو آذربائيجان جي  ماڻهن خلاف نسلي قتل عام آرمينيا طرفان ڪرايو ويو هيو.[8][9]


انسان دوستي تعاون سنواريو

اپريل 08، 2015 تي، آذربائيجان بين الاقوامي ترقياتي ايجنسي (AİDA) وسيلي پاڪستان جي مختلف شهرن جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 2014 جي آڪٽوبر واري مهيني ۾ آيل ٻوڏِ جي آفتن جي متاثرن کي انساني امداد جي فراهمي ڪئي وئي.[10]


ثقافتي رابطا سنواريو

پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهبي ۽ ثقافتي شعبي ۾ پڻ آهستي آهستي ترقي ڪن ٿا

باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني-اردو ٻولي جو هڪ خاص شعبو آهي.

سفارتخانو سنواريو

آذربائيجان ۾ اسلامي جمهوريا پاڪستان جي اختيار ڏنل نمائندي سفير سئيد خان مهمند آهي[11] جڏهن تہ پاڪستان ۾ جمهوريا آذربائيجان جي اختيار مليل سفير ڊشگين شيکاروف آهي.[12]

پڻ ڏسو سنواريو


حوالا سنواريو

  1. "Azerbaijan, Pakistan eye expanded cooperation". AzerNews.az. حاصل ڪيل 2019-12-06. 
  2. 1news. "Азербайджан - Пакистан: больше чем стратегическое партнерство". 1news.az. حاصل ڪيل 2019-12-07. 
  3. "PRESIDENT MUSHARRAF'S VISIT TO AZERBAIJAN: AN EFFORT TO BUILD PAKISTANI REGIONAL LEADERSHIP". حاصل ڪيل April 26, 2016. 
  4. "News.Az – Azerbaijan, Pakistan 'enjoy strategic partnership relations'". حاصل ڪيل April 26, 2016. 
  5. "Heydar Aliyev and Benazir Bhutto. Official meetings". 
  6. "В Баку открылся филиал Национального Банка Пакистана" (ru-RU ۾). Day.Az. July 12, 2005. https://news.day.az/economy/27778.html. 
  7. ""International Recognition of The Khojaly Genocide"". un.mfa.gov.az. http://un.mfa.gov.az/news/4/3069. 
  8. "Pakistani Senate`s Foreign Relations Committee approves Khojaly genocide" (en ۾). Azertag. February 1, 2012. http://azertag.az/en/xeber/Pakistani_Senates_Foreign_Relations_Committee_approves_Khojaly_genocide-220067. 
  9. "Khojaly genocide: Causes, consequences and international recognition" (en ۾). https://azertag.az/en/xeber/Khojaly_genocide_Causes_consequences_and_international_recognition-1038780. 
  10. "Azerbaijan - Pakistan relations". 
  11. "Пресс-релизы". mia.gov.az (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 2018-04-29. 
  12. "Embassy of Azerbaijan in Pakistan". وقت April 28, 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)


خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:Foreign relations of Pakistan سانچو:Foreign relations of Azerbaijan