گاج ندي

دادو ۾ هڪ برساتي ندي

گاج نئين انگريزي (Gaj River) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي دادو ضلعي تعلقي جوهيءَ جي وڏي برساتي نئين آهي. گاج لفظ جي لغوي معنى گوڙ، گرج، شور يا گجگوڙ آهي. انهي پسمنظر ۾ ئي ندي تي گاج نالو پيو.[1] [2]ڇاڪاڻ ته هي باراني ندي ساوڻي جي شديد بارشن ۾ جڏهن ميداني علائقي ۾ لهندي آهي تڏهن وڏي آواز، گوڙ ۽ هاسي سان لهندي آهي. ان جو شور ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. گاج نئين اولهندي جابلو علائقن مان وهندي اچي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. [2]

 
گاج ندي

بلوچستان جي خضدار ضلعي جي سمان تنگ، زِيدي ۽ ڪرخ جي جابلُو ايريا مان وهندڙ نَئيُون وهندين اچي ڪولاچي نئي ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، جڏهن ڪولاچي نئين اچي گاج ۾ پوي ٿي ته گاج کيرٿر پار ڪري درياهه جي رُوپ ۾ ٿخ لڪ وٽان ڪاڇي ڏانهن رُخ ڪري ٿي. نئي سمان تنگ، خضدار شهر جي اوڀر ۾ لڳ وهي هلندڙ نئي ڪوشڪ يا خضدار جي اُتر ۾ محمد خان زهري ڳوٺ وٽان گذرندڙ نئي باغبان، زيدي مان وهندڙ نئيُن ۽ ڪرخ جي علائقي مان وهندڙ نئي ڪرخ جو رخ به گاج ڏانهن آهي. اُهي نئيُون تمام وڏيون نئيُون آهن. 1995ع ۾ بلوچستان ۾ پوندڙ برساتُن ۾ انهن نئيُن جي پاڻي وهندي نه صرف بلوچستان جي خضدار ضلعي کي مفلوج ۽ متاثر بڻايو هو پر انهن جو ڇوڙ جڏهن گاج نئي وسيلي جوهي واري علائقي ۾ ٿيو هو ته سڄو علائقو خطرناڪ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. حالانڪه جوهي ۾ ڪي خاطر خواهه بارشُون به نه پيون هيون. اهو چوڻ درست نه آهي ته گاج ۾ ايران کان وهي هلندڙ نئيُن جو پاڻي پوي ٿو. ايران مان ايندڙ باراني پاڻي جو مختلف نئيُن وسيلي خاران، پنجگور، چاغي، ڪيچ مڪران ۽ گوادر ڏانهن وهڻ، جڏهن ته خضدار جي اولهندي نئي نال ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي وڍ کان وهندڙ نئي ٽُڪ جو ڇوڙ نئي پورالي ۾ ٿيڻ ۽ پورالي جو لسٻيلي ڏانهن وهي هلڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر اُن پاڻي جو اوڀر طرف سوين ميل جابلُو علائقا لتاڙي خضدار ۽ پوءِ گاج ڏانهن وهي اچڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.[2]

ٿخ جو لڪ ۽ ڪنب

سنواريو

ٿخ يا ٿک قديم لنگھ يا لڪ آهي جيڪو کيرٿر جبل وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي آهي. هن لنگھ يا لڪ وٽان قافلا سنڌ کان اولھ طرف ويندا هئا ۽ آهن. هن لڪ منجهان گاج نئي بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. هن لڪ يا لنگھ وٽ وڏو ڪنب آهي جنهن ۾ سدائين چشمن جو پاڻي رهي ٿو. ڪنب ۾ پاڻي اٽڪل 10 کان 20 فوٽ گهرو آهي جنهن ۾ مڇي تمام گهڻي ۽ وزن ۾ وڏي ٿئي ٿي. ٻِي آبي جيوت به ان پاڻي ۾ ٿئي ٿي. مقامي ماڻهن موجب ٿخ ڪنب ۾ واڳون به آهن. هت انگريز سرڪار ڪئمپ قائم ڪئي هئي جيڪا زبون حال موجود آهي.[3]

تاريخي پسمنظر

سنواريو

گاج قديم زماني کان وهندڙ برساتي ندي آهي. راورٽي ۽ ٻين مُحققن موجب قديم زماني ۾ سنڌُو جي هڪ وڏي ڇاڙ بکر کان نڪري موجودهڪنڌڪوٽڪشمور کان وهندي، هاڻوڪن قنبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن وارا علائقا لتاڙي مَنڇَر وٽان جابلُو علائقي جي جبلن سان ٽڪرائجي، ڪُن يا موڙ کائي، ڏکڻ طرف وهندي سيوهڻ جي به ڏکڻ ۾ لال باغ وٽان وهي وڃي سنڌُو سان ملندي هُئي. ڪاڇو به اُن ڇاڙ جوڙيو ته ڄاڻايل مٿين ضلعن ۾ ملندڙ ٻين سمورين ڍنڍن جيان مَنڇر به اُن درياهي ڇاڙ جي نتيجي ۾ وجُود ۾ آئي. ٻين جابلُو نئيُن وانگر گاج به يقينن اَوَل اُن درياهي ڇاڙ ۾ ڇوڙ ڪندي هُئي. اُن درياهي ڇاڙ جي ڪناري ڪيترن ئي پتڻن ۽ قديم بستين جا آثار پڻ موجود آهن. طبعي ۽ جاگرافيائي ڦيرڦار سبب جڏهن اها ڇاڙ سُڪي وئي ته گاج جو ڇوڙ هاڻوڪِي سُڪ نئي جي وهڪري سان پاٽ شريف ۽ کاٽ وٽان سئون سڌو سنڌو درياهه ۾ ٿيڻ لڳو. جڏهن انگريز دؤر ۾ اولهندو نارو نڪتو ته گاج جو ڇوڙ اولهندي ناري ۾ ٿيڻ لڳو. انهن دؤرن ۾ گاج جي اضافي پاڻي جو وهڪرو شول (سول) نئين وسيلي منڇر ڍنڍ ڏانهن به رهيو. 1932ع ۾ بئراج جُڙڻ کان پوءِ گاج ندي جو تِير بِتِ وسيلي مستقل رُخ منڇر ڏانهن موڙيو ويو.[2]

گاج آبپاشي ڊويزن

سنواريو

گاج خطرناڪ ٻوڏن جو سبب به بڻجندي رهي آهي پر قديم زماني کان زراعت جي به ضامن رهي آهي. ماهرن جي تحقيق ۽ ڄاڻ موجب سنڌ ۾ واحد باراني ندي آهي جنهن جو قديم زماني کان منفرد اِريگيشن سسٽم رهيو آهي. اهو نظام نه صرف برسات جي پاڻي وسيلي هلندو آيو آهي پر گاج ٻارهو وهندڙ نئي آهي. گاج وسيلي قدرتي چشمن جو وهي ايندڙ پاڻي تي به پراڻي وقت کان پوکي راهي ٿيندي رهي آهي.ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ته واهن جو نظام تشڪيل ڏنو ويو جنهن کي انگرازن سنواريو ۽ سُڌاريو ۽ گاج اريگيشن سسٽم کي ڊويزن طور هلايو. اهو سسٽم پاڪستان جُڙڻ کان پوءِ به روان رهيو.[4]

مڏ آبپاشي نظام

سنواريو

گاج وسيلي چشمن جي انهي پاڻي تي ميداني علائقي ۾ واهن وسيلي آبادي ٿيندي رهي آهي، گاج تي مڏ آبپاشي نظام اڄ به رائج آهي. مقامي ماڻهو جابلو علائقي ۾ گاج جي وهڪري تي مَڏُ سسٽم وسيلي چشمن وارو پاڻي لفٽ ڪري اُتي ننڍيُون وڏيُون ماٿريُون پڻ آڳاٽي دؤر کان آباد ڪندا آيا آهن جيڪو اڃا تائين فعال نه ٿي سگهيو آهي.[5][2][3]

گاج ڊيم

سنواريو

گاج ندي تي حُڪومت پاڪستان نئي گاج ڊيم تعمير ڪرايو آهي.[6][2]

گاج سبب ٻوڏون ۽ بچاءُ بند

سنواريو

بلوچستان مان ايندڙ گاج جو وهڪرو ٻوڏن جو ڪارڻ بڻجي ٿو. تاريخي طور ٻوڏ کان آيل بچاءُ بند جنهن کي ايف پي بند سڏجي ٿو سو انگريزن جي دور ۾ 1932ع ۾جوڙيو ويو هو ،تڏهن بئراج نڪتا ۽ بئراج آبپاشي نظام پڻ جڙيو هو. بئراج ايراضي ۾ ڳوٺن ۽ ان وقت ۾ ٿيندڙ فصلن کي برساتي نئين جي پاڻي لوڙهڻ ۽ ٻوڙڻ شروع ڪيو. تڏهوڪي زماني ۾ گاج آبپاشي نظام پڻ جڙيو ۽ گاج اريگيش ڊويزن به هئي جنهن جي جوهي شهر ۾ الڳ آفيس پڻ هوندي هئي ۽ گاج ڪناري گاج ايريگيشن بنگلا به ان جي انتظام هيٺ هوندا هئا جيڪي اڄ ڀڙڀانگ ۽ ڀينگ لڳا پيا آهن. گاج ايريگيشن نظام جو عملو گاج نئين جي پاڻي کي مانيٽر ڪندو هو ۽ تير ڀت جي مرمت ۽ سار سنڀال به ڪندو هو. انگريز سرڪار طرفان گاج نئين کي تير ڀت (Diversion Bund) جي وسيلي نئين سول يا شول جي وهڪري ۾ موڙيو ويو ۽ نئين گاج جو اصل وهڪرو سڪ نئين سڏجڻ شروع ٿيو ڇاڪاڻ ته نئين گاج جو اصل اوڀر طرف وهڪرو بند اچڻ سبب سڪي ويو ۽ شول نئين جي وهڪري ۾ وهڻ لڳي. ٻوڏ کان بچاءُ بند ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي تعلقي قبو سعيد خان جي علائقي چکي کان شروع ٿئي ٿو ۽ دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي حدن ۾ منڇر سان ملي ٿو. برساتي نئيون ڪاڇي ۾ سڪار جون آمين آهن پر جڏهن اهي بند ٽوڙي وھڻ لڳن ٿيون ته انهن جو پاڻي آفت جي صورت اختيار ڪري آس پاس جا ڳوٺ ٻوڙي بچاءُ بند سان ٽڪرائجي منڇر ڍنڍ ڏانهن وھڻ شروع ڪندو آهي ۽ منڇر به موج ۾ اچي ويندي آهي. سو به تڏهن ممڪن هوندو آهي جڏهن بچاءُ بند مضبوط هوندو آهي. ٻي صورت ۾ بئراج ايريا وارن ڳوٺن ۽ شهرن جي ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ ٿي ويندو آهي. ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو آهي. کيرٿر جابلو سلسلي منجهان شهدادڪوٽ کان دادو تائين وهندڙ کوڙ نئيون ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ پون ٿيون. انهن نئين جو رخ اولھه کان اوڀر طرف آهي. انهن سمورين نئين جا نالا ياد ناهن پر انهن نئين ۾ سيتا نئي، سائين نئي، مزناڻي نئين، سالاري نئي، دلان نئي، کُڙٻي نئين، مکي نئي ، گاج نئين، سول نئين، تڪي نئين، سوري نئين، نلي نئين، ڪڪڙاني نئين، طوق قاسم نئين، هليلي نئين، کنڌاني نئين،انگئي نئين،نئيگ نئين اهم آهن. انهن مذڪوره نئين ۾ وري تاريخ ۽ تهذيبي طور سيتا نئين، مزناڻي نئين ،سالاري نئين ، گاج نئين، نلي نئين ۽ ڪڪڙاني نئين وڌيڪ اهم آهن. انهن نئيُن جي ڍورن ويجهو پٿرن ۽ جبلن تي قديم چٽسالي ملي آهي. نئي گاج ۽ نئين نلي ته انهي قديم چٽسالي ۾ شاهوڪار آهن. انهن نئيُن وٽ پٿرن تي ٿيل قديم چٽسالي سنڌ جو اهم تهذيبي ۽ تاريخي ورثو آهي. پٿرن تي قديم چٽسالي جو سبب انهن نئيُن جي پيٽ ۾ يا انهن ڀرسان ٻارهوئي وهندڙ پاڻي جا ڪيترائي چشما به آهن ته برسات جو پاڻي به وڏن ڍورن ۾ تلاءُ جي صورت ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين بيٺل هوندو آهي. گاج نئين ته قديم تهذيب جو گهوارو آهي. گاج بلوچستان جي ضلعي خضدار مان وهندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ توڙي بلوچستان ۾ گاج ڪناري قديم بستيون آباد هيون. گاج جي ٻنهي ڪنارن تي قديم قلعن ۽ دڙن جا آثار موجود آھن. گاج سڀني نئيُن ۾ اهم آهي جيڪا جوهي تعلقي واري ڪاڇي جي علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جنهن تي اندر جبلن ۾ مڏ آبپاشي نظام وسيلي آبادي ڪئي ويندي آهي ۽ اهو آبپاشي نظام به نهايت قديم آهي.گاج جو وهڪرو بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي خضدار جي علائقي ڪرخ کان به اتر ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ موڙ کائي اوڀر طرف وھڻ لڳي ٿو. ضلعي خضدار جي 2 نئيُن ڪوشڪ ۽ سمان تنگ جو وهڪرو سڌو ڪولاچي نئين ۾ پوي ٿو. باغبان واريون نئيون وري کٽان نئين ۾ پون ٿيون جيڪا پڻ ڪولاچي نئين ۾ پوي ٿي. سڀ نئيون ڪولاچي نئين جي وهڪري ذريعي ڪرخ واري علائقي مان وهي نڪرندڙ گاج نئين ۾ ملن ٿيون. جت ڪولاچي ۽ گاج نئين ملن ٿيون ان ماڳ کي گاج-ڪولاچي سڏجي ٿو. اهي سڀ نئيون درياھه آهن. جڏهن گاج اتان نڪري ٿي ته سنڌو درياھ بڻجي وڌندي آهي. ڪرخ وٽ ڊيم آهي جيڪو سال 2020ع جي بارشن ۾ ٽٽي گاج جي وهڪري ۾ پيو آهي. خضدار ۾ جڏهن بارشون شديد پونديون آهن تڏهن گاج خطرناڪ حد کي ڇهندي آهي ۽ سنڌ ۾ داخل ٿي تباهي مچائيندي آهي. 1984ع ۾ به بارشن ۾ اهڙوئي پاڻي هو پر بچاءُ بند مضبوط هئڻ سبب وهڪرو سلامتي سان منڇر ۾ پيو ۽ منڇر موج ۾ آئي. 1995ع خضدار جي علائقي ۾ شديد بارش پئي ته گاج نئين درياھه ٿي اٿلي جوهي تعلقي کي جاني ۽ مالي نقصان رسايو هو. اٽڪل 25 سال بعد وري هيل گاج خطرناڪ انداز ۾ وهي آئي آهي. 1995ع ۾ سنڌ خاص طور جوهيءُ ۾ مينهن ڦڙي ڪانه پئي هئي پر سال 2020ع ۾ سنڌ ۾ به مينهن پيو ۽ ٻيون نئيون به تارو تار وهيون جنهنڪري پاڻي جو دٻاءُ نئيُن ۾ وڌيو ته اٿلي وھڻ لڳيون ته پاڻي بچاءُ بند اچي لڳو. بچاءُ بند جي خاطر خواھه مرمت نه ٿي جنهن ڪري ٽٽي بئراج ايريا ۾ ڪاهي پيو آهي. ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي، روڊ لوڙهي چڪو آهي. 1976ع ۾ ٻوڏ بچاءُ بند لوڙهيو هو ۽ جوهي ۽ دادو تعلقا متاثر ٿيا هئا. 2007ع ۾ به وري ساڳي درياهي وهڪري جي ٻوڏ آئي جنهن جو پاڻي قمبر شهدادڪوٽ کان دادو تائين بچاءُ بند ڏئي منڇر ۾ پيو. تڏهن بچاءُ بند دٻاءُ برداشت ڪري ويو هو. 2010ع واري مها ٻوڏ جوهي تعلقي ۾ ڪاڇي ۾ بچاءُ بند سان نيڪال ڪرڻ بجاءِ جوهي بئراج منجهان نيڪال ڪيو ويو جنهن ۾ خيرپورناٿن غرق ٿيو ۽ جوهي بئراج کي ڪٽ ڏئي جوهيءُ تعلقي کي به لوڙهيو ويو. جوهي شهر ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت بچايو.[1][3]