فسا
فسا (انگريزي: Fasa) ايران جي صوبي فارس جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون وڏو شھر ۽ فسا شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي[1]. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 110،825 آھي. ھي ايران جي پراڻن شھرن مان ھڪ آھي جيڪو ھخامنشي بادشاھت وارن ڏينھن ۾ قائم ٿيو ھو[2]. زراعت ۽ چوپايو مال ھتان جي مکيہ معيشيت آھي. ھي شھر شيراز کان ڪرمان ويندڙ روڊ تي آباد آھي. ھن شھر جي آسپاس ڪڻڪ جي پوک تمام سٺي ٿئي ٿي ان ڪري ھن شھر کي ”ڪڻڪ جو شھر“ بہ سڏيو وڃي ٿو. ھي شھر شيراز جي ڏکڻ ۾ 145 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سامونڊي مٿاڇري کان 1150 ميٽر مٿي آباد آھي. شھر جي 40 سيڪڙو ايراضي ميداني علائقو آھي جڏھن تہ شھر جو باقي 60 سيڪڙو حصو جابلوعلائقي ۾ آھي.
Fasa فَسا | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 28°56′18″N 53°38′54″E / 28.93833°N 53.64833°E | |
ملڪ | ايران |
صوبو | فارس |
شھرستان | فسا |
ضلعو | مرڪزي |
پکيڙ | |
• شھر | 25.5 ڪ.م2 (9.8 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | ٽيون |
بلندي | 1,150 ميل (3,770 ft) |
آبادي |
تاريخ
سنواريوفسا ايران جو ھڪ تاريخي شھر آھي جيڪو ھخامنشي بادشاھت وارن ڏينھن ۾ آباد ٿيو. شروع ۾ ھن شھر جو نالو پسا (Pasa) يا پيشيہ (Pashiya) ھو[3]. ساساني دور ۾ ھي ايران جو ھڪ وڏو ۽ خوشحال شھر ھو. ساسانين ھتي ھڪ قلعو ۽ زرتشت مذھب جو ھڪ مندر تعمير ڪرايو ھو. فسا کي 638ع ۾ ھڪ خونريز جنگ کان پوءِ مسلمانن فتح ڪيو. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ھي درابگرد صوبي جو ٻيو وڏو شھر ھو. صفوي ۽ افشاروي دور ۾ ھن شھر ۾ وڌيڪ ترقي ٿي ۽ ھتي بازارون، غسلخانا ۽ مسجدون تعمير ٿيون[4]. قجار دور ۾ قدرتي وبائن، ڏڪار ۽ سياسي وايومنڊل بدلجڻ سبب ھي شھر پنھنجي اڳوڻي اوج وڃائي ويٺو[5].
مڻھو ۽ مذھب
سنواريو2016ع ۾ ھن شھر جي آبادي 110،825 ھئي. ھتان جا اڪثر رھواسي شيعا مسلمان آھن ۽ فارسي ٻولي ڳالھائين ٿا. شيراز، مرودشت ۽ جھرم کان پوءِ ھي فارس صوبي جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون وڏو شھر آھي. ھتي خمسہ عرب نسل جا ماڻھو بہ چڱي تعداد ۾ آباد آھن. ترڪ نسل جا بہ ٿورا ماڻھو ھتي جا رھاڪو آھن[2].
رصد خانو (Observatory)
سنواريوفسا جي ميونسپالٽيءَ پاران 1999ع ۾ چنڊ ڏسڻ ۽ فلڪياتي کوجنا جو ھڪ وڏو ادارو قائم ڪيو ويو آھي. ھن اداري جي عمارت ڪديوري جبل جي چوٽيءَ تي شيراز ويندڙ قومي شاھراھ جي ڀرسان تعمير ڪئي وئي آھن. ھن عمارت ۾ ھڪ دوربين، گرھن تي کوجنا جو مرڪز ۽ ھڪ تربيتي ھال شامل آھن. ھي ادارو سڄي ايران ۾ پنھنجي نوعيت جو ھڪ ساک وارو ادارو آھي.
آبھوا
سنواريوھن شھر جي آبھوا گرم ۽ نيم ريگساني آھي. سال ۾ سراسري طور 290 ملي ميٽر (11 انچ) مينھن وسي ٿو.
موسمي رڪارڊ : Fasa | |||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) | 20 (68) |
23 (73) |
27 (81) |
34 (93) |
37 (99) |
41 (106) |
42 (108) |
40 (104) |
39 (102) |
33 (91) |
30 (86) |
24 (75) |
42 (108) |
اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
9 (48) |
13 (55) |
17 (63) |
23 (73) |
29 (84) |
34 (93) |
36 (97) |
36 (97) |
32 (90) |
26 (79) |
19 (66) |
13 (55) |
24 (75) |
روزاني سراسري°C (°F) | 8 (46) |
9 (48) |
12 (54) |
16 (61) |
22 (72) |
28 (82) |
31 (88) |
30 (86) |
27 (81) |
22 (72) |
16 (61) |
10 (50) |
19 (66) |
گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
1 (34) |
3 (37) |
7 (45) |
12 (54) |
17 (63) |
22 (72) |
24 (75) |
23 (73) |
19 (66) |
13 (55) |
7 (45) |
4 (39) |
13 (55) |
گھٽ ۾ گھٽ رڪارڊ°C (°F) |
−12 (10) |
2 (36) |
−3 (27) |
−2 (28) |
7 (45) |
11 (52) |
16 (61) |
13 (55) |
7 (45) |
3 (37) |
−5 (23) |
−5 (23) |
−12 (10) |
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) | 68 (2.68) |
66 (2.6) |
49 (1.93) |
33 (1.3) |
7 (0.28) |
0 (0) |
0 (0) |
2 (0.08) |
0 (0) |
0 (0) |
10 (0.39) |
55 (2.17) |
292 (11.5) |
Source: www.myforecast.com,[6] Fars province Meteorological Organization[7] |
معيشيت
سنواريوزرعي پيداوار ۾ ھي فارس جو ھڪ وڏو مرڪز آھي. ھي شھر ڪڻڪ جي پيداوار ۾ سڄي ملڪ ۾ مشھور آھي. ناريل ۽ کٽا ميوا بہ ھتان جي زرخيز زمين جي مکيہ زرعي اپت ۾ شامل آھن. چوپايو مال بہ ھتان جي وڏي صنعت آھي. کير مان ٺھندڙ شيون، گوشت، چمڙو ۽ اُن بہ ھتان جي اھم پيداوار ۾ شامل آھن.
کاڌي ۾ ھتي جا نان مشھور آھن جن کي ”فسائي نان“ سڏيو وڃي ٿو. گلم ۽ غاليچا، فراسيون، ليما، نارنگيون، ڏاڙھون، اخروٽ، پستا ۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا ھتان جون خاص سوکڙيون آھن[8].
تعليمي ادارا
سنواريو- فسا يونيورسٽي
- فسا يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
- فسا پيام نور يونيورسٽي
- اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف فسا
- ٽيڪنيڪل ۽ ايگريڪلچر ڪاليج آف فسا
آمدورفت
سنواريوفسا ۾ ھڪ ھوائي اڏو موجود آھي پر اڄڪلھ ھن ھوائي اڏي تان ڪوبہ ھوائي جھاز اڏام نٿو ڀري. شيراز- گلگھرريلوي لائين ھن شھر مان گذري ٿي. 346 ڪلوميٽرڊگھي ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم ھن وقت جاري آھي. فسا روڊ وسيلي شيراز، داراب، استھان ۽ ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي[9].
تاريخي يادگار ۽ ڏسڻ جھڙيون جايون
سنواريو- تل ضحاڪ: ھي آثارقديمہ جو ھڪ ماڳ آھي جتي پراڻي فاس شھر جا کنڊر ڏسي سگھجن ٿا. ھي کنڊر پيشداديان گھراڻي جي باشاھت جي وقت جا آھن. چيو وڃي ٿو تہ پراڻو فاس ستين صدي عيسويءَ تائين آباد ھو. ھنن کنڊرن ۾ ساساني دور جو ھڪ محل بہ شامل آھي. ھنن کنڊرن مان جھوني جُڳَ جون ڪيتريون ئي شيون ھٿ آيون آھن جيڪي ايران جي مختلف عجائب گھرن ۾ نمائش لاءِ رکيل آھن[10].
- ضحاڪ جبل وارو قلعو: ھن قلعي جا آثار شھر کان 15 ڪلوميٽر پري ضحاڪ جبل تي ڏسي سگھجن ٿا. رايو آھي تہ ھي قلعو اشڪاني ۽ ساساني دور سان واسطو رکي ٿو. قلعي جي آسپاس شھري زندگيءَ جا آثار بہ ملن ٿا.
- تل نعلڪي: ھي تاريخ کان اڳ واري زماني جو ھڪ گنبند آھي جيڪو پنھنجي مخصوص اڏاوت سبب سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائي ٿو.
- ساسانين جو مندر: ساساني زرتشت مذھب جا پوڄاري ھئا. ھن مذھب ۾ باھ جي پوڄا ڪئي ويندي ھئي. اھڙوئي ھڪ باھ جو مندر اڃا تائين ھن شھر جي ويجھو موجود آھي. مقامي ماڻھو ھن مندر کي ”سنگ قنبر“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا.
- سامانين جو مندر: ھي بہ باھ جي پوڄا جو مندر ھو جيڪو شھر کان 15 ڪلوميٽر اتر ۾ موجود آھي. ھن مندر کي مقامي فارسي ٻوليءَ ۾ ”غمپ“ يا ”قمپ“ ڪوٺيو وڃي ٿو.
- نقار خانہ: فاسا جي پھرين بازار ۾ موجود ھيءَ عمارت قاجار دور ۾ جڙي راس ٿي ھئي.
- دختر قلعو: ھي قلعو شھر جي ٻاھران زنگينہ ڳوٺ ۾ موجود آھي.
- شھر جي آسپاس ٻيا بہ ڪيترائي آثارقديمہ وارا ماڳ موجود آھن جن ۾ ڪوزھ گرخانہ (واصل آباد)، تنگ مج، تنگ موردي، تل نخودي ۽ ٻيا ماڳ شامل آھن.
- شھر ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيترائي گنبند ۽ مقبرا بہ موجود آھن جن ۾ زاھد ڪبير جو مقبرو۽ سيد شمس الدين جو مقبرو خاص ذڪر جي لائق آھن.
- شھر جي آسپاس ڪيترائي من موھيندڙ قدرتي نظارا موجود آھن جن ۾ جبل، جبلن ۾ وھندڙ پائيءَ جا چشما، پارڪ ۽ سرسبز واديون شامل آھن.
حوالا
سنواريو- ↑ Census of the Islamic Republic of Iran, 1395 (2016)" (Excel). Islamic Republic of Iran.
- ↑ 2.0 2.1 رضازادهگراشی، جلیل (1388). از پسا تا فسا. فانوس اندیشه. شابک 9786009085521
- ↑ "About Fasa". en.fums.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-02-10.
- ↑ عرفان، محمود (1393). جغرافیای تاریخی سرزمینهای خلافت شرقی
- ↑ Rezazadeh, Jalil (2009). From Pasa to Pasa. Fanoos Andisheh. ISBN 9786009085521
- ↑ "Fasa climate". www.myforecast.com. حاصل ڪيل 25 July 2010.
- ↑ "Fasa" (PDF). Fars province Meteorological Organization. وقت 2020-03-25 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-04-08. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ سیما, IRIB NEWS AGENCY | خبرگزاری صدا و. "نان فسایی سوغات شیرین فسا". fa (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-10.
- ↑ "اختصاص ۳۵ میلیارد تومان به راه آهن شیراز- گلگهر | سایت خبری تحلیلی شیراز 1400" (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-10.
- ↑ "About Fasa". en.fums.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-02-10.