نسل ڪُشي يا نسلي قتل عام(انگريزي: Genocide) ڄاڻي واڻي خاص طريقي سان ڪنهن ٻي ڌُر کي ناس ڪرڻ جو هڪ طريقو. گڏيل قومن جي قتل عام بابت ڪوٺايل ڪنوينشن (ڊسمبر 1948ع) جي شق- 2 مطابق: ڪنهن به قوميت، نسلي آباديءَ يا گروهه جي ميمبرن کي رٿابنديءَ سان قتل ڪرڻ، جسماني يا ذهني عذاب ڏيڻ، کين اولاد پيدا ڪرڻ کان منع ڪرڻ، سندس ٻارن کي هڪ نسلي گروهه ۾ منتقل ڪرڻ ۽ مختلف مرحلن يا هڪ ڌڪ ۾ ڪنهن نسلي گروهه کي سندس عقيدن ۽ نظرين جي ڪري ختم ڪرڻ وارو عمل ”قتل عام“ يا جينو سائيڊ چيو ويندو آهي. هن اصطلاح کي قانوني وضاحتن سان پهريون ڀيرو پولينڊ جي وڪيل ۽ دانشور ’رافيل ليمڪن‘ پيش ڪيو. انهن وضاحتن موجب ڪنهن به تڪرار ۾ هارايل يا ڪمزور ڌُر، ملڪ ۽ رياست تي پنهنجو ڌاڪو ويهارڻ يا اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فاتح مُلڪ اتي ڪنهن نسل جي آباديءَ جي قتل عام جهڙا انسان دشمن عمل ڪرائيندو آهي. قتل عام جو هڪ وڏو مقصد مخالف جي نسل کي ختم ڪري، کيس اقليت ۾ آڻڻ يا هيسائڻ پڻ هوندو آهي. تاريخ ۾ ان قسم جا ڏهڪائيندڙ مثال چنگيز، هلاڪو، هٽلر ۽ اسٽالن وغيره جون اُهي پاليسيون آهن، جن تحت سندن فوجن فتح ٿيل ملڪن ۾ اُتان جي آبادين مان نسلن جا نسل ختم ڪري ڇڏيا. موجوده دور ۾ سرب ڪٽر پرستن طرفان بوزنيا ۾ مسلمانن جي قتل عام وارا معاملا، عالمي سياست ۾ وڏي عرصي تائين چوٻول جو ڪارڻ رهيا. L[1]

نازي جي سوندرڪومانڊو جا ميمبر نسلڪش ڪيمپن ۾ کڏ ۾ يھودين جي لاشن کي ساڙيندي