ڪمال ڄامڙو

مشهور اديب، محقق ۽ سنڌي ۽ اردو جو شاعر

ڪمال ڄامڙو (آگسٽ 1، 1972[1]_ ڊسمبر 16، 2020)[2][3] سنڌ جو هڪ ليکڪ، تعليم دان، محقق ۽ شاعر هو.[4][5][6][7][8] [9]سنڌي ساهتيه ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڪتاب چڇيل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن پڻ رهيو.[2]

ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر
پيدائش ڪمال
1 آگسٽ 1972
راڻي پور
وفات 16 ڊسمبر 2020
ڪراچي, پاڪستان
پيشو پروفيسر ، ليکڪ ، تعليم دان ، محقق ۽ شاعر
جيون ساٿي 1
ٻار ٻچا 2

شروعاتي جيون ۽ تعليم سنواريو

ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، راڻيپور ۽ هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ضلعي خيرپور ۾ آگسٽ 1، 1972ع تي جنم ورتو.[4][1][5][10] [4]هن پنهنجي پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، جڏهن ته مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان حاصل ڪئي،[5][1] [10] انکانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪيائين.[4] [1]هن لوڪ ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽي کان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي.[2][1][7][4] اهو پي ايڇ ڊي وارو مقالو ڪتابي صورت ۾ 2010ع ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.[4]

ڪيريئر سنواريو

ڪمال ڄامڙو مئي 1998ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر ٿيو.[4][2][1] آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.[4][5] ماهوار رسالو ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو[1]. هو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ ڪم ڪندو رهيو[4][2] ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو.[4][2][1] ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد[4] ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين پڻ رهيو.[11][12]

لکڻيون سنواريو

هن جا سنڌ جي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون، شاعري ڇپجندي رهي آهي.[4][5] هو ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکندو رهيو.[4] [4]طارق عزيز شيخ سان گڏجي لکيل سندس مقالو ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘، شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڇپيل آهي[4][1]. سنڌي لوڪ فنڪارن بابت هن جو هڪ ڪتاب ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘، ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.[4][1]

سندس ڪجهه ڪتاب جا نالا هيٺ ڏيجن ٿا.

  • ڪچهريءَ جا مور[13]
  • سنڌي ٻولي ۽ ثقافت[13]
  • ڀٽائي ۽ ڀُونءِ[13]
  • بهادر ڇوڪري، ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون[13]
  • سنڌي لوڪ ادب[13]
  • عشق جي عنايت (فقير علي گوھر وڳڻ جو ڪلام)[13]

ايوارڊ سنواريو

سندس نالو سنڌ حڪومت پاران پرائِڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ وفاقي حڪومت کي نامزد ڪيو ويو هو. ڪمال ڄامڙو کي سندس تحقيق ۽ لکڻين جي عيوض صوفي فائونڊيشن پاران صوفي ايوارڊ ڏنو ويو.

وفات سنواريو

ڪمال ڄامڙو ڊسمبر 16 ، 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊينگي بخار سبب 48 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،[4][1][11][14][3][12][15][6][16][7] [4]کيس هنڱورجا ڀرسان دفنايو ويو.[17]

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد ۾". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-12-17. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جو خدمتگار – موقف" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  3. 3.0 3.1 "وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو – وائيس آف سنڌ لنڊن". حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 "ڄامڙو ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 "راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو". DailyAas Hyderabad (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  6. 6.0 6.1 Tunio, Aftab. "سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو". www.awaztv.tv. حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  7. 7.0 7.1 7.2 "Researcher, academic Dr Jamro passes away". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  8. "Remembering Dr. Kamal Jamro". www.radio.gov.pk. حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  9. "ڄامڙو ڪمال : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-12. 
  10. 10.0 10.1 "ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو – Daily APPEAL Karachi روزاني اپيل ڪراچي". حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  11. 11.0 11.1 https://awamiawaz.pk/656658/
  12. 12.0 12.1 "ناليوارو اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو". SindhTvNews. حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 13.4 13.5 "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-05-05. 
  14. "ناليوارو اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال خان ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  15. "ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو فوت، وڏي وزير پاران تعزيت". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  16. "Prof Kamal Jamro passes away". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2021-03-19. 
  17. "راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو". DailyAas Hyderabad (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-11-12.