ڏهر لوڪ ادب جي ھڪ اھم صنف آھي. ھي لفظ اصل ۾ ”ڏاھر“ آهي، جيڪو ”ڏاھ“ مان ورتل اھي. جنھن جي معنيٰ آھي ڏس پتو، سُڌ، سياڻپ وغيره. ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا گهڻي مٽيءَ واري ننڍي ميدان کي ڏهر چوندا اهن. شاھ سائينءَ جي هڪ سُر جو نالو بہ ڏهر آهي. هالا جي صوفي بزرگ، فارسيءَ جي عالم ۽ اوائلي شاعر مخدوم نوح (1505-1590ع) جي درگاھ جا مريد، پنھنجي مرشدن جي تعريف ۽ ذڪر جي سلسلي کي بہ ڏهر چوندا آهن. مخدوم طالب الموليٰ (1919-1993ع)، منٺار فقير راڄڙ ۽ ٻين جا ڏهر چيل آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.