سر (Melody) اهو آواز (لهجو) جيڪو نسن (رڳن) مان نڪ جي ناسن (سوراخن) وسيلي ساهه سان گڏ نڪري ٿو. اصطلاحي زبان ۾ اهو من موهيندر (وڻندڙ) ترتيب ۽ تنظيم وارو آواز ، جيڪو سازن جي وڄت مطابق يا ائين ئي نڙيءَ مان سُريلو نڪري، ان کي ”سر “ چئبو آهي. علم موسيقيءَ (راڳ) مطابق ”سرگم راڳ“ جي ستن حصن (س–ر-گ-م-پ-ڌ-ن) مان هڪ حصي (ڀاڱي) کي ”سر“ سڏبو آهي. ”سر“ لفظ جي شروعات آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ کان ٿي. موهن جي دڙي مان بوڙينڊو ۽ چنگ جا ساز مليا آهن، ناچڻيءَ جي مورتي ملي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي سر سنگيت عام هو. ان کانپوءِ تاريخي دور ۾ ڏٺو وڃي ته ان جا اُهڃاڻ هندي راڳ ۾ ملن ٿا، جنهن کي هندستاني قديم موسيقي (ٺمري) چئجي، ته بيجا نه ٿيندو. سنڌي زبان ۾ سر جي تاريخ غالباً سومرن جي ڏينهن کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي.[1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.