کنڀات (سُر) (Khanbhat) شاھ جي رسالي جو هڪ سُر. هن سُر تي هي نالو راڳ ”کماچ“ تان پيو آهي. جيڪو کماچ ٺاٺ جو کاڊو سمپورن راڳ آهي. هن راڳ جي ”آروهي“ يعني تہ چڙهڻ ۾ ڇھ سر، سا، گ، م، پ، ڌ، ني لڳندا آهن ۽ ريکب سر ڪونه لڳندو ۽ لهڻ ۾ ست ئي سر لڳندا. چڙهڻ ۾ کرج يعني سا، ”شڌ“ گندار يعني گا، ”تيور“، مڌم يعني ما، ”ڪومل“، پا يعني پنچم، ”شڌ“، ڌا يعني ڌيوت ”تيور“ ۽ ني يعني نکاد ڪومل تيور ٻئي لڳندا ۽ لهڻ ۾ نکاد ”ڪومل“ ڌبوت ”تيور“، پنچم، ”شڌ“، مڌم ”ڪومل“، گندار ”تيور“، ريکب، ”تيور“ ۽ کرج ”شڌ“ لڳندو. چون ٿا تہ اهو نالو هن سُر تي انڪري پيو آهي، جو گجرات جي کنڀات شهر جي هڪ مشهور گويي ان کي رچيو هو. هي سر رات جو ڏهين وڳي ڳائبو آهي. هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٻيو پهر آهي. سنڌيءَ ۾ هن راڳ کي کنڀات چوندا آهن، جنهن جي شڪل پڻ لڳ ڀڳ اهائي ساڳي بيهي ٿي. جيئن تہ سوراشٽر گجرات ۾ ڪڇ جي نار تي کنڀات نالي شهر هو. اُن ڪري هن سر جي مضمون مان لڳي ٿو تہ ان سان ڪو مشهور عشقيہ داستان لاڳاپيل هو، جيڪو داستان لطيف سائين جن پنهنجي ڪڇ ۽ گجرات واري سير، سفر واري وقت ٻڌو هوندو جيڪو پوءِ شعر ۾ قلم بند ڪيو هوندائون. هن سُر جو مضمون ٻن نمونن جو آهي: عاشقاڻو ۽ اخلاقي. شاھ پنهنجي پرينءَ جي سونهن جي ساراھ ڪئي آهي. محبوب کي چنڊ جي سونهن کان مٿي ثابت ڪيو اٿس.[1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.