سانوڻ فقير (وفات 1918 ع) ھو هڪ ڪلاسيڪل سنڌي شاعر هو جيڪو سنڌي ٻوليء جي شعر کي پڙهي ٿو "بيت". سندس "بيتن" وڏي ڊيگهه هئا. سانوڻ فقير خاصخيلي [1]قبيلي سان تعلق رکندڙ هو ۽ 1857-1870ع ۾ نندو شھر (بدين ضلعي) جي ويجهو ڳوٺ ۾ شھداد خاصخيلي ۾ پيدا ٿيو.

سانوڻ، ڏينهن جو مال چاريندو هو ۽ رات جو ڪچهرين ۾ ٻين شاعرن جابيت چوندو هو، پر اڃا پنهنجا بيت نه چيا هئائين. سانوڻ فقير جي شاعريءَ جي شروعات بابت مختلف روايتون رائج آهن.جن مان ڪن موجب سانوڻ فقير ويجهن عزيزن جي وفات جي غم سببان بيت چيا ۽ ٻين موجب کيس مجاز جي مهميز آئي ۽ هن شاعري شروع ڪئي.

هڪ روايت موجب سانوڻ فقير، ڇپني واري ڏڪار جي ٻئي سال

سانوڻ فقير جا ڪيترا شاگرد ٿيا، جنمان مولا بخش خاصخيلي، صديق فقير، بچايو فقير رند، توڏو فقير مري، علي خانڪورائي مشهور آهن.

سانوڻ فقير سان بيتن ڏيڻ وقت ڪاني (نڙ) وڄائيندڙن ۾ موسو خاصخيلي (ڳوٺ ڪنڊڙي)، کٻڙ خاصخيلي (اکين کان وڏو)، فقير گلو اوٺاري (بدين)، سندس ساٿاري هوندا هئا.