فارس صوبو (انگريزي: Fars Province) ايران جو ھڪ صوبو آھي جنھن کي پارس بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن صوبي جي پکيڙ 122400 چورس ڪلوميٽر آھي. ھي ايران جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي ۽ ھن جي گاديءَ جو ھنڌ شيراز آھي جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو پنجون وڏو شھر آھي[1]. 2011ع جي انگن اکرن مطابق ھن صوبي جي آدمشماري 4.6 ملين ماڻھن تي مشتمل آھي جن مان 67.6 سيڪڙو ماڻھو شھرن ۾ ۽ 32.1 سيڪڙو ڳوٺن ۾ رھن ٿا. باقي 0.3 سيڪڙو خانہ بدوش قبيلن سان واسطو رکن ٿا. ھي پکيڙ توڙي آباديءَ ۾ ايران جو چوٿون وڏو صوبو آھي. ھن صوبي ۾ 36 شھر، 96 ضلعا ۽ 120 شھرستان (Counties) آھن.

تاريخي طور تي ھي فارسي قوم جو ديس آھي جتي پرشيا (پراڻي ايران) جي ھخامنشي ۽ ساساني بادشاھن وڏي مان ۽ شان سان پنھنجي بادشاھت قائم ڪئي[2]. ھخامنشي سلطنت جي گاديءَ جا ھنڌ پاسارگاد ۽ تخت جمشيد (پرسيپولس) ھن ّخطي جي عظيم تاريخ جا اھڃاڻ آھن. ھن علائقي جي تاريخي اھميت سبب يورپ وارا سڄي ايران کي پرشيا ڪوٺين ٿا[3]. عربن جي حڪمرانيءَ کان اڳ ھن علائقي کي پارس سڏيو ويندو ھو.

فارس جي پراڻي تاريخ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو تہ ڏھين صدي قبل مسيج (ق.م) ۾ ھتي فارسي قوم آباد ھئي. ھيءَ آريائي نسل جي ھڪ قوم ھئي جنھن وچ ايشيا يا ڪاڪاسس واري علائقي مان ھجرت ڪري ھتي اچي پنھنجا ويڙھا وسايا ھئا. ھيءَ قوم مختلف قبيلن ۾ ورھايل ھئي جن مان ايلاميان (Elamites) قبيلو ٻين کان سگھارو قبيلو ھو. پراڻن تاريخي حوالن مطابق 860 ق.م ڌاري ھن علائقي ۾ پارسئاش (Parsuash) يا پار سئا (Parsua) نالي ھڪ وڏي بادشاھت قائم ھئي جنھن جا بادشاھ ايلاميان قبيلي سان واسطو رکندڙ ھئا. ھن بادشاھت جي گاديءَ جو ھنڌ سوسا (Susa) ھو. 636 ق.م ۾ انھيءَ بادشاھت جي پڄاڻي ٿي ۽ اشوريان (Assyrian) خاندان جي حاڪمن ھن ملڪ جون واڳون سنڀاليون.

ھتان جي ائڪمنيڊ خاندان ڇھين صدي ق.م جي وچ ڌاري دنيا جي وڏي ۾ وڏي بادشاھت جو بنياد وڌو. ھن بادشاھت جون حدون يونان ۽ بلغيريا کان وٺي سنڌو ماٿريءَ تائين پکڙيل ھيون. ھن بادشاھت جا چار گاديءَ جا ھنڌ ھئا جن مان ٻہ پاسارگاد ۽ تخت جمشيد (پرسيپولس) فارس صوبي ۾ آھن.

سڪندر اعظم 331 ق.م ڌاري ائڪمنيڊ سلطنت ھو خاتمو آندو ۽ ھن علائقي تي قبضو ڪيو. سڪندراعظم جي وفات کان پوءِ 321 ق.م ڌاري ھي علائقو سيليوسڊ (Seleucid Empire) بادشاھت ھو حصو رھيو. ان کان پوءِ 170 ق.م کان 138 ق.م تائين ھن علائقي ۾ اشڪاني (Parthian) خاندان جي حڪومت قائم ٿي. اڳتي ھلي جڏھن اردشير اول (Ardasher I) ساساني سلطنت جو بنياد وڌو تہ فارس وارو علائقو بہ انھيءَ سلطنت جو حصو بنجي ويو. ساساني حڪمرانن فارس سميت ايران جي ٻين حصن تي اٽڪل 425 سال حڪومت ڪئي. ساسانين جي دور ۾ فارس کي سلطنت جي ھڪ اھم ۽ مرڪزي صوبي جي حييثيت حاصل ھئي. خاص طور تي ٽي ۽ ستين صدي عيسويءَ ۾ فارس پنھنجي عروج تي ھو. ھي صوبو زرتشت مذھب جو مرڪز ھو. ھن مذھب جا پوئلڳ باھ جي پوڄا ڪندا ھئا. ساسانين جي پھرئين بادشاھ اردشير اول جو پيءُ بہ انھيءَ مذھب جو ھڪ پادري ھو[4]. حضرت عمر فاروق رضيہ جي ڏينھن ۾ ساساني بادشاھت جي پڄاڻي ٿي ۽ ايران ھميشہ لاءِ ھڪ اسلامي رياست بنجي ويو[5].

جاگرافي

سنواريو

فارس ايران جو ڏاکڻيون صوبو آھي. ھن جي اولھ ۾ بوشھر صوبو، ڏکڻ ۾ ھرمزگان صوبو، ڏکڻ م ڪرمان ۽ يزد صوبا ۽ اتر اولھ ۾ بوير و احمد صوبو آھي. ھن صوبي ۾ ھيٺيان شھرستان (Counties) آھن: آبادھ، سروستان، جھرم، اقليد، رستم، استھبان، داراب، نيريز، بوانات، لارستان، قير و ڪارزين، خومبيد، لامرد، ڪازرون، فسا، فيروزآباد، زرين دشت، ممسني، شيراز، موودشت، سپيدان، ارسنجان، پاسارگاد، ڪوار، خنج، فرشبند، گراش، خرامہ، مھر.

آبھوا ۽ جھنگلي جيوت

سنواريو

آبھوا جي لحاظ کان فارس صوبي کي ٽن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو: پھريون اتر ۽ اتر اولھ پاسي وارو جابلو علائقو جنھن ۾ سياري ۾ وچٿري سردي پوي ٿي ۽ اونھاري ۾ ھلڪي گرمي پوي ٿي. ٻيو مرڪزي علائقو جنھن ۾ سياري ۾ ھلڪي برسات پوي ٿي ۽ اونھارو خشڪ ۽ گرم رھندو آھي. ٽيون ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر وارو علائقو جيڪو سياري ۾ سرد ۽ اونھاري ۾ گرم رھندو آھي. شيراز شھر جوساليانو سراسري گرميءَ جو درجو 16.80C آھي.

مختلف آبھوائن ۽ موسمي ڦيرڦار جي ڪري ھتي مختلف قسمن جا گاھ، ٻوٽا، جانور ۽ پکي پکڻ ملن ٿا. ان کان علاوھ ڪيترن ئي قسمن جا پکي ٿڌن علائقن کان ھجرت ڪري ھتي اچن ٿا. ھتان جي مقامي جانورن ۾ غزال، جھنگلي ٻڪريون، رڍون ۽ ڪيترن ئي قسمن جا پکي شامل آھن. ماضيءَ ۾ ھتي فارسي شينھن بہ رھندا ھئا.

رنگ ۽ نسل

سنواريو

ھتي جا اڪثر ماڻھو فارسي نسل سان واسظو رکن ٿا جن ۾ لارستاني (Laristani) ۽ بصري (Basseri) لوڪ شامل آھي. ھتان جي اقليتي قومن ۽ قبيلن ۾ قشقائي (Qashqai)، لر (Lurs)، عرب، ترڪ، جارجيائي (Georgians) ۽ ڪرڪاساسي (Circassians) لوڪ شامل آھن.

تاريخي طور تي فارس صوبو ڪيترن ئي بادشاھن ۽ مختلف نسلن جي ماڻھن جو مسڪن رھيو آھي پر ھتان جي پراڻن قبيلن جا ماڻھو پنھنجي قديم ريتن، رسمن، پوشاڪ ۽ رھڻي ڪرڻيءَ کي زندھ رکندا پيا اچن. انھن قبيلن ۾ ممسني (Mamasani)، لر (Lurs)، خمسہ (Khamseh) ۽ Kohkiluyeh شامل آھن. ھتي ڪرد قوم جا بہ ڪجهه قبيلا آباد آھن. ھتان جي مختلف قبيلن جي ٿَقافت ۽ ريتن رسمن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪيترائي سياح ھر سال ھي صوبو گھمڻ اچن ٿا. ھن صوبي ۾ ڪيترائي قديم آثار پڻ موجود آھن جيڪي پڻ سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿا.

فارس جا شھر

سنواريو

آباديءَ جي لحاظ کان فارس جي ڏھن وڏن شھرن جي فھرست ھيٺ ڏجي ٿي.

فارس جا آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏا شھر

 
شيراز
 
مرودشت

نمبر شھر ڪائونٽي آبادي

 
جھرم
 
فسا

1 شيراز شيراز 1,565,572
2 مرودشت مرودشت 148,858
3 جھرم جھرم 141,634
4 فسا فسا 110,825
5 ڪازرون ڪازرون 96,683
6 صدرا شيراز 91,863
7 داراب داراب 70,232
8 فيروزآباد فيروزآباد 65,417
9 لار لارستان 62,045
10 آبادھ آبادھ 59,116
ذريعو: ايران جو شمارياتي مرڪز[6]

معيشيت

سنواريو

فارس جي معيشيت جو گھڻو دارومدار زراعت تي آھي. ھتان جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ اناج (ڪڻڪ ۽ جو)، کٽا ميوا، کجور، چيني چقندر ۽ ڪپھ شامل آھي. ھي صوبو پيٽروڪيميڪل جي سھوليتن ۾ مشھور آھي. ان کان علاوھ ھتي تيل صاف ڪرڻ جا ڪارخانا، ٽائر ٺاھڻ جا ڪارخانا، شگر ملون ۽ اليڪٽرانڪس جون صنعتون قائم آھن. ھتان جا قديم آثارن وارا ماڳ بہ دنيا ۾ مشھور آھن.

آمدورفت

سنواريو

شيراز جو ھوائي اڏو ھن صوبي جو وڏي ۾ وڏو ۽ ايران جو ٻيو نمبر وڏو ھوائي اڏو آھي. جھرم، لار ۽ لامرد ۾ بہ ھوائي اڏا موجود آھن جتان تھران، دبئي، شارجہ، بحرين ۽ ٻين شھرن ڏنھن ھوائي جھاز اڏامون ڀرين ٿا. شيراز جو شھر روڊ ۽ ريل وسيلي تھران ۽ ٻين ايراني شھرن سان ڳنڍيل آھي.

اعليٰ تعليم

سنواريو

ھن صوبي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي جڳ مشھور يونيورسٽيون قائم آھن. انھن مان ھيٺيون يونيورسٽيون مشھور آھن:

شيراز يونيورسٽي، شيراز يونيورسٽي آف آرٽس، شيراز يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز، شيراز يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، جھرم يونيورسٽي، جھرم يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز، فسا يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز، اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف شيراز ۽ اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف جھرم.

  1. "استان‌های کشور به ۵ منطقه تقسیم شدند". همشهری آنلاین (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-01. 
  2. Tilbury, Nikki; Todd, Mary (2008) (en ۾). One Thousand Languages: Living, Endangered, and Lost. University of California Press. ISBN 978-0-520-25560-9. https://books.google.com.pk/books?id=Q3tAqIU0dPsC&q=original+homeland+of+the+Persians.&pg=PA140&redir_esc=y#v=snippet&q=original%20homeland%20of%20the%20Persians.&f=false. 
  3. Dandamaev M.A. (1989), A Political History of the Achaemenid Empire (English Translation by W.J. Vogelsang), New York. ISBN: 9004091728.
  4. Daryaee T., The effect of Arab Muslism conquest on the administrative division of Sasanian persisIran, Vol. 41, British Institute of Persian Studies, 2003, pp. 193–204, https://doi.org/10.2307/4300643.
  5. Fars III. The History in the Islamic Period, Encyclopedia Iranica.
  6. "Statistical Center of Iran > Home".