اولهندو نارو
اولهندو ناروانگريزي ٻولي (Western Nara Canal) سنڌو درياھ جي اولهندي پاسي نڪرندڙ وڏي ڇاڙ هئي جيڪا اُتر کان ڪشمور ڪنڌڪوٽ وٽان وهنديڪاڇو جي علائقي منجهانکيرٿر جبل ڀرسانمنڇر ڍنڍ ۾ پوندي هئي ۽ پوءِ موڙ کائي اوڀر طرف وهيسيوهڻ جي ڏکڻ ۾ وڃي سنڌ درياھ ۾ پوندي هئي. بعد ۾ ان ڇاڙ جو وهڪرو بند ٿي ويو پر ان وهڪري يا پيٽ سان هٿرادو طرح درياھ منجهان وڏو واھ وهائيو ويو جيڪولاڙڪاڻو کان مٿان درياھ مان نڪري منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان کي اولهندو نارو سڏيو ويو. وروڪڙن جي ڪري ان کي نانگ نارو به ڪوٺيو ويو. ساوڻي جي برساتن ۾ موج سان وهندو هو. اولهندي ناري مان ڪُورُون ۽ ڪڙيا نڪرندا هئا جنهن تي آبادي ٿيندي هئي. انگريز دور ۾ اولهندي ناري تي جام آبادي ٿيندي هئي.[1][2][3]
حوالا
سنواريو- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-09-02.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Mehran)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-09-02.
- ↑ "ڪاڇو هڪ اڀياس - Howling Pixel". howlingpixel.com. حاصل ڪيل 2019-09-02.