انيلا ناز سومرو

شاعره، ڪالم نگار، پروفيسر

ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو (انگريزي:Dr. Anila Naz Soomro) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙسنڌي ٻوليءَ جي شاعر، ڪالم نگار ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي.

ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو
Dr. Anila Naz Soomro

ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو
پيدائش انيلا ناز سومرو
جنوري 1975 (عمر 49 سال)
جوهي، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو انيلا ناز سومرو
ڌنڌو شاعر، ڪالم نگار، پروفيسر
ٻولي سنڌي
رهائش ڄامشورو
شهريت پاڪستاني
تعليم ايم ايس سي فريش واٽر بائيولاجي، پي.ايڇ.ڊي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
ڪاگوشيما يونيورسٽي جاپان
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري،ڪالم

زندگي جو احوال سنواريو

انيلا ناز سومرو سنڌ جي ضلعي دادو جي جوهي شهر ۾ جوهي شهر جي ادبي ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر علي نواز سومرو جي گهر ۾ 8 جنوري 1975ع تي جنم ورتو.[1]

تعليم سنواريو

ڊاڪٽر انيلا پرائيمري تعليم پنهنجي شهر جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان 1990ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج دادو مان 1992ع ۾ ڪيائين.  بي ايس  آنرس فريش واٽر بايولوجي ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ ايم ايس سي جي ڊگري فريش واٽر بايولاجي ۽ فشريز ۾ 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. انيلا ايم ايس/ايم فل جي ڊگري 2008ع ۾ ڪاگوشيما يونيورسٽي جاپان مان حاصل ڪئي.[2] هن 'جهينگي مڇيءَ جي دريائي ماحوليات, تنوعي تحفظ, سوانح ۽ لڏپلاڻ جي حڪمت عملي' جي تحقيقي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري  پڻ جاپان جي شهر ڪاگوشيما ۾ قائم ڪاگوشيما يونيورسٽي مان 2011ع ۾حاصل ڪئي آهي.[3]

علمي ادبي خدمتون سنواريو

انيلا ناز سومرو ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو. هن جو لاڙو شاعري توڻي نثر ڏانهن رهيو. تعليم سان گڏ هن لکڻ واري شوق کي به جاري رکيو.انيلا ناز سومرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اول 2001ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. بعد ۾ ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي ۽ هاڻ 2018ع کان پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي[4] ۽ سندس نگراني ۾ اسڪالر ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. انيلا  سومرو سٺي شاعر ۽ ڪالم نگار پڻ آهي. سندس ڪيترائي ئي ڪالم ماحوليات ۽ ٻين موضوعن تي مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ شايع ٿيل آهن ۽ شايع ٿين پيا.[5] [6][7]شاعري ۾ هن غزل ۽ نظم جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي.[8] ڊاڪٽر انيلا امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح سان گڏ عورتن جي حقن واري تنظيم سان پڻ لاڳاپيل رهي آهي.[9]ڊاڪٽر انيلا مٺي پاڻي جي ماحوليات جي ماهر پروفيسر آهي. سندس ڊاڪٽريٽ جو مقالو  مٺي پاڻي جي دريائي ماحولياتي نظام ۾ جهينگي جي نقل مڪاني  جي طريقي ڪار, تحفظ يا بچاءُ، ماحوليات  ۽ مقدار يا ان جي آبادي جي مطالعي تي منحصر  آهي. ان حوالي سان مٺي پاڻي ۾ جيوت جي ماحوليات ۽ ان جي بچاءُ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر انيلا خاص مهارت رکي ٿي. سندس تحقيق جو مرڪز سنڌ ۾ مٺي پاڻي جي جيوت جي ماحولياتي نظام  جو مطالعو ۽  آبادي ۽ تبديل ٿيندڙ ماحولياتي نظام جو مڇيءِ جي جيوت تي اثر رهيو آهي. هيءُ سنڌو درياھ جي جيوت جي نقل مڪاني ۽ سنڌو درياھ جي هيٺاهين وهڪري جي پاڻي جي جيوت جي نقل مڪاني تي پوندڙ  اثرن  تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي. هن تازي پاڻي ۾ ٻُلهڻ ۽ ڪميءَ  جي ماحولياتي تحفظ بابت به ڪم ڪيو آهي. سندس 30 کان مٿي تحقيقي مقالا قومي توڻي ٻين الاقوامي سطح تي معياري ۽ مڃيل رسالن ۾ ڇپيل آهن.[5]

حوالا سنواريو

  1. "Dr Anila Naz Soomro". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  2. "جوهيء جي با همت سنڌي نياڻي انيلا سومرو کي سلام جنهن جپان مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي آهي". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  3. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  4. "Anila Naz Soomro | University of Sindh, Pakistan - Academia.edu". usind.academia.edu. حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  5. 5.0 5.1 "Author Details | Our Nature". www.nepjol.info. حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  6. says, Mir Zafarullah Jamali. "ڍنڍون ۽ انهن جي اهميت ....انيلا ناز سومرو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  7. Says, Muneer Bhurgri. "نئين گاج رحمت به، زحمت به! -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-21. 
  8. "ڪاگوشيما جون يادون ۽ تبليغي....ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-09. 
  9. "Shaista Soomro - Interview with Aneela Soomro". Shaista Soomro - Interview with Aneela Soomro. حاصل ڪيل 2020-09-09.