سردار اختر مينگل انگريزي ٻولي (Sardar Akhtar Mengal) بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جو صدر ۽ نامياري سياستدان عطاءُ الله مينگل جو پٽ آهي. سيپٽمبر 2008ع ۾ اختر مينگل کي اٽڪل 700 ڪارڪنن سميت گرفتار ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو هو مشرف حڪومت خلاف لانگ مارچ جي تياري ڪري رهيو هو. 9 مئي 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ حڪومت ۾ اچڻ تي کين آزاد ڪيو ۽ سندس خلاف سمورا الزام واپس ورتا ويا.[1]

اختر مينگل

سردار اختر مينگل بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل گروپ) جو چيئرمين پڻ آهي. هيءُ 1997ع ۽ 1998ع جي وچ واري عرصي ۾ بلوچستان جو وزير اعلي پڻ رهيو آهي.

زندگي جو احوال سنواريو

پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي خضدار ضلعو جي وڍ تعلقو جي شهر وڍ ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي گهر ۾ پيدا ٿيو جيڪو به هڪ سياسي رهنما ۽ بلوچستان جو وزير اعلي رهيو آهي.[2] اختر مينگل 2018ع جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.

سياسي شروعات سنواريو

اختر مينگل 1997ع ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ وزير اعلي جو قلمدان سنڀاليائين.[3] اختر مينگل 2018ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.[4]

حوالا سنواريو

  1. اختر مينگل : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. Cowasjee, Ardeshir. "The man in the iron cage". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  3. Shah, Syed Ali. "Sardar Mengal to take oath as Balochistan MPA today". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-10. 
  4. "National Assembly of Pakistan". na.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-07-10.