. بدين تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي بدين جو هڪ تعلقو آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ بدين شهر آهي. بدين تعلقي ۾ 12 يونين ڪاؤنسلون، 143 ديھ ۽ 1056 ڳوٺ آهن.1998 جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 2،89،259 ھئي. تعلقي م 1998 ۾ 614 ڇوڪرن لاء ۽ 64 ڇوڪرين لاء پرائمري اسڪول واقع ھيا جن ۾ 20225 ڇوڪرا ۽ 12504 ڇوڪريون تعليم پرائيندڙ ھيون[1].

بدين
تعلقو
تعلقه بدين
سنڌ جي نقشي ۾ بدين ضلعو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ بدين ضلعو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
بدين is located in سنڌ
بدين
بدين
بدين is located in Pakistan
بدين
بدين
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°39′N 68°50′E / 24.650°N 68.833°E / 24.650; 68.833مڪانيت: 24°39′N 68°50′E / 24.650°N 68.833°E / 24.650; 68.833
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو بدين ضلعو
يونين ڪاؤنسلون 12
آبادي (1998)
 • ڪل 3,53,734

يونين ڪاؤنسلون سنواريو

بدين تعلقي ۾ 12 يونين ڪاؤنسلون آهن، جن مان 3 بدين شهر ۾ اچن ٿيون.

بدين تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ انھن جي آبادي
يونين ڪائونسلن جا نالا آبادي (1998) آبادي (2017)
1 بدين 1 26,372
2 بدين 2 29,353
3 بدين 3 32,367
4 عبدالله شاه 27,764
5 ڀڳڙا ميمڻ 34,035
6 ڪڍَڻ 27,674
7 قاڏي قاضيہ 28,571
8 لُنواري شريف 24,240
9 مِٺي 27,203
10 نِندو شهر 28,792
11 سيراڻي 33,260
12 محمد خان ڀُرڳڙي 34,103
ڪل 3,53,734

آبادي سنواريو

1998 جي آدمشماري مطابق بدين جي آبادي 3,53,734 آهي، جنهن ۾ 80% مُسلمان، 15% هندو ۽ 5% عيسائي آهن.بدين تعلقي جِي سرڪاري ٻولي سنڌي آھي، تعلقي ۾ ٻيون به ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون جَن ۾، سرائڪي، اردو، بلوچي، پنجابي، مارواڙي، گجراتي، پشتو، هندي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن. شهر ۾ سنڌي ٻولي واپاري رابطي جو ذريعو آهي

سماجي زندگي سنواريو

بدين جي ماڻهن ۾ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ملازمن کان علاوه مزودر، هارِي پڻ آهن. هِتي جا مزدور ڀاڄي منڊي، ڪارخانن ۽ رازن، واڍن وٽ ڪم ڪري پنهنجو گُذر سفر ڪَن ٿا.

صحت سنواريو

بدين شهر ۾ لڳ ڀڳ .... ننڍيون وڏيون اسپتالون آهن ۽ لڳ ڀڳ ..... رت جون ليباريٽريون (بلڊ بئنڪ) آهن.

اسپتالون سنواريو

  • سول اسپتال / انڊس اسپتال بدين،
  • سٽي او پي ڊي بدين،
  • ڪينٽومينٽ اسپتال بدين.
  • علي ميڊيڪل سينٽر بدين،
  • جعفري اسپتال بدين،
  • ڪاظمين اسپتال بدين،
  • مولابخش جعفري اسپتال بدين،
  • ايم ڪي اسپتال بدين،
  • عباسي اسپتال بدين،
  • .... ميڊيڪل سينٽر،

۽ اُن کان علاوه هوميوپيٿڪ ڪلينڪ پڻ هِتي آهن. شهر ۾ اسپتالن کان علاوه عورتن لاءِ ويم گھر پڻ جھجھي تعداد ۾ موجود آهن.

يونين ڪاؤنسلون سنواريو

بدين تعلقي ۾ 12 يونين ڪاؤنسلون آهن، جن مان 3 بدين شهر ۾ اچن ٿيون.

بدين تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ انھن جي آبادي
نمبر يونين ڪاؤنسلن جا نالا آبادي (1998) آبادي (2017)
1 بدين 1 26,372
2 بدين 2 29,353
3 بدين 3 32,367
4 عبدالله شاه 27,764
5 ڀڳڙا ميمڻ 34,035
6 ڪڍَڻ 27,674
7 قاڏي قاضيہ 28,571
8 لُنواري شريف 24,240
9 مِٺي 27,203
10 نِندو شهر 28,792
11 سيراڻي 33,260
12 محمد خان ڀُرڳڙي 34,103
ڪل 3,53,734

حوالا سنواريو