سري راڳ [سر] (Siri Rag) شاھ جي رسالي ۾ هڪ سر جو نالو. ”سري راڳ“، هندوستان جي مکيہ راڳن مان هڪ آهي. ان جي ڳائڻ جو مکيہ وقت، شام 4 وڳي کان 8 وڳي تائين هوندو آهي. هي هڪڙو ئي مکيي راڳ آهي، جيڪو شاھ جي رسالي ۾ آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب، مهراڻ، معلمن، ملاحن، غواصن، سامونڊين، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن، ۽ جهازن جي مثالن وسيلي انسان کي روحاني هدايت ڏني آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.