مرثيو (Elegy) عربي زبان جو لفظ اھي، جنھن جي معنيٰ اھي ”فوت ٿي ويل جو بيان“. مرثيو دراصل نظم جو قسم آھي جنھن ۾ ڪنهن فوتيءَ جون خوبيون ۽ خوبيون نروار ڪيل هونديون اھن. بعد ۾ ڪربلا جي واقعي کان پوء مرثيو ان سان منسوب ٿي ويو تنهنڪري هاڻ مرثيو ان شعر کي چيو ويندو اھي جنھن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي شھادت/واقعہ ڪربلا جو ذڪر ھجي. سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ سيد ثابت علي شاھ (1740-1810ع) ان جو صنف جو باني سمجھيو وڃي ٿو. ثابت علي شاھ جي مرثين جي خاص ڳالھ اھا اھي تہ مرثين ۾ مقامي رنگ ڀرڻ لاءِ هن ”سنڌي سماجي جيوت“ جي ڪيترن ئي پھلوئن کي نج سنڌي لفظن ۽ محاورن ۾ سنواري موزون ڪيو آھي.[1][2]

حوالاسنواريو

  1. "مرثيو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-07-18. 
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.