ڪازرون (انگريزي: Kazrun) ايران جي فارس صوبي جو آباديءَ جي لحاظ کان پنجون وڏو شھر آھي. 2016ع ۾ ھن شھر جي آبادي 96,683 ھئي. ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ کجور، کٽا ميوا، تماڪ، چانور، ڪڻڪ ۽ انگور شامل آھن[2]. ھن شھر کان 19 ڪلوميٽرن (12 ميل) جي مفاصلي تي قديم شھر بشاپور جا کنڊر موجود آھن. ھنن کنڊرن ۾ ھڪ پراڻي غار ۾ ساساني گھراڻي جي بادشاھ شاپور اول (Shapur I) جو مجسمو ٺھيل آھي. بشاپر جي کنڊرن ۽ غار کي يونيسڪو جي ثقافتي ماڳن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آھي[3]. ھن شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ جبل جي چوٽيءَ تي گبري قلعي جا کنڊر موجود آھن. ھن علائقي ۾ ”نورد“، ”راھبان“ ۽ ”دريست“ نالي ٽي ڳوٺ آباد ھئا ۽ انھن ٽنھي کي ملائي شھر جو روپ ڏنو ويو آھي[4]. ھي شھر ڪيترن ئي سائنسدانن، صوفين، شاعرن ۽ عالمن جو مسڪن رھيو آھي.

Kazeroon
ڪازرون
شھر
شاپور غار
شاپور غار
عرفيت: سائنس جو شھر، تھذيب جو شھر، سائو شھر
Kazeroon is located in Iran
Kazeroon
Kazeroon
جاگرافي بيهڪ: 29°37′10″N 51°39′15″E / 29.61944°N 51.65417°E / 29.61944; 51.65417مڪانيت: 29°37′10″N 51°39′15″E / 29.61944°N 51.65417°E / 29.61944; 51.65417
ملڪ  ايران
صوبو فارس
شھرستان ڪازرون
ضلعو مرڪزي
حڪومت
 • ميئر Mohammad Amin Mehrvarz
بلندي 860 ميل (2,820 ft)
آبادي (2016ع واري آدمشماري)
 • ڪل 96,683 [1]

ھن شھر جو اصل نالو ”گزران“ يا ”گزرون“ ھو. اسلام جي آمد کان پوءِ اھو نالو ڦري ”ڪازرون“ ٿي ويو ڇاڪاڻ جو عربي ٻوليءَ ۾ ”گ“ کي”ج“ ڪري لکيو ۽ پڙھيو وڃي ٿو. دلميان واري زماني ۾ ھتي قيمتي ڪپڙن ٺاھڻ جا ڪارخانا موجود ھئا. چيو وڃي ٿو تہ ان زماني ۾ ھن شھر ۾ 12000 گازر يعني ڪپڙن ڌوئڻ وارا موجود ھئا. اھوئي سبب آھي جو ھن شھر کي گازرون سڏيو ويو يعني ڪپڙن ڌوئڻ وارن جو شھر. ڪجهه ماھرن جو خيال آھي تہ شھر تي ھي نالو شھر جي ويجھو موجود زران جبل جي ڪري پيو آھي. سندن خيال ۾ ”زران“ لفظ ”ڪارزان“ جو بنياد آھي.

جاگرافي سنواريو

ھي شھر فارس صوبي جي اولھ واري حصي ۾ سامونڊي مٿاڇري کان اٽڪل 860 ميٽر اوچائيءَ تي آباد آھي. ھن شھر جي پکيڙ 2040 ھيڪٽر آھي. ھن شھر جو تھران کان مفاصلو 1040 ڪلوميٽر آھي. شھر جي آسپاس ڪيترائي ڳوٺ موجود آھن.

ھن شھر جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ۽ خشڪ ۽ سياري ۾ ڪنھن حد تائين ٿڌي رھندي آھي. ڊسمبر سڀ کان ٿڌو مھينو ھوندو آھي جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 10.420C رھندو آھي جڏھن تہ جولاءِ گرم ترين مھينو آھي جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو33.160C رھي ٿو. شھر جو سراسري ساليانو گرميءَ جو درجو 21.780C رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

حوالا سنواريو

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. "Kāzerūn، Iran، Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-05. 
  3. Centre, UNESCO World Heritage. "Four sites added to UNESCO’s World Heritage List". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2022-03-05. 
  4. "بازبینی نام و تاریخ پیدایش کازرون". www.kazeroonnema.ir. حاصل ڪيل 2022-03-05.