سنڌو درياھ

ايشيا ۾ درياھ
(سنڌو درياءُ کان چوريل)

سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“ ، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.

سنڌو درياءَ

سنڌوندي جي پاڪستان ۽ انڊيا جي طاس (ميداني علائقي) جو سيٽلائيٽ وارو نقشو
(بين الاقوامي سرحد نقشي مٿان ليڪيل)

سنڌوندي جي ميداني علائقي جو نقشو جنھن ۾ رڻ ڪڇ واريون شاخون ڏيکاريل ناھن
ٻيو  نالو مھراڻ
انڊس
ملڪ چين، انڊيا، پاڪستان
رياست جمون ۽ ڪشمير, پنجاب, خيبرپختونخوا, سنڌ, گلگت بلتستان, تبت
شھر ليھ, اسڪردو, بيشم , ٿاڪوٽ, صوابي, ديرہ اسماعيل خان, سکر, حيدرآباد
طبعي خصوصیتون
بنیادي ماخذ سينگجئنگبو
تبت وارو مٿاھون پٽ
ٻيو ماخذ گار سينگپو
دریاء جو منھن عربي سمنڊ (شروعاتي), ڪڇ جو رڻ (پويون)
سنڌوندي جي ڊيلٽا (شروعاتي), ڪوري ڪريڪ (پويون)، پاڪستان، انڊيا
0 m (0 ft)
23°59′40″N 67°25′51″E / 23.99444°N 67.43083°E / 23.99444; 67.43083
ڊيگھ 2٬880 km (1٬790 mi)
پاڻي جو نيڪال
  • مقام:
    عربي سمنڊ
  • گھٽ ۾ گھٽ شرح:
    1٬200 m3/s (42٬000 cu ft/s)
  • سراسري شرح:
    6٬600 m3/s (230٬000 cu ft/s)
  • وڌ ۾ وڌ شرح:
    58٬000 m3/s (2٬000٬000 cu ft/s)
طاس جا تفصيل
طاس جي ماپ 1٬165٬000 km2 (450٬000 sq mi)
ڇوڙ ڪندڙ شاخون

اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌو ديس“، عرب جاگرافيدان مهراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديس“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن. قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الهندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون.“ سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پهاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿي.“ سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واهه ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنهن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.

سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.

سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، سا هماليه جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جون پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تهذيبي دؤر ۾ موجوده سنڌ ۾ سنڌو ندي ٻن حصن ۾ وهندي هئي. ان جي اولهه واري شاخ ليمون جوڻيجي کان اولهه طرف وهندي لوهم جو دڙي، لوهري، آمري جي ڀرسان لنگهندي، حيدرآباد وٽان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي. هاڪڙو کي سنڌوندي مان پاڻي ٻن هنڌن تان ملندو هو. هڪ ڪشمور واري شاخ ۽ ٻيو سکر واري شاخ مان. [1][2]

سنڌوجو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي. سنڌ صوبي م سنڌوندي جي ڊيگھ 750 ڪلوميٽر آهي[3].

سنڌو لفظ جو مطلب

سنواريو

سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. آڳاٽي دور ۾ ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي. جنهنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيس.
لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنهن جو مطلب آهي وهڻ. جڏهن ته ٻي راءِ موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ جنهن جو مطلب آهي رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. انهن ٻنهي مان پهريون مفهوم عالمن جي نظر ۾ وڌيڪ درست لڳي ٿو.
ايرانين جو اچار لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب ته ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو ويو. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونه ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو تنهنڪري چيو ويو هندو ـ آسٿان جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“ اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“.
سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“، ڪن تاريخدانن ان جي مطلب کي ڦيرائي ”ڪارو“ يا ”چور“ ظاهر ڪيو آهي. هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون ته هندستان جو مطلب ڦري ٿيو ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفهوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي.[4][5]سنسڪرت زبان ۾ سنڌو لفظ جي معنيَ آهي سمنڊ، ان جو ڌاتو يا بنياد معنيٰ آهي ”سيند“ معنيٰ وهڻ. جنهن ڪري سنڌو نديءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي.“ هن کي اڳي مهراڻ ڪري سڏيندا هئا. اهو وري سٿين يا تاتارين جو نالو ڏنل آهي. سنسڪرت ۾ ”مهارڻو“ لفظ برابر آهي. مها معنيٰ وڏو. ارڻو معنيٰ جل يا سمنڊ يعني وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي، پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو. جنهن ڪري کيس مهراڻ چوندا هئا[6]

ڀاشا ۾ شبدن جو ارٿ ھجي ٿو ۽ شبد پنهنجي سنسڪرتي سان جُڙيل ھجن ٿا. اسان جي مُوڙھ مَتِيَن توپ دانشورن کي ڪير سمجھائي جن سنڌو ندي (Sindhu Nadi/ Indus river) کي پِيءُ يا ديوتا سڏڻ شروع ڪيو آهن. سنڌو ندي ماءُ يا ديوي ٿي سگهي ٿي، پيءُ يا ديوتا نه. اھا ڀرانتي رڳو ان ڪري ٿي آهي ته سنڌي ڀاشا ۾ سنڌو ھڪ نَدِي آهي ۽ نَدِي شبد استريلنگ (مونث) آهي. دريا فارسي شبد آهي ۽ پُلنگ (مذڪر) آهي. تنهن ڪري سنڌو کي دريا جي بدران سنڌو ندي چوڻ کپي.

سنڌو جي وهڪري جي تبديلي

سنواريو

سنڌو، حيدرآباد جي اوسي پاسي گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رسي آهي. سڪندر جي حملي کان هزار سال پوءِ، جڏهن عربن سنڌ کي فتح ڪيو، ته سنڌو ان وقت گهڻو اوڀر طرف ڇوڙ واري علائقي جي مٿيئن راڄڌاني ڀرسان وهندي هئي. ميان غلام محمد ڪلهوڙي جي دور سان واڳيل جيڪي دلچسپ واقعا آهن، تن ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري جي تبديلي اهم آهي. جيڪا 59 – 1758ع ۾ آئي. اڳين صدي دوران سنڌوءَ درياهه جو مکيه وهڪرو ته پنهنجو اصلي پيٽ ڇڏي پورو هڪ سئو ميل پنهنجو رخ مٽائي ويو، ۽ ساڳئي وقت ريڻ وارو وهڪرو به سُڪي ويو، جيڪو سنڌو جي هاڻوڪي وهڪري کان پورا ستر ميل پري هو. سنڌو درياهه پنجويهه ڊگريون، ۽ چاليهه فوٽ ڊگهائي ۽ اٺهٺ ڊگريون ۽ ايڪٽيهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ وٽان هڪدم وڪڙ ڪري، اولهه ڏانهن وهڻ لڳو ۽ ڏکڻ – اوڀر ڏانهن وهندڙ اڳيون وهڪرو بند ٿي ويو. رخ بدلائڻ کان اڳ ۾ نصرپور واري وهڪري ۾ ٿورن سالن تائين پاڻي هوريان هوريان گهٽبو ويو ۽ نيٺ بند ٿي ويو. انهي ڏس ۾ سر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب هسٽري آف سنڌ ۾ لکي ٿو ته: ” سنڌو درياهه جي درياهي وهڪري جي تبديلي بابت جڏهن حيدرآباد جي هڪ جهونڙيءَ کان پڇيم، تڏهن وراڻيائين ته ”سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ گدو بندر ڪوٽڙي جي سامهون درياهه تانگهو ٿي ويندو هو.“ ڪئپٽن برٽن کي هي ڄاڻ 1884ع ۾ ملي. انهي ڳالهه جي ليکي سان اُن جهونڙي جو پيءُ ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ جي حقيقتن کان ضرور واقف هوندو. لڳي ٿو ته ان زماني ۾ نصرپور وارو وهڪرو هوريان هوريان سُڪندو پئي ويو ۽ اولهه واري نئين وهڪري ۾ هوريا هوريان پاڻي وڌيو پئي. تنهنڪري امڪان آهي، ته ڪنهن موسم ۾ درياهه تانگهو ٿي ويندو هوندو ۽ پوڙهيءَ جي بيان ڪيل حقيقت بلڪل صحيح آهي.

هن وڏي تبديليءَ سنڌو درياهه کي، اولاهين ٽڪرائي علائقي جي دنگ سان موجود لٽاسي خطي ۾ آڻي بيهاريو. سندس ڇڏيل ۽ هاڻوڪي وهڪري جي وچ ۾ ستر ملين جي وٿي آهي. تڏهن کان وٺي هاڻوڪي دور تائين درياهه ڪنارو پائيندو وڃي ٽڪرين جي بلڪل ڪڇ ۾ پيو آهي. مٿيون جابلو علائقو اولهه کان اوڀر ڏانهن لهندو ۽ لهوارو ٿيندو وڃي ٿو. اهڙي ريت سيوهڻ کان ٺٽي تائين درياهه کي اولهه ڏانهن سرڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانهي.

ريڻ وهڪري جي سڪي وڃڻ جي ڪري، سندس پاڻي تي آباد ٿيندڙ علائقي کي ڏاڍو هاڃو رسيو، پر ڦليلي ڦاٽ جي پاڻي ان برپٽ واري جُوءِ کي سائو ستابو ڪري ڪجهه پورائو ڪيو. هيءَ ڇاڙهه حيدرآباد کان ڏهه ميل اُتر سنڌوءَ مان ڇڄندي هئي ۽ گنجي ٽڪر جي اوڀارين ڪڇ ڏئي سنڌو جو پراڻو پيٽ اُڪري، وڃي ريڻ واري ڇڏيل وهڪري ۾ پوندي هئي ۽ ڪيترن ميلن جي پنڌ تائين اُن جي پراڻي پيٽ مان به وهندي هئي. جنهن ماڳ وٽان ڦليلي ڦاٽ درياهه جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو، اتان ئي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعات سمجهڻ گهرجي. ڇو ته وهڪرو درياهه کان ڇڄڻ کان پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين وري ڪٿي به سنڌو سان ڪونه ٿو ملي. جڏهن ته وچ تي ڪٿي کيس گونيءَ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. سندس روپ آبپاشيءَ جي هڪ وڏي واهه جهڙو هوندو آهي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي رڳو ڦليلي جي هتان وهڻ ڪارڻ حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. انهي کان اڳ ۾ هن 60- 1762ع ۾ شاهپور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو، ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي، جتي درياهه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي. سندس ڀاءُ مرادياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌاني جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي پائي کڻي ويو هو، تنهنڪري کيس ڊپ ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ ماڳ تي هجڻ گهُرجي. مٿيون مراد آباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو، جيڪو 57- 1756ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مرادياب خان ۽ سندس ٻن پُٽن ٻيڙي ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. پوءِ اُتر ۾ سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اُهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلين ڪري آئي، يا ٿي سگهي ٿو، ته هن وڏي ٻوڏ ڪري مٿيون درياهي تبديليون اچي ويون هيون.

عطا محمد ڀنڀرو، تيرون ڪوٽ ۽ مورخن جا مونجهار ۾ لکي ٿو ته نيرون (حيدرآباد) جي ماڳن وٽ ڪونه هو، ڇو ته حيدرآباد وارو ماڳ نصرپور واري سنڌوءَ جي وهڪري کان ويهارو ميل اولهه ۾ آهي، ۽ حيدرآباد ۽ نصرپور جي وچ تي ڦليلي ڦاٽ کان سواءِ ٻيو ڪو درياهي وهڪرو به موجود ڪونه هو. جيڪو 1758ع کان اڳ جو وهڪرو هجي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته نصرپور وارو درياهه جو صفا پويون وهڪرو هو، جيڪو هيٺ هلي ٻه درياهي جي صورت ۾ وهندو هو، جن مان اولاهين کي ڪلري ۽ اوڀارين کي بگهاڙ سڏيندا هئا. جنرل هيگ جي نقشن ۾ ديبل بندر، ڪلري- بگهاڙ ڦاٽن جي سنگم واري ٿاڪ تي چار ميل هيٺ ڏيکاريل آهي.[7][8]

گيلري، عڪسبندي

سنواريو
ڪوٽڙي بئراج المنظر وٽ سنڌو درياءَ جو دلڪش ڏيک.
ڪوٽڙي بئراج المنظر وٽ سنڌو درياءَ جو دلڪش ڏيک.
 
Indus river and tributaries, data based on The Times Atlas of the world

انڊس ڊيٽا

سنواريو
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌو ٽِڪور

ڊاڪٽر ايم ايم اشفاق پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، سنڌو درياءَ جو ڊيلٽا (Indus delta) جيڪو ڪنهن زماني ۾ جهازرانيءَ واري ڊيلٽا هئي اڄ اهو ان حوالي سان دفن ٿيل ڊيلٽا ٿي چڪو آهي. سنڌو درياءَ جي ديلٽا سنڌي جي تهذيب جي شروعات کان وٺي گذريل صدي تائين، سنڌ ۽ پري پري جي ملڪن مصر، حجاز، سمير، ايران، اوڀر آفريڪا، مها راشٽر، شريلنڪا ۽ چين سان گڏيل واپار جو مرڪز رهي آهي.

انڊس ڊيلٽا جي هاڻوڪي زميني پٽي 16,000 چورس ميل يعني 41,440 چورس ڪلوميٽرز جي رقبي تائين پکڙيل آهي. ڊيلٽا جي هيءَ پٽي سمنڊ سان 130 ميل يعني 210 ڪلوميٽرز تائين پکڙي پئي آهي.

سنڌو دريا 3000 ڪلوميٽر جو سفر ڪندي ڏکڻ سنڌ تائين اچي ٿو، پر اها ٻي ڳالهه ته هاڻي سنڌو درياءَ ۾ رڳو 350 ملين ايڪڙ فٽ (ايم اي ايف) پاڻي اچي ٿو.[9]

پڻ ڏسو

سنواريو


  1. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-01 
  2. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر
  3. › resourcesPDFTandoallahyar resources reliefweb
  4. سنڌوءَ جي ساڃاهه، ليکڪ سائين جي ايم سيد
  5. سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو
  6. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  7. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  8. ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ، ليکڪ؛ حسين بادشاهه
  9. بربادی انڈس ڈیلٹا کا مقدر کیوں بنی؟ - Pakistan - Dawn News