ميروخان ديھ (شھدادڪوٽ)
ديھ ميروخان(انگريزي: Deh Mirokhan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لغاري ۾ واقع آهي.
ميروخان (شھدادڪوٽ) ديھ ميروخان | |
---|---|
ديھ | |
Deh Mirokhan | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°57′26″N 67°56′32″E / 27.95722°N 67.94222°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,969 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1922 واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميروخان لغاري، ڳوٺ ڳھڻو لغاري، ڳوٺ يارو، ڳوٺ نھال فقير، ڳوٺ چاڪر خان ۽ گھلن وارو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ شوڪت جروار، ڳوٺ مينھون لغاري، ڳوٺ محبت بروھي واقع آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سنجر ڀٽي، اوڀر ۾ ديھ ڪلر، ڏکڻ ۾ ديھ لغاري ۽ اولھ ۾ ديھ سکر جروار ۽ ديھ مرکنڊ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,969 ھئي جيڪا 340 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].