ڪلھوڙا (شھدادڪوٽ)
ديھ ڪلھوڙا(انگريزي: Kalhora Deh ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 2 لغاري جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا مرکنڊ ۾ واقع آهي. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880ع واري ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ جو نالو رکيو ڪلھوڙو ڏيکاريل آهي.
ڪلھوڙا (شھدادڪوٽ) ديھ ڪلھوڙا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kalhora | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°54′04″N 68°59′12″E / 27.90111°N 68.98667°Eمڪانيت: 27°54′04″N 68°59′12″E / 27.90111°N 68.98667°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,803 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري برٽش انڊيا دور واري پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ م ڳوٺ امير بخش ۽ ٽي غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ م ڳوٺ غلام شاھ ڪلھوڙو، ڳوٺ ڏنگر ۽ ٻيا غيرمعروف ڳوٺ واقع آهن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ سکر جروار ۽ ديھ لغاري، اوڀر ۾ ديھ ڌڱ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چانڊيا ۽ اولھ ۾ ديھ گرگيج ۽ ديھ پٺاڻ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ڳوٺ غلام شاھ ڪلھوڙي ۾ رھندڙ ڪلھوڙا ذات وارن ماڻھن تان ھن ديھ تي نالو رکيو ويو.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,803 ھئي جيڪا 456 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].