آڪاش انصاري
الهه بخش ”آڪاش“ انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ڪيئن رهان جلاوطن‘ چار ڀيرا ڇپجي ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”اڌورا اڌورا“ عنوان سان گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ مزاحمت جو رنگ نمايان آهي، خاص طور تي سندس نظم، نوجوانن ۾ انتهائي مقبول آهن. پاڻ صحافت وارو پيشو پڻ اختيار ڪيائين. روزاني ’سوال‘ اخبار جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. ان جي بند ٿيڻ کان پوءِ هن وقت بدين ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل آهي. شاهه لطيف تي چڱي ڄاڻ رکي ٿو ۽ علمي ادبي ميڙ ڪرائڻ جو شوقين آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |