امر سنڌو(انگريزي:Amar Sindhu)سنڌ، پاڪستان جي مشهور شاعر، ليکڪ، ڪالم نگار ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي جي پروفيسر آهي.

امر سنڌو
Amar Sindhu

امر سنڌو
پيدائش سلمه لغاري
آگسٽ 1968 (عمر 55 سال)
دودو لغاري، ميرپور خاص ضلعو، پاڪستان
قلمي نالو امر سنڌو
ڌنڌو شاعر، ڪالم نگار ، پروفیسر
ٻولي سنڌي
رهائش ڄامشورو
شهريت پاڪستاني
تعليم ماسٽر ڊگري فلاسافي، آيل آيل بي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري، ڪالم
مُکيه ڪم اوڄاڳيل اکين جا سپنا

زندگي جو احوال سنواريو

امر سنڌو جو اصل نالو سلميٰ ۽ سندس والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي. سندس جنم ميرپور خاص ضلعو جي تعلقي ميرپورخاص جي ڳوٺ دودو خان لغاري ۾ 28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو.

تعليم سنواريو

امر ڊبل ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي آهي.

علمي ادبي خدمتون سنواريو

سنڌُو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊپارٽمينٽ آف فلاسافيءَ جي پروفيسر ۽ چيئرپرسن آهي. سندس مستقل رهائش سيٽلائيٽ-ٽائون، ميرپورخاص ۾ آهي. امر سنڌو باشعور ۽ باصلاحيت ليکڪا آهي.[1] هن جي شاعري، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. اڪثر ادبي ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهندي رهندي آهي ۽ سخت نقاد ۽ باشعور ليکڪا طور مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿي ۽ سماجي ۽ ادبي حوالي سان نهايت سرگرم ڪارڪن آهي. عورتن جي سجاڳيءَ ۽ سندن حقن لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. سندس ڪجهه شاعري شيخ اياز جي نوٽ سان ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ ۾ ڇپيل آهي ۽ هڪ شعري مجموعو اوڄاڳيل اکين جا سپنا ڇپيل آهي.[2][3]

حوالا سنواريو