ميان نصير محمد ڪلھوڙو

ميان نصير محمد ڪلهوڙو جي مزار

ميان نصير محمد ڪلھوڙو انگريزي (Mian Naseer Muhammad Kalhoro) سنڌ ۾ ڪلهوڙا خاندان جو پهريون فرد هو جنهن سنڌ ۾ ڪلهوڙاخاندان جي جهڙوڪر حڪمرانيءَ جي شروعات ڪئي. مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب تحفته الڪرام (Tuhfatul Kiraam) ۾ ڄاڻيل آھي ته: ميان شاھل محمد جي شھادت کان پوءِ سندس ڀائيٽو، ميان نصير محمد، 1068 ھه بمطابق 1657ع ۾ پنھنجي بزرگن جي ڪرسيءَ تي ويٺو. ھيءُ پنھنجي بزرگن کان به گوءِ کڻي ويو. سندس ھمعصر ھِن جي جماعت ڏسي ساڙ کائڻ لڳا: نيٺ مقامي ماڻھو جنگ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ بکر (Bakkhar) جي مغلن کي ھنن تي چاڙھي آيا. اُن ڪري فقير نصير محمد (Faqeer Naseer Muhammad) ٿر ڏانھن ھليو ويو، پر اُتي پوک جي انتظام نه ھئڻ ڪري ھو وري موٽي پنھورن جي علائقي ۾ آيو. مير پنھورن جو سردار فقير صاحب کي تڙي ڪڍڻ لاءِ بکر جي حاڪم جي صلاح سان وڏي لشڪر سان ڪاھي آيو. ان لشڪر ۾ پتي پٺاڻ سبيءَ جو حاڪم مرزا خان به شريڪ ھو. ڪجهه جھڙپن کان پوءِ اُھو پٺاڻ حاڪم صلح جي بھاني سان فقير صاحب کي قيد ڪري، بادشاھه عالمگير وٽ وٺي ويو. ميان نصير محمد ڪلھوڙو اتي ڳچ عرصو قيد رھيو. پٺيان سندس فقيرن تي ڪيترا ڀيرا مغلن حملا ڪيا ته جيئن ھيءُ مذھبي روپ ۾ قومي سنڌي تحريڪ بلڪل ختم ٿي وڃي. انھيءَ وچ ۾ ميان نصير محمد به مغلن جي قيد مان ڀڄي نڪتو ۽ پنھنجي وطن پھچي ويو. اِھي حالتون ڏسي، سنڌي ماڻھو سندس چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا.

فقير نصير محمد پنھورن جي اھڙي علائقي ۾ اچي رھيو، جنھن جي ھڪ طرف جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي ھو، اتي ھن ڳوٺ ڳاڙهي (Garhi) آباد ڪيو جيڪو ڳوٺ اڄ به گاج ندي (نئي گاج) جي ڪناري، خيرپور ناٿن شاه تعلقو، دادو ضلعو ۾ موجود آهي. هن ڳوٺ وٽ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي جوڙايل مسجد به موجود آهي. پنھنجو اصلي علائقو ”فوجي فقير“ ۽ ڪاڇو، عنايت فقير کي ڏنائين. سندس اُھي فقير، جيڪي اڳي تجرد واري زندگي گذاريندا ھئا، سي شاديون ڪري عيالدار ٿي پيا ۽ ملڪ ۽ زمين وڌائڻ جو فڪر ڪرڻ لڳا ۽ مير يعقوب بکر جي حاڪم کي زبردست شڪست ڏنائون. اھڙيءَ ريت، مغلن جي اقتدار جي حامين سان ڪيترين جنگين ۾ فقيرن کي سوڀ نصيب ٿي. نيٺ ھنن لاکاٽ پرڳڻو (Laakkhaat pargginno) مغلن کان مقاطعي تي ورتو ۽ ساھتي پرڳڻي تي طاقت سان قبضو ڪري ورتائون. انھيءَ پرڳڻي ۾ ڪلھوڙن جي ھڪ فقير ”فيروز ويرڙ“ نئون شھر ٻَڌايو، جيڪو اڳتي ھلي 'نوشهرو فيروز (Naushahro Feroz) جي نالي سان مشھور ٿيو. انھيءَ ريت ميان نصير محمد جي مريدن، سنڌ تي ھڪ قِسم جو اقتدار حاصل ڪري ورتو. ميان نصير محمد ڪلھوڙو 1103ھ بمطابق 1692ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو ڳوٺ ڳاڙهي کان اولهه ۾ سندس نالي پٺيان قبرستان ۾ آهي جيڪو ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۾ آهي. قبرستان ڀرسان ڳوٺ به سندس نالي پويان سڏجي ٿو. اھي ڪوششون، سنڌ ۾ قومي حڪومت جي قيام لاءِ پِيڙھه وارو پٿر ھيون، جن ۾ ميان نصير محمد جي درويشاڻي اڳواڻيءَ کي وڏو دخل آھي. [1][2]

حوالا سنواريو

  1. سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-23 
  2. ڪتاب: سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ، ليکڪ: عبدالواحد آريسر