ڌڱ (انگريزي: Dhing ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو ڌڱ ۾ واقع آهي.

ڌڱ
ديھ ڌڱ
ديھ ۽ ڳوٺ
Deh Dhing
ڌڱ is located in سنڌ
ڌڱ
ڌڱ
ڌڱ is located in Pakistan
ڌڱ
ڌڱ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°52′06″N 68°00′50″E / 27.86833°N 68.01389°E / 27.86833; 68.01389مڪانيت: 27°52′06″N 68°00′50″E / 27.86833°N 68.01389°E / 27.86833; 68.01389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 3,277

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڌڱ، ڳوٺ محمد علي خان کوسو، ڳوٺ گل محمد لانگاھ، ڳوٺ غلام مصطفي خان، ڳوٺ خدابخش مستوئي، ڳوٺ جلال مستوئي ۽ ڳوٺ قادربخش لانگاھ واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ ڌڱ ۽ ڳوٺ گل محمد لانگاھ معروف آھن.

جاگرافي سنواريو

ڳوٺ ڌڱ لاڙڪاڻو رتوديرو ھاء وي کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ھڪ لنڪ روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ لغاري، اوڀر ۾ ديھ کوسا ۽ تعلقو سجاول جوڻيجو، ڏکڻ ۾ ديھ ڪڙيو صوبدار ۽ تعلقو سجاول جوڻيجو ۽ اولھ ۾ ديھ ڪلھوڙا ۽ ديھ چانڊيا واقع آهن. ھي ديھ زرخيز زرعي زمين واري آھي جيڪا مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڌڱ ڳوٺ جي پاسي ۾ محمد علي مائينر نالي شاخ وھي ٿي. ڳوٺ جي چوڌاري مڇين جا تلاء واقع آهن. ھن ديھ مان ٽانوري شاخ شھدادڪوٽ طرف گذري ٿي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,277 ھئي ۽ جيڪا 537 خاندانن تي مشتمل ھئي[1]. ڳوٺ ڌڱ جي آبادي 1937 آھي جيڪا 320 خاندانن تي مشتمل آهي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]