مرودشت (انگريزي: Marvdasht) ايران جي فارس صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. ياد رھي تہ فارس جو وڏي ۾ وڏو شھر شيراز آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 148,858 ماڻھن تي مشتمل آھي. ھي شھر مرودشت شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي[2].

Marvdasht
مرودشت
شھر
تخت جمشيد
ملڪ ايران
صوبو فارس
ڪائونٽي مرودشت
آبادي (2016 Census)

نالي جو بنياد سنواريو

ڪجهه ماھرن جي راءِ آھي تہ مرودشت فارس جي پراڻي شھر اصطخر (Estakhr) جو ھڪ پاڙو ھو. اصطخر جي تباھيءَ کان پوءِ ھي پاڙو وڌي ويجھي شھر جو درجو اختيار ڪري ويو. ٻين ماھرن جي خيال ۾ مرو (Marv) ٻوٽي جو نالو آھي. انڪري مرودشت ٻن لفظن مرو ۽ دشت (علائقو) جو مرڪب آھي يعني مرودشت معنيٰ اھو علائقو جنھن ۾ مرو ٻوٽو گھڻو ملي ٿو[3].

تاريخ سنواريو

مرودشت اوتروئي پراڻو آھي جيتري ايران ۽ فارسي سلطنت جي تاريخ پراڻي آھي. ھي شھر فارس جي پراڻي گاديءَ جي ھنڌ تخت جمشيد (Persepolis) کان سڏ پنڌ تي آباد آھي. شھر کان چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نقش رستم، نقش رجب ۽ اصطخر جا پراڻا کنڊر موجود آھن جن مان ھن شھر جي تاريخي اھميت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو[4]. چيو وڃي ٿو تہ جڏھن دارا اول (Darius I) رحمت جبل واري ماٿريءَ ۾ پنھنجون حويليون جوڙايون تہ ڪيترائي سرنديءَ وارا ماڻھو مرودشت واري علائقي ۾ لڏي اچي ويٺا.

موجودھ مرودشت شھر ويھين صديءَ ۾ آباد ٿيو. 1935ع ۾ ھتي پھلوي دور حڪومت ۾ ھڪ شگرمل قائم ڪئي وئي ۽ انھيءَ شگرمل جي چوڌاري آبادي وڌندي وئي جنھن شھر جو روپ اختيار ڪري ورتو[5]. ايران ۾ آيت اللُّٰہ خمينيءَ واري اسلامي انقلاب کان ڪجهه عرصو پھرين ھتي پيٽروڪيميڪل، ڪوس گھر، بسڪٽ ٺاھڻ جي فيڪٽري، گھر ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانون جي فيڪٽري ۽ ڪجهه ٻيون صنعتون قائم ٿيون جنھن ڪري روزگار جا موقعا وڌيا جنھن ڪري ھتان جي آبادي ڪافي حد تائين وڌي وئي.

ھن شھر جي ڀرپاسي واريون زمينون ڪافي زرخيز آھن انڪري ڪڻڪ، مڪئي، ٽماٽي، کيري ۽ اھڙن ٻين فصلن جي اپت ۾ ھي شھر ڪافي اھميت اختيار ڪري چڪو آھي.

جاگرافي سنواريو

ھي شھر فارس صوبي جي اترين شھرن مان ھڪ آھي. ھي شھر شيراز کان 45 ڪلوميٽر اتر طرف آباد آھي ۽ ھن جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1620 ميٽر آھي. مرودشت شھرستان (County) جي پکيڙ 3687 چورس ڪلوميٽر آھي. ارسنجان شھر ھن جي اوڀر ۾، پاسارگاد (Pasargad) ھن جي اتر ۾، خرم بيد ۽ اقليد ھن جي اتر اولھ ۾، سپيدان ڏکڻ اولھ ۾ ۽ شيراز ڏکڻ ۾ آھي. مرودشت جي موسم جابلو علائقي ۾ ٿڌي پر ٻين حصن ۾ وچٿري آھي.

اعليٰ تعليم سنواريو

مرودشت ۾ اعليٰ تعالِيم حاصل ڪرڻ لاءِ ھيٺيون يونيورسٽيون قائم آھن:

  • اسلامي آزاد يونيورسٽي، مرودشت برانچ
  • فارس سائنس ۽ ريسچرچ يونيورسٽي
  • پيام نور يونيورسٽي، مرودشت سينٽر
  • يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مرودشت برانچ

حوالا سنواريو

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. "Marvdasht". Google Arts & Culture. حاصل ڪيل 2022-01-06. 
  3. "سايت اصلي - درباره مرودشت". miau.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-01-06. 
  4. "Ecosystem of Marvdasht, once seat of power for Achaemenid Empire, souled be safeguarded: official". Tehran Times. حاصل ڪيل 2022-01-06. 
  5. www.sirang.com, Sirang Rasaneh. "Marvdasht city in Fars province, travel to iran, Visit Iran". itto.org | Iran Tourism & Touring. حاصل ڪيل 2022-01-06.