راشد مورائي (انگريزي ٻولي: Rashid Morai)، اصل نالو سيد راشد علي شاھ، 5 مارچ 1944ع ۾ ڳوٺ جوڙالو تعلقو مورو ضلعو نوشهروفيرزو ۾ ڄائو. پاڻ شاعر، ليکڪ ۽ اُستاد هيو. هن 24 مارچ 2014ع ۾ وفات ڪئي

Rashid Morai
سنڌي: راشد مورائي
پيدائش سيد راشد علي شاھ

05 مارچ 1944(1944-03-05)
ڳوٺ جوڙالو تعلقو مورو ضلعو نوشهروفيروز سنڌ، برصغير
وفات 24 مارچ 2014 (عمر 70 سال)
قلمي نالو "راشد"
ڌنڌو شاعر ، استاد
تعليم ماسٽرس آف آرٽس
صنف انقلابي قومي
موضوع شاعري
مُکيه ڪم شاعريءَ جا ڪتاب
ايوارڊ لطيف ايوارڊ
رشتيدار سيد روشن علي شاھ (ڀاءُ) ، سيد معصوم علي شاھ (ڀاءُ)

شروعاتي زندگي سنواريو

راشد مورائيءَ جو والد سيد سعيدعلي ”خادم“ پڻ هڪ لوڪ ڪلاسيڪل شاعر هيو جيڪو دريائي ٻوڏ اچڻ کانپوءِ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي موري ۾ رهائش پذير ٿي ۽ پوءِ اتي ئي رهڻ لڳو.[1]

تعليم سنواريو

راشد مورائيءَ ماسٽرس آف آرٽس ۽ بيچلر آف ايجوڪيشن جي ڊگري حاصل ڪري تعليمي شعبي سان وابسته ٿي ويو، پاڻ پهرين هڪ اُستاد طور ڀرتي ٿيو.


تصنيفون سنواريو

سندس مشهور ڪتابن ۾ : سنڌڙيءَ جو سودو (1970)، مهنديءَ سندا گيت (1986) ۽ دل جو شهر (1993) آهن ۽ لک ڀڳ 50 ڪتاب اڃا به ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن.

ايوارڊ سنواريو

He received several awards like: Marvi Academy Medal, Latif Award, Sindhi Adabi Sangat Award etc.[2]

وفات سنواريو

راشد مورائي 24 مارچ 2014ع ۾ گذاري ويو[3][4]

لنڪ سنواريو

حوالا سنواريو