سامونڊي (سر) __(Sur Samondi):

هن سر کي اهو نالو ان جي مضمون مطابق ڏنو ويو آهي. سر سامونڊي ۾ شاهه لطيف سمنڊ جي غورابن ۾ سفر ۽ واپار ڪرڻ وارن سامونڊين جي گهروارين جا الڪا ۽ اوسيئڙا اهڙي ته رقت آميز طريقي سان بيان ڪيا آهن جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جي دلين تي گهرو گهاو ڪيو وجهن، وڻجارن جي وهن کي نهايت سهڻيون صلاحون ۽ مفيد مشورا ڏنا اٿس، انهن جي جذبات ۽ احساسات جو اهڙو ته نقشو ويهي چٽيو اٿس جو سڄو منظر اکين اڳيان ڦريو اچي. هيءُ سر گويا سُر سريراڳ جي ڏوري آهي، يا ائين کڻي چئجي ته سر سريراڳ ۾ وڻجارن جو ذڪر آهي ته وري سر سامونڊيءَ ۾ سندن وڇڙيل وَهن جو احوال نقش ڪيل آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي