شاهه جا سر __(Melodies of Shah):

شاهه جي رسالي ۾ استعمال ٿيل لفظ ”سر“ جي معنيٰ تي غور ڪبو ته ان جون ٻه معنائون نڪرنديون. هڪ ”راڳ“ يا مؤسيقي ۽ ٻيو ”داستان“ يا سرود/سر. رسالي جو هر داستان ڪنهن نه ڪنهن سُر سان شروع ٿئي ٿو. جتي جتي به عنوان ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ته اتي ان راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو اچي ٿو مثلاَ سُر سريراڳ، سر ڪلياڻ يا سر ڪيڏارو ۽ جنهن هنڌ به عنوان ڪنهن خاص ڪهاڻي، واقعي يا تاثر سان لاڳاپو رکي ٿو اتي اُن کي انهيءَ سر سان لاڳاپيو ويو آهي. شاهه جي اڪثر رسالن ۾ 30 سر ڪم آندل آهن، جيڪي هيٺيان آهن: :
(1) سر ڪلياڻ،
(2)سر يمن ڪلياڻ،
(3) سر کنڀات،
(4) سر سري راڳ (ٻيڙين ۽ پيڙن جو ذڪر)،
(5) سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر)،
(6) سر سهڻي،
(7) سر سسئي آبري،
(8) سر معذوري،
(9) سر ديسي،
(10) سر ڪوهياري،
(11) سر حسيني،
(12) سر ليلان چنيسر،
(13) سر مومل راڻو،
(14) سر مارئي،
(15) سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر)،
(16) سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچيءَ جو ذڪر)،
(17) سر ڪيڏارو،
(18) سر سورٺ،
(19) سر آسا،
(20) سر سارنگ،
(21) سر کاهوڙي،
(22) سر رپ،
(23) سر رامڪلي (جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين جو ذڪر)،
(24) بروو سنڌي،
(25) سر ڪاپائتي،
(26) سر پورب،
(27) سر ڪارايل (پکين جو ذڪر)،
(28) سر پرڀاتي،
(29) سر ڏهر،
(30) سر بلاول.ڪجهه رسالن ۾ 36 سُر آهن، جن ۾ بيراڳ هندي، شينهن ڪيڏارو، هير رانجهو، ڍول مارو، بسنت بهار شامل آهن[1]..

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي