ڪلر (شھدادڪوٽ)
ديھ ڪلر(انگريزي: Deh Kalar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لغاري ۾ واقع آهي
ڪلر (شھدادڪوٽ) ديھ ڪلر | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kalar | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°53′00″N 68°00′22″E / 27.88333°N 68.00611°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ چار ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھئا. ھاڻي ھن ديھ جي معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ خدابخش جھرڙ، ڳوٺ ارضي مرکنڊ، ڳوٺ ڳھڻو لغاري، ڳوٺ يارمحمد لغاري ۽ ڳوٺ حاجي دين محمد واقع آهن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سنجر ڀٽي ، اوڀر ۾ ديھ ڀٽي ۽ ديھ جھرڙ، ڏکڻ ۾ تعلقو سجاول جوڻيجو جي ديھ گل شاھ ۽ شھدادڪوٽ تعلقي جي ديھ کوسا ۽ اولھ ۾ ديھ لغاري ۽ ديھ ميروخان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ جو نالو ڪلر ان جي زميني مٿاڇري جي حالت جي آڌار تي رکيو ويو آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,217 ھئي جيڪا 613 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].