چانڊيا (شھدادڪوٽ)


ديھ چانڊيا(انگريزي: Deh Chandia) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 5 اعتبار خان چانڊيو جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو پٺاڻ ۾ واقع آهي.

چانڊيا (شھدادڪوٽ)
ديھ چانڊيا
ديھ
Deh Chandia
چانڊيا (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
چانڊيا (شھدادڪوٽ)
چانڊيا (شھدادڪوٽ)
چانڊيا (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
چانڊيا (شھدادڪوٽ)
چانڊيا (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°51′38″N 67°57′29″E / 27.86056°N 67.95806°E / 27.86056; 67.95806مڪانيت: 27°51′38″N 67°57′29″E / 27.86056°N 67.95806°E / 27.86056; 67.95806
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,366

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو جي برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ محمد حسن چانڊيو، ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو، ڳوٺ حاجي خان مستوئي، ڳوٺ بھادر خان چانڊيو ۽ ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. انھن پراڻن ڳوٺن مان اعتبار خان چانڊيو ۽ محمد حسن چانڊيو اڃان تائين معروف آھن. ڪجهه نوان ڳوٺ پڻ قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ ڳوٺ عيد محمد بروھي، ڳوٺ بختيار بروھي، ڳوٺ فضل محمد بروھي ۽ ڳوٺ الھرکيو بروھي شامل آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ ۾ چانڊين جا ڳوٺ ڪثرت ۾ واقع ھيا ان ڪري ان تي چانڊيا نالو پئجي ويو. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پٺاڻ ، اوڀر ۾ ديھ ڪلھوڙا، ڏکڻ ۾ ديھ ڪڙيو صوبدار ۽ اولھ ۾ ديھ سيلرا واقع آهن. ھن ديھ مان شھدادڪوٽ رتوديرو روڊ ۽ ٽانوري شاخ گذرن ٿا.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,366 ھئي ۽ گھرن جو تعداد 1,046 ھيو[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]