ڪالم __(Column):

اخبار ۾ مستقل موضوع لاءِ مخصوص ڪيل ڪالمن واري حصي ۾ لکيل مضمون کي ڪالم چيو ويندو آهي. ڪالم روزانو به ٿيندو آهي ته سلسليوار يا هفتيوار به ٿيندو آهي. ڪالم جو موضوع ڪو به ٿي سگهي ٿو، ڪالم تحقيقي به ٿي سگهي ٿو ته مشاهداتي به ٿي سگهي ٿو. ڪالم لکندڙکي ڪالم نگار يا ڪالمسٽ به چيو ويندو آهي. ڪالم ۾ خصوصي ملڪي، سياسي حالتن جي تبصرن کي اهميت ڏني ويندي آهي[1]..

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي