ڊاڪٽر عرفانه ملاح (انگريزيDr. Arfana Mallah) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ، ڪالم نگار ۽ سماج سڌارڪ آهي.

ڊاڪٽر عرفانه ملاح
Dr. Arfana Mallah

ڊاڪٽر عرفانه ملاح
پيدائش ڳوٺ سيتا دادو
ڌنڌو پروفيسر ليکڪ
ٻولي سنڌي
رهائش ڄامشورو
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. ايس سي ڪيمسٽري، پي ايڇ ڊي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع مضمون، ڪالم

زندگي جو احوال سنواريو

ڊاڪٽر عرفانه ملاح سنڌ جي دادو ضلعو جي ڳوٺ سيتا ۾ 27 آگسٽ 1974ع تي[1] ناليواري استاد غلام محمد ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]

تعليم سنواريو

هن پرائيمري پنهنجي ڳوٺ سيتا مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم سيتا شهر ۾ حاصل ڪئي. هن انٽر ميڊيئيٽ ميهڙ ڊگري ڪاليج منجهان ڪئي. جڏهن ته هن 1988ع ۾ ايم ايس سي ڪيمسٽري ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. هن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون.[2]

علمي ۽ ادبي خدمتون سنواريو

ڊاڪٽر عرفانه کي ننڍپڻ کان علم ۽ ادب سان لڳاءُ هو. هن ريڊيو پاڪستان توڙي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر ۽ نجي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين ۽ ٻين چينلن تي ڪمپيئر سان گڏ لکڻ پڻ شروع ڪيو. ادبي ميدان ۾ هن پاڻ مڃائي ورتو.[3] ان کان علاوه هن سماج سڌارڪ طور پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي انساني حقن، خاص طور تي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ اهم آهي. سندس مضمون ۽ ڪالم مختلف معياري رسالن ۽اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳا.[4] هيءُ اول سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار مقرر ٿي ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏنائين. بعد ۾ 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. هن وقت پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. عرفانه ملاح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جي ميميمبر به رهي آهي[5] ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم سوٽا جي صدر پڻ رهي آهي.[6]

حوالا سنواريو