ظفر(انگريزي: Zafar ) - (جنم:15 مئي 1969 وفات: 08 ڊسمبر 2021) سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار ۽ سنڌ دوست ٿي گذريو آهي. سنڌ جي هن ڪھاڻيڪار جو اصل نالو گل حسن هو، پر ادب جي دنيا ۾ هو ’ظفر‘ جي نالي سان مقبول ٿيو.[1][2]

سنڌي ظفر
پيدائش گل حسن لغاري
15 مئي 1969(1969-05-15)
ڳوٺ بجراڻي لغاري، مورو ، سنڌ
وفات 8 ڊسمبر 2021 (عمر 52 سال)
ڄامشورو ۽ تدفين : مورو ۾ يار محمد شاھ قبرستان
قلمي نالو "ظفر"
ڌنڌو ليکڪ، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار
قوميت سنڌي
مُکيه ڪم ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو (ڪھاڻيون)
اولاد ٻہ نياڻيون
ويبسائيٽ
https://writerzafar.blogspot.com/

خاندان سنواريو

سندس والد جو نالو منظور حسين لغاري ۽ ڏاڏي جو ميوو خان لغاري هو، جيڪو مورو ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري جو پھريو استاد ٿي گذريو[3][4][5]

ننڍپڻ ۽ تعليم سنواريو

هن 15 مئي 1969ع تي مورو ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ جنم ورتو[3]. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شادي خان ڍلو مورو، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو ۽ انٽرميڊيئٽ 1988ع ۾ گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان حاصل ڪئي، پاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان 1997ع ۾ پلانٽ بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس ۾ ايم ايس سي ڪيائين.

سنڌي ادب سنواريو

سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ جي حوالي سان منفرد ڪم ڪيو. ھُن لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي، سندس پھرين ڪھاڻي ”حر ۾ سپون جيئن“ عبرت مئگزين ۾ ڇپي. ان کان پوءِ سندس 19 ڪھاڻين تي مشتمل ڪتابي مجموعو ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو“ آگسٽ 2000ع ۾ سنڌي ساھت گھر طرفان ڇپيو.[6][7]

ڪتابن جا ترجما سنواريو

سندس سائنس جي ترجمي تي مشتمل هيٺيان پنج ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.[8]

  1. سقراط ـــ ڪورا ميسن، سيپٽمبر 2004ع
  2. سگمنڊ فرائيڊ تورا ڪنيہ قاضي، مارچ 2005ع
  3. جديد سائنس (حال ۽ مستقبل) ـــ آئزڪ اسيموف، جون 2005ع
  4. سائنس ۽ سماج ـــ ڊاڪٽر سريو پرشاد گپتا، سيپٽمبر 2005
  5. يادگار شخصيتون ـــ جواھر لال نھرو، جنوري 2006

ذاتي زندگي سنواريو

ظفر جي شادي 22 فيبروري 1993ع ۾ ايس ناز سنڌو سان ٿي. جنهن مان کيس ٻہ نياڻيون ڪائتاب ۽ خوشي ڄايون. پاڻ 10 آڪٽوبر 1998ع ۾ ”اپالو چلڊرين“ نالي اسڪول کوليائين. اُن دور ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو رجحان گھٽ ھجڻ باوجود محدود فيس رکيائين ۽ ڪجهه ٻارن کي مفت پڻ داخلا ڏنائين ـ

وفات سنواريو

ڪجهه وقت کان طبيعت ناساز رھي، 05 ڊسمبر 2021ع تي طبيعت گھڻي خراب ٿيڻ سبب لمس اسپتال ڄامشورو ايڊمٽ ڪيو ويو، جتي ٻئي ڏينھن ڪورونا جو نتيجو ھاڪاري اچڻ کان پوءِ 08 ڊسمبر 2021ع تي ھميشہ لاءِ ڀونءِ ڇڏي ويو.[9]

حوالا سنواريو