عبدالجبار جوڻيجو

ليکڪ

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو انگريزي ٻولي (Dr. Abdul Jabbar Junejo) (پيدائش: 26 نومبر 1935ع - وفات: 12 جولاءِ 2011ع) سنڌ جو ناميارو محقق، مؤرخ، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، سنڌي ٻولي جو ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هو. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب چپيل آهن.[1]

عبدالجبار جوڻيجو
Abdul Jabbar Junejo
پيدائش (1935-11-26)نومبر 26, 1935
پير فتح شاھ، بدين
وفات 12 جُولاءِ 2011 (عمر 75 سال)
ڪراچي
ڌنڌو سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر، آرٽس فيڪلٽي جو ڊين، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين.
ٻولي سنڌي، اردو، انگريزي
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم اي سنڌي ادب، پي. ايڇ. ڊي
صنف تاریخ، لسانیات، ادب، ڪھاڻي ، تنقيد، تاريخ
مُکيه ڪم *سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
  • لاڙ جي لغات
  • سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر
  • ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو 1989ع)،
  • سرائيڪي شاعري: ايڪ مطالعه

جنم ۽ تعليم

سنواريو

ڊاڪٽر عبدالجبار جو جنم 26 نومبر 1935ع ۾ پير فتح شاهه تعلقو ۽ بدين ضلعو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو سلطان احمد آهي۔ ڊاڪٽر صاحب جنهن اسڪول ۾ پرائمري ءَ جي تعليم حاصل ڪئي اتي جي استادن ۾ محمد عرس منڌرو، حاجي محمد سليمان منڌرو، لکاڏنو واڍو، حاجي پنيلڌو، حاجي عبدالله مينڌرو، محمد رحيم ملاح، عبدالرشيد خاصخيلي، چتون مل ميگهواڙ، ڏاتر ڏنو مينڌرو، محمد عيسيٰ ملاح، محمد خان ڪنڀر، عبدالرحمان جوڻيجو ۽ هيرانند جنهن وٽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ سندس ڀاءُ عبدالمجيد ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئا. ماستر هيرانند جو گهر تنهن وقت ميرواهه ڪپ جي پاسي ۾ هوندو هو. جنهن وٽ سنڌي ۽ انگريزي گرامر پڙهيا.پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1946 ع ۾ بدين آيو، اتي چار درجا انگريزي پاس ڪري، 51-1950ع ۾ ٽنڊي باگي پڙهڻ لاءِ ويو، ٽنڊو باگو بدين کان 12 ميل اوڀر اُتر ڪنڊ تي آهي، جتي جو هاءِ اسڪول ميرغلام محمد ٽالپر ٺهرايو. جنهن جو نالو”لارينس مدرسه ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو هو“ هتي ڊاڪٽر صاحب مسٽر غلام رضا ڀٽو، ان وقت ان اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ اتي پڙهائيندڙ استادن ۾ لطف علي ٽالپر، شيخ عزيز، مسٽر لطفي ۽ مسٽر الله بخش شامل آهن. سٽي ڪاليج ۾ 58-1956ع تائين ٻه سال پڙهيو .انهيءَ دوران ادب ۽ تاريخ سان گهري دلچسپي پيدا ٿيس. 1958ع تائين سٽي ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ فرسٽ ۽ انٽر آرٽس ۾ ڪئي. 1960ع ۾ سنڌيونيورسٽي مان سنڌي ۾ B.A (Hons) ٽئين نمبر ۾ ڪئي، 1962ع ۾ ايم اي سنڌي ۾ پهرين نمبر ساڻ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، تنهن کان علاوه آنرس سميت پوري فيڪلٽي ۾ به پهريون نمبر حاصل ڪيائين. جنهن وقت ڊاڪٽر صاحب B.A ۾ داخلا ورتي ته ان وقت سنڌي شعبي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ۽ ان بعد علي نواز جتوئي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيو.[2]

پيشيور خدمتون

سنواريو

1960ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ جونيئر ليڪچرر مقرر ٿيو. 1962-08-21 ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 76-1970ع کان سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1976-1983ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر ٿيو. 1976ع ۾ سوٽا جو صدر ٿيو تنهن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ شيخ اياز وائيس چانسلر هيو. 1983ع کان 1995ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين رهيو. (تنهن وقت ۾ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي هو) 1993ع کان 1995ع تائين آرٽس فيڪلٽي جو ڊين رهيو. 1993ع کان 1994ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو. 2004ع کان 2007ع تائين ڊائريڪٽر لاڙ ميوزيم بدين رهيو . ئڪڊمڪ ڪائونسل سينٽ بورڊ آف ائڊوانسڊ اسٽڊيز انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو ميمبر پڻ رهيو.[3]

ادبي خدمتون

سنواريو

هونئن ته ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جي شعبي ۾ مڃتا پوري سنڌ اندر آهي، پر ملڪي سطح تي سندس نالو مانوارن محققن جي فهرست ۾ نمايان آهي. پر گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڊاڪٽر عبدالجبار موسيقيءَ ۾ پڻ وڏي مهارت رکي ٿو. اسان لاڙ وارن لاءِ ته ڊاڪٽر صاحب وڏي وٿ آهي. نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانءَ، استادن اديبن لاءِ رهبر ۽ وڏي ڄمارَ وارن لاءِ مثالي انسان آهي. مون جڏهن سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ پڙهيو ته دنگ رهجي ويس. ان هڪ ڪتاب جي ترتيب لاءِ جوڻيجي صاحب سوين ڪتاب، مضمون ۽ مقالا پڙهيا ۽ مصنف سان روبرو ملي مستند ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو هڪ نئون لاڙو هو، ان کان اڳ اهڙي جامع ڪوشش ڪنهن ڪانه ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مڪمل سوانح، علمي پورهيو ۽ جستجو جي تفصيلي تاريخ سمايل آهي. ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪمن ۽ ڪارنامن کان بخوبي آگاهه ٿي سگهي ٿو. ان نئين ادبي روايت کي ڊاڪٽر صاحب اڃا به اڳتي وڌايو ۽ ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘، ’ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو‘، ’محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو‘، ’سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو‘ لکي، ان روايت کي پڪو پختو ڪيو. ان جي تقليد ۾ پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ اديبن ۽ خاص طور ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي ساڳي انداز ۾ ڪتاب تيار ڪرايا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهم سرمايو ثابت ٿيا آهن. ڊاڪٽر صاحب 1952ع کان شاعري شروع ڪئي هئي ۽ ”شام“ تخلص سان دوها، بيت، وايون ۽ نظم چيائين. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”مرگهه ترشنا“ جي نالي سان 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن کيس سٺن شاعرن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو، پر اڄڪلهه نه ته هو شاعري ڪري ٿو ۽ نه وري پنهنجي نالي سان تخلص ”شام“ جو استعمال ڪري ٿو. شايد ان جو هڪ سبب اهو به هجي ته ”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جيءَ جو جانان نه رهيو....“ ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر آهي، هن سلسلي ۾ پاڻ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جو ماهر آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. سندس تعلق جيئن ته لاڙ واري علائقي سان آهي، ان ڪري هن ”لاڙ جي لغات“ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ نج لاڙ جا ڪيترائي لفظ شامل آهن، پر ڪيترائي لفظ اهڙا به شامل آهن، جيڪي اتر توڙي وچولي سنڌ ۾ پڻ رائج آهن. هن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ لکي آهي، جيڪو نهايت ڪارآمد ڪتاب آهي ۽ ادب جي شاگردن جي سٺي رهنمائي پڻ ڪري ٿو. علي نواز جتوئي مرحوم سان گڏجي ترتيب ڏنل سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”غزلن جو غنچو“ بي- اي جي ڪورس لاءِ منظور ٿيل آهي.

  • سوکڙي“ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو 1956ع)،
  • باڻو گهر“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1958ع)،
  • دانشمندي“ (ايڊٽ ڪيل 1958ع)،
  • ڪنز اللطيف“ (شاهه جي رسالي بابت 1961ع)،
  • سوري آ سينگار“ (ناول 1963)،
  • غزلن جو غنچو“ (ايڊٽ ڪيل 1963ع)،
  • سنڌيون“ (مذهبي شعر بابت 1970ع)،
  • سڄڻ نت سوجهرو“ (حضور صه بابت نظم جو ترجمو 1971ع)،
  • سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصاب 1973ع)
  • مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو 1973ع)،
  • سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽي ايڊيشن 93-83-1973ع)،
  • اڪيلي“ (ناول ترجمو 1974ع)،
  • لاڙ جي لغات“ (1975ع)،
  • مرگهه ترشنا“ (شعرن جو مجموعو 1976ع)،
  • لطيفيات“ (ببليو گرافي 1977ع)،

”لطيف ڪوئيز“ (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽيءَ جا سوال 1978ع)،

  • سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ (ٿيسز 1980ع)،
  • هيڪر هار سينگار سکي“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع)،
  • سچل نامو“ (ببليو گرافي 1981ع)،
  • يپڪ ملهار“ (آتم ڪهاڻي 1984ع)،
  • سنڌي لوڪ گيت“ (1985ع)،
  • سليس سنڌي“ (نصاب 1989ع)،
  • سنڌي ڪوئيز“ (معلومات 1989ع)،
  • ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو 1989ع)،
  • لاڙ جو مطالعو“ (مرتب ڪيل 1991ع)،
  • ٿر جي ٻولي“ (هدايت پريم سان گڏ 1994ع)،
  • مقالا“ (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ تربيت ڏنل 1988ع)،
  • نرتي تند نيازسين“ (مرتب 1988ع)،
  • ڪٺمال“ (تنقيدي مضمون 2003ع)،
  • سنڌي لوڪ گيت“،
  • سليس سنڌي“،
  • سرائيڪي شاعري: ايڪ مطالعه“ ۽
  • ميرا عشق ڀي تو“.

ايوارڊ

سنواريو
  • بين الا قوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي 1988ع
  • سچل سرمست سيمينار درازان.
  • لاڙ ثقافتي ميلو بدين 1991ع
  • سچل سرمست ايوارڊخيرپور 1998ع
  • انٽرنيشنل ڪانفرنس آن آرڪيالاجي خيرپور 2003ع
  • ڀارت ۾ ماڊلز جا ايوارڊ 2005ع (قطب مينار دهلي- تاج محل آگرو، پارليامينار مسجد حيدرآباد دکن ۽ سنڌي ٻولي وڪاس پريشد جئپور)
  • نئين زندگي ايوارڊ 2006ع
  • بيدل ايوارڊ روهڙي 2006.
  • انسٽيٽيوٽ آف بزنيس اِسٽڊيز ڪراچي 2008ع
  • سنڌي ٻولي، لکت ۽ تهذيب ڪانفرنس حيدرآباد 2009ع
  • سما دؤر سيمينار ڪراچي يونيورسٽي 2009ع
  • ڪلهوڙا دور 2009ع
  • روضي ڌڻي ايوارڊ حيدرآباد 2010ع

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 12 جولاءِ 2011ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[4]