آءِ ايڇ عثماني
ڊاڪٽر آءِ ايڇ عثماني (Dr. I.H. Usmani)، پاڪستان جو ناميارو ائٽمي ۽ ڪيميائي سائنسدان، 15 اپريل، 1917ع تي ڄائو. سندس اصلي نالو عشرت حسين عثماني هو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ايس.سي. ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان ايم.ايس.سي. ڪرڻ کان پوءِ، 1940ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان، نوبل انعام يافته سائنسدان ڊاڪٽر جي.پي. ٿامسن جي نگرانيءَ ۾، ائٽمي طبعيات ۾ پي.ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ هندستان جي سول سروس ۾ شامل ٿي، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. ورهاڱي وقت لڏي پاڪستان هليو آيو. هتي پاڪستان ۾ 1950ع کان 1955ع تائين هو. درآمدات ۽ برآمدات جو چيف ڪنٽرولر رهيو. بعد ۾ 1958ع تائين مغربي پاڪستان ۾ صنعت کاتي ۾ ڊائريڪٽر رهيو. 1960ع کان 1971ع تائين پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين رهيو. ان حيثيت ۾ هن تمام وڏا ڪم ڪيا. سندس پهريون وڏو ڪم طب، رياضيءَ، ڪيميا ۽ ٻين شعبن جي 500 ماهرن کي ترقي يافته ملڪن ۾، اعليٰ تحقيق ۽ تربيت لاءِ موڪلڻ هو. اسلام آباد ويجهو نيلور ۾ "پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ" جو بنياد وڌائين.
ڪراچيءَ ۾ 137ميگاواٽ جو نيوڪليئر پاور ري ائڪٽر نصب ڪيائين. زراعت ۽ حياتيات جو ادارو، فيصل آباد ۾ قائم ڪرڻ جو جس به کيس ئي حاصل آهي. زراعت، صنعت، معدنيات ۽ طب جي شعبن ۾ جوهري توانائي جا تحقيقي مرڪز، لاهور، ڪراچي، فيصل آباد ۽ ٽنڊي ڄام ۾ قائم ڪيائين.
سال 1973ع ۾ ریٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ هو، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وزارتن ۾ سيڪريٽري به رهيو. ان وچ ۾ ”پاڪستان سائنس فائونڊيشن“ جي تشڪيل پڻ ڪيائين. سندس ڪم جي مڃتا طور کيس "ستاره امتياز" (SI) پڻ ڏنو ويو. پاڻ گهڻو وقت گڏيل قومن (UNO) جي مختلف بورڊن ۽ ڪميشن ۾ رهيو. 18 جون، 1992ع تي وفات ڪري ويو.[1]