لينئي جي گلن جي گھڙي سان ڀل نہ کائو.

گلن جي گھڙي (Floral Clock)، ھڪڙي وڏي آرائشي گھڙي آھي جيڪي گھڙي جي شڪل ۾ قالين سان ٺھيل آھي، عام طور تي پارڪن يا ٻي عوامي تفريحي جڳھن ۾ ملي ٿي. گھڻي جڳھن ۾ گلن جي ڪيارين جي ھيٺان زمين ۾ هن جو ميکانزم ٺھيل آھي، جنھن کي پوءِ ھلندڙ بازوئن سان ھڪ گھڙيءَ جي شڪل وانگر ڏسڻ لاءِ پوکيو ويندو آھي، جنھن ۾ گلڻ جا ٻوٽا به رکي سگھن ٿا.

ايڊنبرا، اسڪاٽلينڊ ۾ گلڻ واري گھڙي

پهرين گلن واري گھڙي جو خيال ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ جي پارڪس جي سپرنٽينڊنٽ، جان ميڪ هيٽي جو هو. اهو پهريون ڀيرو سال 1903ع جي بهار ۾ ويسٽ پرنسز اسٽريٽ گارڊنز ۾ پوکيو ويو. ان سال ان ۾ صرف هڪ ڪلاڪ وارو ڪنڊو هو پر ايندڙ سال هڪ منٽ وارو ڪنڊو شامل ڪيو ويو. سال 1952ع ۾ هڪ ڪوئل جيڪي هر چوٿون ڪلاڪ ٻاهر نڪرندي هئي، شامل ڪئي وئي. هن گھڙي کي جلد ئي برطانيه ۽ بعد ۾ سڄي دنيا ۾ نقل ڪيو ويو.[1]

ايڊنبرا ۾، ڪلاڪ ميڪانزم ايلن رامسي جي مجسمي جي پلنٿ اندر جي ڀرسان قائم ڪيو ويو. فايف ۾ ايلي پارش چرچ مان بچيل حصن کي استعمال ڪندي پهريون ميڪانزم جيمس رچي اينڊ سنز پاران نصب ڪيو ويو.[2] هڪ نئون ميکانزم سال 1934ع ۾ لڳايو ويو ۽ 1973ع کان هن کي بجلي ذريعي هلايو ويو. اهو اڃا تائين جيمس رچي ڪلاڪ ميڪرز جي سنڀال ۾ آهي.

ٻن طرف واري گلن جي گھڙي جيڪا ھڪڙي سسٽم طرفان هلائي ويندي آھي، زڪاٽلان، پيوبلا، ميڪسيڪو ۾ واقع آھي. هن جا ٻه طرف آهن، هر هڪ پنج ميٽر (16 فوٽ) قطر ۾ آهي. اهو، ريلوجيس سئنٽيناريو، هڪ مقامي ڪارخاني پاران تعمير ڪيو ويو.

مائيڪل جيڪسن وٽ سندس نيورلينڊ رينچ تي گلن جي گھڙي هئي. ٻيون گلن واريون گھڙيون، بين الاقوامي امن باغ، اتر ڊڪوٽا ۽ منيٽوبا جي وچ ۾ سرحد تي، راڪفورڊ، الينوائي ۽ فرينڪفورٽ، ڪينٽڪي ۾، ڏسجي سگهجن ٿيون.

19 مئي، 2016ع تي، ڪيليفورنيا ۾ ڪيماريلو پلازا ۾ هڪ 13 فوٽ (4 ميٽر) قطر جي گلن واري گھڙي جي نمائش ڪئي وئي. اها گھڙي مسٽر ڊيوڊ پِڪ جي يادگار طور ٺاهي وئي.

تصويرون

سنواريو

خارجي لنڪس

سنواريو
  1. "Saying it with flowers: Historic Floral Clock's 2020 design pays tribute to NHS and key workers". وقت 2021-04-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-09-24.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Monuments and Statues of Edinburgh, Michael T.R.B. Turnbull (Chambers) p.5