[1]


سُريمن شاھ جي رسالي جو پھريون داستان آهي: هي داستان 30 بيتن ۾ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. بيتن جي ترتيب نرالي ۽ انوکي آهي.هن داستان جي بيت نمبر13 جي پهرين سٽ ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي ڏنل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جو بيت ڪري ڄاڻايو آهي. ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي وارو بيت اصل ۾ شاهه جو آهي. هن داستان جي بيت نمبر 15 جون ٽيئي سٽون ”سُريمن“ جي داستان ٽئين جي بيت نمبر9/د ۾ ڏنل آهن، اِن ڪري هي بيت هن داستان ۾ ڏيڻ نه کپندو هو. هن داستان ۾ ڪي اهڙا بيت آهن جيڪي آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”هرگنيو“ ۾ پڻ ڏنل آهن، جتي اُنهن جون پڙهڻيون ڪجهه مختلف، پر وڌيڪ سهڻيون آهن. اُنهن مان ڪي بيت نوان آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ نظر نه آيا آهن. بيت نمبر 31 ’سدا آهي سور جي‘ واري فقري سان شروع ٿئي ٿو، ته بيت نمبر 22 ۽ 23 وري ٻين فقرن سان شروع ٿين ٿا. جڏهن ته بيت نمبر24 وري ساڳئي فقري ’سدا آهي سور جي‘ سان شروع ٿئي ٿو. اُنهن ٻنهي بيتن کي لاڳيتو رکجي ها ته بهتر هو. بيت نمبر29 شاهه شريف ڏانهن منسوب آهي، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيو آهي. سندن خيال موجب هن بيت جو اسلوب بيان شاهه جو لڳي ٿو. داستان ٻيو : ڊاڪٽر صاحب ھن داستان ۾ 29 بيت ۽ ھڪ وائي رکي آھي. بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. سڀيئي بيت ويڄن، طبيبن ۽ اگهن جي حيلن ۽ وسيلن تي مشتمل آھن. بيت نمبر 5 آخوند عبدالرحيم جي ڪتاب ”ھرگنيو“ ۾ ٻن سٽن سان ڏنل آھي. بيت نمبر 16۽ 17 ميين عيسي جا آھن. بيت نمبر 20 به ترجيحي طور تي ميين عيسي جو آھي. بيت نمبر21۽ 23 ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي ڏنل آھن. بيت نمبر 27 ميين شاھه عنات جو آھي ۽ سندس رسالي ۾ پڻ ڏنل آهي. بيت نمبر 29 جي ٻي سٽ خليفي نبي بخش بيت نمبر 23 ۾ آيل آھي، ھتي ڏيڻ نه کپندي ھئي. وائيءَ جي پھرين مصرع پليجي شاعر پنھنجي بيت ۾ ڏني آھي، جنھن مان لڳي ٿو ته پوين شاعرن شاھه جي تتبع تي ڪافي بيت چيا آھن ڊاڪٽر بلوچ صاحب، خليفي نبي بخش ’قاسم‘جي حياتيءَ جو احوال ڏيندي لکيو آھي ته نبي بخش قاسم جي شاعري جو شروعاتي دور 1230_ 1210ھه واري عرصي تي محيط آھي. اُن جو مطلب اِھو ٿيو ته خليفي صاحب جي شاعريءَ جي شروعات سال 1210ھه کان ٿي. جڏھن ته ھي بيت شاھه جي رسالي گنج جي ”سُر سارنگ“ ۾ ڏنل آھي ۽ گنج 1207ھه جو لکيل آھي يعني خليفي صاحب جي شاعريءَ جي شروعات کان ٽي سال اڳ ته پوءِ اِھو ممڪن ڪونھي ته ڪو ”سُر سارنگ“ وارو بيت خليفي صاحب جو ھجي. جيئن ته خليفي قاسم جو سڄو رسالو شاھه جي تتبع تي چيل آھي ۽ شاھه صاحب جي بيتن جون تمام گهڻيون تڪون خليفي صاحب پنھنجن بيتن ۾ ورجايون آھن، اِن ڪري اھو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته خليفي قاسم جي رسالي وارو بيت شاھه جي تتبع تي چيل ھجي. اِھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته خليفي نبي بخش قاسم اِھو بيت شاھه صاحب جو ڪري پڙھيو ھجي، جيڪو پوءِ سندس خليفن رسالي ۾ خليفي صاحب جو سمجھي داخل ڪيو. جيئن شاھه عبداللطيف سنڌ جي سالڪن جا ڪيترائي بيت فقيرن جي آڏو پڙھيا، جيڪي پوءِ شاھه جا سمجھي رسالي ۾ داخل ڪيا ويا. ساڳيءَ طرح خليفي نبي بخش قاسم به اِھو بيت شاھه جو ڪري پڙھيو، جيڪو پوءِ سندس ئي سمجھي رسالي ۾ داخل ڪيو ويو. مثلاَ، خليفي صاحب جي قلمي رسالي (خ) جي سُر ڪارايل ۾ شاھه جو ھڪ بيت ڏنل آھي، جنھن لاءِ حاشئي ۾ لکيل آھي ته: اين بيت از شاھه عبداللطيف رحمـﺔالله عليـﮧ است.[1] اگر اھو تسليم ڪجي ته ”سُر سارنگ“ وارو بيت خليفي نبي بخش قاسم جو آھي ته پوءِ سندس شاعريءَ جي شروعات 1210ھه کان پھرين ٿي ھوندي. داستان ٽيون : ڊاڪٽر صاحب ھن داستان ۾ 18بيت ۾ ھڪ وائي رکي آھي. ھن داستان ۾ بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر 9/د) جون آخري ٽي سٽون ”سُريمن“ جي داستان _1جي بيت نمبر 15۾ ڏنل آھن. بيت نمبر 10 کان پوءِ ”سُريمن“ جي داستان چوٿين جو بيت نمبر ٽيون رکجي ھا، جو ٻنھي بيتن جي آخري سٽون ساڳيون ئي آھن. سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ اھي بيت لاڳيتا رکيل آھن. مؤلفن اِھي ٻيئي بيت سُريمن ۾ اِنھيءَ ڪري رکيا آھن، جو اُنھن ۾ ويڄن جو ذڪر آھي، نه ته اصل ۾ اھي بيت ”سُرسسئي“ سان تعلق رکن ٿا. داستان چوٿون : ھن داستان ۾ ڪل 22بيت ۽ ھڪ وائي ڏنل آھي. بيتن جي ترتيب اڳين رسالن کان مختلف ۽ سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر ٽيون ”سُريمن“ جي داستان _ 3سان تعلق رکي ٿو، اُن کي اُتي رکڻ کپندو ھو. بيت نمبر 7 ۾ ڊاڪٽر صاحب اکر (ٺاه) لکيو آھي، جيڪو صحيح ناھي. صحيح لفظ (آه)آھي. بمبئي ڇاپي ۾ ھي بيت ٻه دفعا ٿوري فرق سان ڏنل آهي، هن بيت کان پوءِ بيت نمبر21 رکجي ھا جو سڀني رسالن ۾ اِھي ٻيئي بيت لاڳيتا رکيل آھن. بيت نمبر 14 شاھه صاحب ڪنھن اڳئين سالڪ جي بيت تي تتبع ڪيو آھي. بيت نمبر 15جي آخري سٽ ۾ (کي) بدران (لئي) لکجي ھا ته بھتر ھو، جو لوھار ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ آڱرن کي ٻئي ڏينھن لاءِ سنڀالي رکندا آھن، ته جيئن اُنھن کي ٻيھر استعمال ڪري سگهن. بيت نمبر 21 جون ٻئي سٽون ”سُر ڪلياڻ“ جي داستان _4جي بيت نمبر 34 ۾ ڏنيون ويون آھن. اصل ۾ ھي ھڪ الڳ بيت آھي. بيت نمبر 22شاھه کان اڳ جي ڪنھن سالڪ جو چيل آھي. داستان پنجون: داستان پنجين ۾ ڊاڪٽر صاحب 22 بيت ۽ 2 وايون رکيون آھن. ھن داستان ۾ بيتن جي ترتيب سھڻي رکيل آھي. بيت نمبر پنجين جي ٻولي شاھه جي بيتن سان نٿي ملي، ھي ڪنھن آڳاٽي سالڪ جو چيل ٿو ڏسجي. بيت نمبر6 جيتوڻيڪ آڳاٽن رسالن ۾ موجود آھي ته به شاھه جو نٿو لڳي. بيت نمبر 9 ڪن رسالن ۾ چئن سٽن سان ڏنل آھي، ته ڪن ۾ ٽن سٽن سان. بيت نمبر11 خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جو آھي. بيت نمبر 18 کان پوءِ ”سُرڪلياڻ“ جي داستان پھرئين جا بيت نمبر 33۽ 34 رکجن ھا، جو اِھي سڀني رسالن ۾ لاڳيتا رکيل آھن. بيت نمبر 19 ”حڪايات الصالحين“ جي حاشئي تي پڻ قلم بند ٿيل آھي ۽ بيت نمبر 21 قاضي قادن جو آھي. داستان ڇھون : ھي داستان موکيءَ ۽ متارن جي قصي سان تعلق رکي ٿو، جنھن ۾ 38 بيت ۽ ھڪ وائي شامل آھي. ھن سُر ۾ بيت نمبر ٽيون ميين شاھه عنات ڏانھن منسوب آھي ۽ سندس رسالي جي ”سُر آسا“ ۾ ڏنل آھي. بيت نمبر پنجون شاھه شريف ڏانھن منسوب آھي، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڪيو آھي ۽ سندن خيال آھي ته ھن بيت جو اسلوب بيان شاھه شريف کان وڌيڪ شاھه لطيف جو لڳي ٿو. بيت نمبر ڇھون مخدوم احمد ڀٽي جي وفات سان تعلق رکي ٿو ۽ شاھه کان ڪافي وقت اڳ جو چيل آھي. بيت نمبر اٺون ’اٿئي سڌ سرڪ جي‘ فقري سان شروع ٿئي ٿو، جنھن کان پوءِ ٻه بيت وري ٻين فقرن سان شروع ٿين ٿا، جن کان پوءِ بيت نمبر 11، 12۽ 13 ساڳئي فقري ’اٿئي سڌ سرڪ جي‘ سان شروع ٿين ٿا. اُنھن بيتن کي لاڳيتو رکجي ھا ته بھتر ھو. لاڳيتو نه رکڻ سان بيتن جو سلسلو ٽٽي پيو آھي. بيت نمبر 15 کان پھرين بيت نمبر34 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اُنھن ۾ ڪڙي سان ڪڙو ملائڻ وارو سلسلو قائم آھي. بيت نمبر 17۽ 18 کان پوءِ بيت نمبر 37 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ اھي ٽيئي بيت لاڳيتا رکيل آھن. بيت نمبر 19 کان پوءِ بيت نمبر 24 رکجي ھا ته بھتر ھو، جو اِھي ٻيئي بيت ’مٽ تڪيائون منجھيان‘ واري فقري تي ختم ٿين ٿا. بيت نمبر 20 شاھه عنات جي رسالي ۾ شاھه شريف جي نالي سان ڏنل آھي. ڊاڪٽر صاحب اُن جو ذڪر نه ڪيو آھي. بيت نمبر 30 ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب سليمان سگهڙ ڏانھن پڻ منسوب آھي. ھن داستان ۾ بيتن جو سلسلو تمام گهڻو ٽٽل ۽ بي ربط آھي. ڪافي ساڳين تڪن وارا بيت اڳ پوءِ ڪيا ويا آھن. ھن داستان ۾ ’عاشق معشوق‘ جي کنڌيءَ وارا بيت رکجن ھا، جو اُھي به موکيءَ ۽ متارن واري قصي سان تعلق رکن ٿا. اُن کان علاوه سُر ڪلياڻ جي داستان پنجين جا بيت نمبر 23، 24، ۽ 25 به ”سُريمن، جي داستان ڇھين سان تعلق رکن ٿا، جو اُنھن ۾ ڪڪوه ۽ ڪلاڙن جو ذڪر آھي. شاھه جي رسالي جي پھرئين جلد لاءِ جيڪي قلمي ۽ ڇاپي رسالا ڪم آندا ويا آھن، اُنھن ۾ شاھه جو ڪيتروئي ڪلام قلم بند ٿيل آھي. شاھه جو ڪلام کان علاوه رسالي جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ ٻين سالڪن جو به گهڻو ئي ڪلام ڏنل آھي. ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب رسالي جي ڪلام ۾ 63 ٻين سالڪن جا بيت پڻ موجود آھن، جن ۾ ڪي نالي سان ڏنل آھن ته ڪي بنان نالي جي. ڊاڪٽر صاحب رسالي مان ڪيترو ئي ڪلام ’ڌاريو‘ قرار ڏيئ رسالي جي جلد 10 ۾ جمع ڪيو آھي، پر اُن سان گڏ شاھه جا ڪيترائي معياري بيت پڻ خارج ڪري ڇڏيا آھن. مثلاَ ”سُريمن“ جو آخري داستان، جيڪو سڀني نسخن ۾ موجود آھي، سو بنان ڪنھن وضاحت جي خارج ڪيو ويو آھي. شاھه جي رسالي جي معياري متن لاءِ قلمي توڙي ڇاپي رسالن کان سواءِ ڪي ٻيا ماخذ به ڏسڻا پوندا، جن ۾ ”حڪايات الصالحين “ ۽ آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جو ڪتاب ”ھر گنيو“ خاص اھميت رکن ٿا. اُنھن ٻنھي ماخذن ۾ شاھه جا ڪيترائي معياري بيت قلم بند ٿيل آھن، جيڪي ٻين ماخذن ۾ ڪونھن. ھيٺ ”حڪايات الصالحين“ ۽ ”ھرگنيو“ مان ”سُر ڪلياڻ ويمن “ جا معياري بيت ڏجن ٿا، جن کي ايندڙ مـؤلف رسالي جي معياري متن شايع ڪرڻ وقت ذھن ۾ رکندا ته جيئن رسالي جو وڌيڪ معتبر ڇاپو شايع ٿي سگهي.[1]

داستان پھريون سنواريو

1.

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛

جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛

صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.

2.

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛

تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛

تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي.

3.

هَڻُ، حبيبَ! هَٿُ کڻِي، ٻَنگان لهِي ٻاڻُ؛

ماڳهِين مون مِنهُن ٿِئي، جھولِيءَ وِجھان پاڻُ؛

اِنَ پَرِساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابلو مون ٿِئي.

4.

جِت حبيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهن جِي؛

تِتي طبيبنِ، وِڄا وڃي وِسري.

5.

هَڻِين جي حبيبَ! محبـتِي مَيا ڪري؛

پُڇان ڪينَ طبيبَ، هوند گھائَنِ سين ٿِي گھارِيان.

6.

ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛

محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛

پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛

وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.

7.

رهي اَچجي راتڙِي، تن واڍوڙِينِ وَٽاءَ؛

جن کي سورُ سريرَ ۾، گَھٽَ مَنجھاران گھاءَ؛

لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِـيُون.

8.

اَڄُ پڻ ڪَنجھو ڪَنجَھ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِينءَ؛

جهُ پڻ پِيـيَنِ سَنجَھ، هُو پِنِيُون هُو پَٽِيـُون.

9.

سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گھايَلَ ڪيئن گھارِينِ؛

پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ؛

پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هارِينِ؛

سَڄَڻُ جي سارِينِ، تن رويو وِهامي راتڙي.

10.

سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُنڪَن رَنجُوري؛

پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿِن مامُوري؛

لڳين لَنؤ، لَطِيفُ چَئي، سَدا جِي سُوري؛

پِرتِ جن پُوري، تن رويو وِهامي راتڙي.

11.

آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ؛

آڻيو آبُ اََکينِ ۾، ڏيھ کي ڏيکارِينِ؛

سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي روئن نه چون ڪِي.

وائي

وِرسِيا ويڄَ ويچارا! دِل ۾ دَردُ پِرينِ جو؛

اُٿِيو ويڄا! مَ وهو، وَڃو ڊَبَ کڻِي؛

ٻُڪي ڏيندا ٻاجَھ جي، آيا سُورَ ڌَڻي؛

آيا جيءَ جِيارا، دِل ۾ دَردُ پرِينِ جو.

داستان ٻيو سنواريو

1 تَنَ طبيب نه تُون، سُڌِ نه لهين سُورَ جي؛ سانڍِ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛ ڪانَ گُھرجي مُون، حياتِي هوتَنِ ري. 2 ويڄنِ سين وائِيءَ پِيا، ڪِري نه ڪيائون؛ جي پَندِ پاريائُون، ته سِگھائي سَگھا ٿِيا. 3 آهي گَھڻو اَگَھنِ جو، تَرسُ طبيبنِّ؛ ڪيو وَسُ ويڄنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي. 4 پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛ تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾. 5 هارِيا! تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو؛ ڪَرِئين جي ڪِرِي، ته تون تَوانو ٿئين. 6 جي ڀائِين پِرِينءَ مِڙان، ته سِکُ چوران ڪِي ڌاتِ؛ جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ؛ اُجِھي ٻُجِھي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ؛ سَلي سُوريءَ چاڙهيا، بيان ڪَنِ نه باتِ؛ توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳِي سَلَنِ ڪينَ ڪِي. 9 تڙي طبيبنِّ، گھايَلُ گَھران ڪَڍيو؛ چِڪيا چاڪَ چِيهُون ڪري، ڪَڙيُون مور نه ڪَنِّ؛ دوستَ جي درسنَ سين، پَئي ٺارُ ٺَپَنِّ؛ وِرِچِيو ويڄَ وَڃنِّ، آءُ ته پِريَمِ! اُبَهان. 8 وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئِي سي ٿِيا؛ تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ؛ هِينئڙا! تنِين پاسِ، گھارِ ته گھايَلُ نه ٿِئين. 9 ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان! سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين. 10 هُئين ته ويڄنِ وَٽِ، تون ڪِئن جِيءَ جَڏو ٿِئين؟ سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُهه نه ڪَيءِ ڊَبَڙا؟ 11 ڪُٺِيس ڪُويڄَنِّ، تَنَ طبيبَ نه گڏيا؛ ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِّ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو. 12 تَرسُ طبيبنِّ جو، جَڏَنِ ڪيو نه جاتِ؛ جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئان تنهن دُور ٿِيا. 13 دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مون؛ ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھ جِي، نِهاري ناڙُون؛ جن جون سيڻَ لَهنِ سارُون، تن تان ڏُکندو ڏُور ٿئي. 14 اَگَھن مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي؛ ڏُور، ڏُکندا! ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.

وائي اَچِي سارَ لَهيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئوُن ماري! سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوهُ مَ ڏيجِ؛ ڊَبَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارُون، دوست! ڪَريجِ.

داستان ٽيون سنواريو

1 هَيءِ هَيءِ! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبنِ جِي! جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪين ٻَري باهِ! پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهَ نه وِسَهو! 2 ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي! جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، سيخُنِ ۾ ٽيئِي! ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وهِيڻِي سَڄَڻين! 3 سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري؛ ڇِمڪِيو سو ڇوهَ مان، ڪَڙ ڪَڙ ڪانُ ڪَري؛ جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون، لنگھي پِيو پَري؛ لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻِيان، تِيرُ نه نِڪري! 4 پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون؛ آڻِيو وجَھنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنهنجو جي؛ جيري جنِين جي، لڳا نيزا نِينهَن جا! 5 پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ! پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ! واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي. 6 پَتنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ! سَهائِيءَ سُپيرين جي، گِھڙُ ته ٿِئين گھوٽُ! اَڃا تون اَروٽُ! کُوري خَبَر نه لهِين! 7 پَتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَّ؛ پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَّ؛ سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائِيا. 8 جي تَتو تَنُ تنُورَ جئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ؛ آڻي آڳِ اَدب جي، ٻاري جانِ جلاءِ؛ بُرقعان اندر بازيون، پنهنجو سڀ پچاءِ؛ لُڇَڻُ لنؤُ، لَطِيفُ چئي، پَڌرِ هَڏِ مَ پاءِ؛ متان لوڪ لَکاءِ، وصالان وچ پَئي! 9 اڃا تَـنُوران، ڪالهه ڪڍيائون سڄڻين؛ پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌان؛ محبتين مٿان، مچُ مُورائينِ نه لهي! 10 پَچائي پَهاڻُ، جن رساڻيو رُڪَ کي؛ تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙيُنِ کي. 11 ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻَ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي؛ ٻاري مچ مَجاز جو، اوتيائون اڱارَ؛ ڌُوڌا! ٿِيُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪڻيُون ٿئي. 12 ڌُوڌا! تون نه ڌَئِين! آڳِ اوڏو نه وڃين! اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهِين! اُڀو اِئن چَئِين، ته آئون آڳَڙيو آهيان! 13 سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَھرُ لهارَ جو! ڌَڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين! 14 سَهِين جئن سانداڻ، ڌَڪن مٿي ڌَڪڙا! وَهِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين. 15 اَڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي؛ پياري پاڻِي، تيغُون ڪندا تکيون. 16 اَڄ آڳَڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻ؛ لاهِيندا مُورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پڌرو. 17 سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛ تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.

وائي جِيءُ جياريو، جِيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو؛ پِرينِ جِيءَ پَچار، سيڻن جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جياريو؛ اُڃيو تن عَمِيق مان، پِريُن پُوڄَ پياريو؛ مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻ اُتاريو؛ ڪَرَمَ ڪريمن جي مون کي، اَهُکِيءَ مان اُڪاريو؛ سنئون مُنهن ڪري، سپرين! اَئِين نرمل نورَنهاريو؛ سائلن جِئن سڏ ڪري، اَئِين طالحن کي تاريو.

داستان چوٿون سنواريو

1 ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اِيئَن! ليکيا جي لِکَڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟ هُئڻ ڪيا هِيئَن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان. 2 ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ايئن ڪري! آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري؛ دوئِي ڌار ڌري، جهُ خُلَّت خنجر آئيو. 3 ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ! اِيَ تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءِ جا قَوال سين. 4 قاتلَ ڪمائِي ڪري، وَهُ ماکي جي ڪن؛ وٽان ويهِي تن، پِيجِ ڪي پياليون. 5 هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛ پوڄَ پيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ؛ ته هَٽَ تنهنجي هنڌِ، موکي! ڪو مانُ لهي. 6 هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پياڪَن پانهنجو؛ وٽِي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ؛ سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين. 7 گَھٽَنِ ۾ گُھٽِڪَنِ، وَٽـيُون پِيَنِ وِهَ گاڏيُون؛ بَرخِيز بده ساقِي! پيار کي پِريَن؛ پِڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون مَنجھيان. 8 آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛ مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو. 9 وجھج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛ ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛ پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا. 10 جُه سي اَڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ؛ سائِي ٿِيندين اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪِي! 11 موکِي چوکِي نه ٿئي، اصل اوڇِي ذات؛ وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنهن ماريا. 12 مَتارا مري ويا، موکِي! تون نه مَرِين! ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارن ري؟ 13 مَتارا مري ويا، موکِي! تون بِي مَرُ؛ تنهنجو ڏوسُ ڏمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري! 16 سَري ڪين ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا! ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ! تِهان پوءِ ٿيونِ، مرڻ مَتارنِ کي! 15 ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهن وٽِي، عادت سندين اِيَّ؛ تنين تِڪُون ڏنيون، جُنبِي منجھان جِيَّ؛ سرو تن سَبِيّ، جَن حاصل ڪيو حال کي. 16 موکِيءَ مَٺو نه گُھريا، وِهُ نه وِهاٽيا؛ سُرڪِيءَ ڪاڻ، سيَّد چئي، اُتي ٿِي آٽِيا؛ جي ڳالهين ڳَنڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بُٺيون. 20 سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪَلالن سين! ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ! مَرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽِي ٿِي وڌِ لهي! 18 وَٽَ وَٽَ وٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ ٻيو؛ قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِياڪَن پيو؛ اَچن دُرسُ دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو؛ سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سيَّد چئي. 19 ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مون هِنئان! روئندي رات وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون!

وائي دوسُ پيهِي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو؛ ڏِينهين پُڄاڻـؤن آڻي اسان ڪي، مولي مُحب ملايو؛ ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو؛ هو جَنهِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو؛ عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، اَچِي عجيبن پاڻ فَضلُ فرمايو.

داستان پنجون سنواريو

1 صوفِي سالم سي ويا، جي اَڪثر سين اَڏيارَ؛ بازي بازِندنِ کي، آهي اَويسارَ؛ پِريا سين پَهڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا. 2 صوفِيءَ سيرُ سڀِن ۾، جئن رڳن ۾ ساه؛ سا نه ڪري ڳالهڙِي، جئن پويون پروڙي پساه؛ آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌرِي. 3 ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛ صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين. 4 صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛ منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛ جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو. 5 صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛ تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو. 6 صوفِي چائِين، سَڌَ ڪرين! صُوفين اِيَ نه صلاحَ؛ ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وجھ اُڇلي آڳ ۾. 7 جي ڪُلاهَ رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿِيءُ؛ وِه وٽِي هٿ ڪري، پُر پيالو پِيءُ؛ هَنڌُ تنِين جو هِيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي. 8 جُسي ۾ جَبّار جو، خَفِي خِيمو کوڙ؛ جَلِّي تون زبان سين، چار ئِي پهر چور؛ فڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور؛ ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائِين سَپَجي. 9 عالَم آئوُن ساڻ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪري؛ پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پکيڙيو. 10 طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي رُوءِ؛ جنِين ڏٺي جُوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪِي. 11 طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛ ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پسين مَنڊيو! 12 طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، روميءَ چيو آهي؛ تاڙِي جي لاهي، ته مَنجِھين مُشاهدو ٿئي. 13 ظاهر ۾ زاني، فِڪرَ منجھ فنا ٿيا؛ تنين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اندر ڪانِي؛ حرفُ حَقّانِي، دَورُ ڪيائون دل ۾. 14 جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙهنّ؛ فِڪرَ فَرَهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنّ؛ پَنو سو پڙهنّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي. 15 سا سِٽَ نه سارينِ، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛ ناحَقُ نهارينِ، پنا ٻيا پِرينءَ لئ. 16 سا سِٽَ ساريائون، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛ “لاَ مَقصُودَ فِي الدَّارَينِ“ اِن پَرِ اُتائون؛ سَڳَـرُ سوٺائُون، ٿيا رَسِيلا رحمانَ سين. 17 اَکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿئين ڪِياءِ؟ ڀـيرِئين ۽ ڀانـئِئين، ايڏا اِئن نه آءُ! اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي. 18 عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا؛ منجھان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتِي لال ٿيو. 19 جو مون پڙهيو پاڻ لَئ، سبقُ سابِقُ جو؛ پهرين سُڃاتم پانهنجي، نفسَ جو نِهو؛ جِي عَرفانُ اَصَل ۾، ٿي رُوحن روزَ ڪيو؛ وري وَرَقُ پيو، گڏيم وَڍُ وصال جو. 20 پَڙهيو ٿا پڙهنَّ، ڪَڙهن ڪين قُلُوب ۾؛ پاڻان ڏوهَ چڙهنَّ، جئن وَرَقَ ورائين وِتَرا. 21 اَکر پڙه اَلف جو، وَرَقَ سڀ وسار؛ اَندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا. 30 جئن جئن وَرَقَ وَرائِين، تئن تئن ڏٺو ڏوهُ؛ تنهن ڪَهڻِيءَ ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻِيءَ رهيو نه سُپرين. 23 ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سين؛ اَسان سڄڻُ تئن، رهيو آهي روح ۾. 24 تهڙا چالِيها نه چالِيھَ، جھڙوپسڻ پرينءَ جو؛ ڪهڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مٿي پنن پِيههَ؛ جي ورقَ وارِين وِيھَ، ته اَکر اُهوئِي هيڪڙو. 25 تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، ڪيم چاليها رَکُ؛ ڪوه نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺـئِي پهر اَلَکُ؟ تان تون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪَنهن ڏانهن سامهون. 26 سَڀَڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالِي ناهِ؛ اَحَدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪانئرَ ڪبا ڪانھِ؟ مُحبُّ منجھين مَنَ مانھِ، مون اَڄاڻندِيءَ اُجِھيو.

وائي وِسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا. لوٺـيُون سَهَنِ لوڪ جا، وِهاڻِيءَ ٿيون ويڻَ؛ اصل اَسارِيُنِ جا، سُتي وِيَڙا سيڻَ؛ جيڏيون! جي مان وِسَهو، ننڊ مَ هيريو نيڻَ؛ راتڙيُون جاڳن جي، سي آئُون ڪندڙي سيڻَ؛ آڌيءَ رات اُٿِي ڪري، جھل تون نِنڊان نيڻَ.

داستان ڇهون سنواريو

1 دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي رنگُ؛ گھوڙِيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي. 2 دائودِي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي چيتُ؛ گھوڙِيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي. 3 او قابِيلَ! اَکين ۾، توکي باري بانَ؛ اُڀو اَڳرايُون ڪرين، ماڳِ هڻيو مَستانَ؛ جانبَ! تون زيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين! 4 جي هو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر رکُ؛ منهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چَٽڪا چَکُ؛ سورِي ڀانءِ مَ شڪُ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين. 5 جي هو پائينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپَر ڏيجِ؛ منهن ۾ معشوقن جا، جھالُو ٿي جھليجِ؛ پاهان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين. 6 پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مار مَ مون؛ مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي. 7 ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏَ نه هَڻائين ٿا؛ ٿيا جي نيشانُ، ته پهرئين سان پورا هئا. 8 لورِي جِت لڳوم، اُتِ اُڀو ئِي آهيان؛ سورهُ پرين سَندوم، مانَ ٻاجھائي ٻيو هَڻي! 9 محبّت جي ميدان ۾، ڪر پَڙاڏو پَٽُ؛ سِرُ سورِيءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، متان ڪُڇِين ڪَٽُ! عشق نانگ نِپَٽُ، خبر کاڌن کي پوي. 10 محبّت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگُ؛ سورِيءَ سُپيرِين جي، چَڙهُ ته ٿئين چانگُ؛ عشق آهي نانگ، خبر کاڌَنِ کي پوي. 11 عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛ جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ؛ سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي.

وائي عشق تمام، بره تمام، وو! مئن لُوٺي يارَ لوڪو! سيجَ سُتي نُون جَھپَ نه آوي، نيڻين ننڊ حَرامُ؛ راتيان جاڳڻُ، صاحبُ سنڀالڻُ، اِي فقيران دا ڪامُ؛ مَتِ عقلَ دي مُنجھ گَــئِي، آيا عشق اِمامُ.

داستان ستون سنواريو

1 عاشقن الله، ويروتار نه وسري؛ آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري. 2 عاشق اِئن نه هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱرين؛ وڃي در دوستن جي، رَتُ ڏِهاڻِي رُون؛ ٻِيَ پَرِ ڪَنهِين نه پوَن، ماڪُرِ محبوبنِ سين. 3 جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعوىٰ ڪري مَ نِينهن جِي؛ سائو مُنهن، سُونهن گَــئِي، سِڪَڻَ اِيُّ شرط؛ نَڪِي گوڏِ گَـرَٿُ، مٿا سِرَ سؤدا ڪري. 4 اَڃا تو منجھان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري! منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَھلِيندي گھاءَ؟ سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين؟ 5 سِڪڻُ ۽ سورِي، ٻئي اَکَرِ هيڪڙي؛ وِهڻُ واٽَڙِيُن تي، ڪارَڻُ ضرورِي؛ ٻِنهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏني رِيَ نه جُڙي. 6 جيڪِي سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪندئين؛ پاسي تنين مَ لِڪُ، نِينهُن نه سُڃاڻن جي. 7 عاشقَ! معشوق جِي، وٺِي ويھُ ڳَرِي؛ جِمَ وِرچي ڇَڏئِين، سَندِي دوست دَرِي! ڏِيندا ٻُڪِي ٻاجَھ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَرِي؛ اَسان تان نه سَرِي، تون ڪئن سَرِي سپرين؟ 8 عاشقَ! معشوقن جو، وٺِي ويھ دُڪاڻ؛ پَـئِجِ پيش پِريُنِ جي، پَٽِيءَ وجِھي پاڻ؛ ته تون تنِين ساڻُ، سدا رهِين سُرخُرو. 9 عاشقَ! معشوق جو، وٺِي ويهج گَھٽُ؛ جِمَ وِرِچِي ڇَڏئين، موکِيءَ سندو مَٽُ؛ ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪي پِيالـيُون.

وائي سُپيريان جي سونهن جِي، ڳالھ ڪِينَ وڃي؛ وڃِي دَرِ دوستن جي، سُوريءَ سِرُ هَڄي؛ عاشقَ اَنگُن چڙهيا، ٻيو سَڀڪو ڀَڄي؛ پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻون، پهرين سِرُ سَڄي؛ عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀَڄي.

داستان اٺون سنواريو

1 هَرَ هَرَ هَرائِي، وڃڻ دَرِ دوستن جي؛ پاڙي ڏانهن پِرينِ جي، اُڄُ مَ اَوائِي! اَلڙُ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائِي؛ لائِيندءِ، لَطِيفُ چئي، سُوران سَرهائِي؛ ڳُجھو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾. 2 سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛ مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي. 3 جي پياري پاڻَ، ته ڪَرَهو ٿِي پاڻِي پِئين؛ اَڳي اِنَ نِياڻ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گِھڙي. 4 اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪِي پروڙي ڪونَ؛ سچِي جيهِي سونَ، منهن نه پيئِي ماڙهُوئين. 5 اَڻَ ڪِي عَيان نه ٿئي، ڪيِ پروڙي ڪونَ؛ سا سُونهِين ٿئي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو. 6 ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين؛ جي اَوڳڻ ڪَنِئِي، اَسُونهِين! ته تون ڳُڻان ئِي ڳِنُّ؛ پاند جھليو تون پِنُّ، هن سُونهاري سَڱَ ۾. 7 نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو؛ ٿِـيَئِ ساڃائو، جي اُڀِئين اِنهِيءَ پيرَ تي. 8 کَمُ! کَـمَندنِ کٽيو، هارايو هوڙَنِ؛ چکيو نه چُوندنِ، هو جو ساءُ صبرَ جو. 9 کَـمَندَڙَن گَھرِ کِين، چَوَندڙ چڱا نه ٿيا؛ ويڻَنِهُون ويڌُ پَئي، هٿِ نه اَچي ڪِين. 10 هُو چَوَنِـئِي، تون مَ چؤ، واتان ورائي؛ اََڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خطا سو کائي؛ پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪي. 11 ڪِنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجھان ڪِين؛ جي هوءِ سَٽاڻِي سِيڱ، ته زِهَ ڇِني جوکو ٿئي. 12 اَڻ چَوندَنِ مَ چؤ، چَوندَن چيو وسار؛ اَٺـئِي پهرَ اَدبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ؛ پايو مُنهن مُونن ۾، غُربت ساڻ گذار؛ مُفتِي منجھ وهارِ، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿئين. 13 جِنِين سَندِيءَ “ٻوڏَ“ ۾، ڀَتون ڀَتين “جِيُ“؛ تَنَ! تنين سين پِيُ، اوڏا اوڏي پَکَڙا. 14 ويٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي؛ سا مَجِلس ئِي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هَزارَ جو. 15 وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي؛ تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

وائي يار سڄڻ جي فراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئُون مارِي! دَرِ دوسَنِ جي ڪَئِين جو هوندا، مُون جيها مُشتاقَ؛ جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آه حُسنَ جِي هاڪَ؛ سُرمو سَهِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ؛ عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، پرين اَسانجو هميشہ آ حُسناڪُ.

حوالا سنواريو

  1. شاهه جو رسالو_معياري متن(جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو) ناسف علي شيراز ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع