سر سارنگ
سر سارنگ(انگريزي: Sur Sarang)سارنگ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مور جي ٻولي. ان کان علاوه هڪ راڳڻيءَ جو به نالو آهي. سنپورڻ راڳ جي قسمن مان هڪ آهي. هڪ راڳڻيءَ جا سُر حقيقي معلوم ٿيندا آهن. هيءُ راڳ ٻن پهرن جو ڳايو ويندو آهي. شاسترن ۾ هيءُ هڪ ڀلارو راڳ ڄاڻايو ويو آهي. هي معنائون شبد ساگر (هندي ڊڪشنري) ۽ جان پليٽس جي هندستاني انگريزي ڊڪشنري ۾ ڄاڻايل آهن. هندي جي مشهور ڊڪشنري ”شبد ساگر“ ۾ سارنگ جي معنيٰ ميگهه، بادل ۽ کنوڻ پڻ ڄاڻايل آهي. موسيقيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن راڳ جي ڳائڻ سان مينهن وسندو آهي. واقعي اها هڪ حقيقت آهي، ڇاڪاڻ ته جن ڪنور جو راڳ ٻڌو، تن جو چوڻ آهي ته ڪنور جڏهن سارنگ ڳائيندو هو ته آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا هئا ۽ مينهن وسڻ لڳندو هو[1].
حوالا
سنواريو- ↑ مضمون: ڀٽائي گهوٽ جي سُر سارنگ جو مُطالعو ؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“؛ رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 35 نمبر 3- 1986ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو