نورا مينگل انگریزي (Noora Mengal) برطانوي هندستان ۾ پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ پيدا ٿيندڙ محب وطن گوريلو هو جنهن انگريزن خلاف آزادي لاءِ گوريلا ويڙھ ڪئي۔

زندگي جو احوال سنواريو

نورا مينگل جو پورو نالو نور محمد ولد حمزه پهلوانزئي مينگل هو۔ پهلوانزئي مينگل قبيلي جي هڪ نُک يا پاڙو آهي جنهن جو هاڻ سردار اختر مينگل آهي۔ نورا مينگل پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي جھلاوان (ڏکڻ) جي علائقي وادي پليماس، تعلقو وڍ، خضدار ضلعو ۾ پيدا ٿيو۔ نورا انگريزن جي اٽڪلن کي سمجهڻ ۽ هٿيار بازي تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ وڍ شهر ۾ مقرر ٿيو.[1]

گوريلا جنگ سنواريو

جڏهن مينگل قبيلي جي چيف سردار شڪر خان ۽ سندس پُٽ مير نورالدين مينگل کي انگريزن گرفتار ڪري ڪوئٽا جيل ۾ قيد ڪيو ته اِها خبر بلوچستان ۾ پکڙجي وئي. وڍ جي علائقي ۾ مينگل قبيلي جي مُک پاڙي سان تعلق رکندڙ نورا پهلوانزئي مينگل مڇرجي پيو. 1910ع ۾ نورا ساٿين سميت بغاوت ڪئي ۽ پهاڙن ۾ لڪي گوريلا جنگ ڪندي انگريزن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. سندس گوريلا جنگ جو دائرو جھلاوان بلوچستان کان لسٻيلو تائين پکڙجي ويو. نورا مينگل تي دٻاءُ وڌيو ته 1919ع ۾ افغانستان نڪرڻ جي ڪيائين پر چيف سردار مير حبيب الله نوشيروان پنهنجي ماڻهن هٿان کيس گرفتار ڪري انگريزن حوالي ڪيو. ڪن مورخن سندس گرفتاري 1917ع ڄاڻائي آهي. نورا مينگل کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.[2][3][4]

وفات سنواريو

نورا مينگل 30 آگسٽ 1921ع تي انگريزن جي حيدرآباد سنڌ واري جيل ۾ وفات ڪري ويو.[5]

حوالا سنواريو