لغاري (شھدادڪوٽ)
ديھ لغاري(انگريزي: Deh Lighari ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لغاري تپي ۾ واقع آهي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي ڌڱ ديھ جي 1880 واري نقشي ۾ ھن ديھ کي ديھ خير محمد لغاري جي نالي سان ڏيکاريو ويو آهي.
لغاري (شھدادڪوٽ) ديھ لغاري | |
---|---|
ديھ | |
Deh Lighari | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°53′28″N 68°00′56″E / 27.89111°N 68.01556°Eمڪانيت: 27°53′28″N 68°00′56″E / 27.89111°N 68.01556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,829 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1931 واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ خير محمد لغاري، ڳوٺ تاجو لغاري ۽ ڳوٺ لعل چني سميت ٽي ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ تاجو لغاري معروف آھي.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميروخان، ڏکڻ ۾ ديھ ڌڱ، اوڀر ۾ ديھ ڪلر ۽ ديھ کوسا ۽ اولھ ۾ ديھ ڪلھوڙا ۽ ديھ سکر جروار واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ خيرمحمد لغاري جي نالي تان ھن ديھ جو لغاري نالو رکيو ويو.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,829 ھئي جيڪا 326 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].