مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي ولد مرزا دوست محمد پھرين مارچ 1897ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو. احسن ڪربلائي مشھور شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. مرزا صاحب پنھنجي والد کان قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. مرزا صاحب 1918ع کان حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان 1953ع ۾ آڪٽراءِ انسپيڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ پوءِ پنھنجي حياتيءَ جا باقي ڏينھن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان گذاريائين. احسن ڪربلائيءَ شاعريءَ جو آغاز، 1914ع کان شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪيو. پھريائين تخلص ”ظفر“ اختيار ڪيائين ۽ پوءِ ان کي ”احسن“ ۾ تبديل ڪيائين. شاعريءَ جي فن ۾ پھريائين پنهنجي والد ۽ پوءِ حافظ شاھ، مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا مدد علي بيگ کان رهبري حاصل ڪندو رهيو. سندس ڪلام حمد، نعت، قصيدو، مرثين، سلام، غزل، نظم، مثنوي وغيره تي مشتمل آهي. مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي 28 اپريل 1962ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس فرزند ممتاز مرزا پڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ سندس ڀاڻيجا ميرزا عباس علي بيگ ۽ مراد علي ميرزا وڏا عالم آهن.[1]

  1. "احسن ڪربلائي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-05.