راڻيپور، سنڌ
راڻي پور پاڪستان جي صوبي سنڌ جو شھر آھي جيڪو ضلعي خيرپور ۾ واقع آھي۔
راڻي پور Ranipur | |
---|---|
شهر | |
راڻي پور ۾ واقع سچل سرمست جي مزار. | |
جاگرافي بيهڪ: 27°17′20″N 68°30′16″E / 27.28889°N 68.50444°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | خيرپور |
بلندي | 45 ميل (148 ft) |
آبادي (2014) | |
• ڪل | 40,000 |
راڻيپورسنڌ (انگريزي Ranipur,Sindh) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور جي سوڀو ديرو تعلقي جي ھڪ ٽائون ڪاميٽي جيڪا نيشنل ھاء وي 5 تي واقع آھي. ھن شھر جي ڀرسان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ درازا واقع آهي، جتي سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست جو مقبرو آهيان کان علاوه ھن شھر ۾ مختلف پيرن فقيرن جا مقبرا پڻ آھن جن م صالح شاھ، درگاہ حضرت سید حاجنہ شاھ سخی بودلا بخاری شامل آهن. شھر ۾ يادگار علامتي دروازا پڻ آھن جن ۾ باب دستگير، باب سچل سرمست، باب بودلا، باب صالح شاھ، باب عبدالجبار شاھ ۽ باب ڇتن شاھ بادشاھ شامل آهن. ھي شھر راڻي پور ھڪ عورت جي نالي سان مشهور آهي جنهن جي مزار درگاہ حضرت سید حاجنه شاہ سچي بودلا رح جي روضي ۾ موجود آهي.ھن شھر ء ان جي پسگردائيءَ وارن ڳوٺن ۾ مختلف ذاتين جا سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو رھن ٿا جن م وطني، ڄامڙا، جوڻيجا، ننگريجا ثڳڙ، بروھي، ڀيلار، ڪلھوڙا، عباسي، شاھاڻي، وساڻ، سولنگي، راڄپر، سھتا، سيد، پیرزادہ،ھڱورا ۽ گھانگھرا وغيرہ شامل آھن . ھتي راڻي پور شگر مل ھڪ اھم صنعتي يونٽ آھي.
تعليم
سنواريوھڪ ننڍڙو شھر ھوندي بہ ھي شھر تعليم ۾ اڳڀرو رهيو آهي.ھتي گورمينٽ پرائمري اسڪول 1892 ۾ قائم ٿيو. گورنمينٽ ھاء اسڪول جو قيام 1939 ۾ عمل ۾ آيو. ان وقت راڻي پور ميرن جي رياست خيرپور جو حصو ھيو. ھن وقت اتي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول، سچل سرمست بوائيز ڊگري ڪاليج،گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ، مھراڻ ھائر سيڪنڊري پبلڪ اسڪول،بحريہ فائونڊيشن ڪاليج ۽ ٻيا کوڙ سارا پرائيويٽ اسڪول موجود آهن پر ھن شھر کي تعليم جي حوالي سان مظھر مسلم ماڊل ھائر سيڪنڊري اسڪول جي ڪري وڌيڪ مشھور آھي جنھن جو باني انجنيئر ممتاز علي چنو آھي.ھن اسڪول ۾ بورڊنگ واري سھولت پڻ موجود آهي ۽ پري پري جا علائقن جا شاگرد ھتي تعليم پرائين ٿا.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |