پي آءِ بي ڪالوني

گلشن اقبال سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو
(پي آء بي ڪالوني کان چوريل)

يو سي 19 پي آء بي ڪالوني:(انگريزي: UC 19 PIB Colony) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي ضلعي ڪراچي اوڀر جي گلشن اقبال سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي. جيڪا سنڌ جي پھرين وڏي وزير پير الاهي بخش جي نالي سان منصوب آھي. پير الاهي بخش دادو مان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ پير مظهر الحق جو والد ھيو ۽ ان جو گھر پڻ ان ڪالوني م واقع آهي[1]. جن يونين ڪائونسل جون حدون اتر ۾ ھڪ ڪلوميٽر لياري ايڪسپريس وي سان ملي ٿي، اولھ ۾ نفيس آباد ۽ مارٽن ڪواٽرز، ڏکڻ م شڪارپور ڪالوني، پي اي سي ايڇ ايس ، ۽ اوورسيز سوسائٽي، اوڀر ۾ عيسا نگري ۽ لياقت نيشنل اسپتال واقع آھن. ھن يو سي جي ھڪ وڏي ايراضي تي سينٽرل جيل ڪراچي پڻ واقع آھي. ھي ڪالوني سنڌ حڪومت پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ انڊيا کان ھجرت ڪري آيل مسلمانن جي رھائش جي سھولت لاء ٺھرائي ھئي.[حوالو گھربل] ھن يونين ڪاميٽي ۾ 2015 جي بلدياتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو محمد شاھد خان چيئرمين ۽ مشتاق علي وائيس چيئرمين چونڊجي آيا ھئا[2]. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ ، سنڌي، پٺاڻ ۽ ٻيا رھندڙ آھن. پٺاڻن جي اڪثريت ان جي نشتر بستي ۾ رهندڙ آهي[1].

پير لاھي بخش ڪالوني
پي آءِ بي ڪالوني
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
يو.سي. 19 پي آءِ بي ڪالوني
پي آءِ بي ڪالوني ۾ واقع سينٽرل جيل ڪراچي
پي آءِ بي ڪالوني ۾ واقع سينٽرل جيل ڪراچي
سنڌ، پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°53′N 67°03′E / 24.883°N 67.050°E / 24.883; 67.050مڪانيت: 24°53′N 67°03′E / 24.883°N 67.050°E / 24.883; 67.050
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو گلشن اقبال سب ڊويزن
ٿاڻو پي آءِ بي ڪالوني ٿاڻو

تعليم ۽ صحت سنواريو

ھتان جي تعليمي ادارن ۾ آغا خان گورنمينٽ گرلس ڪاليج، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، ڪراچي ڪڊز يونيورسٽي، ايس ايس گرامر اسڪول، لٽل ھيون انگلش اسڪول، لٽل ووڊ اسڪول، ڪريسنٽ گرامر ھاء اسڪول، ايس اين ايس ايجوڪيشن سسٽم شامل آهن. صحت جي سھولت لاء ھتي جام ڪوثر پبلڪ ويلفيئر اسپتال، فيملي ميڊيڪل سينٽر، پڻ واقع آهي .

مشھور جايون سنواريو

ھتي جي مشهور جاين م سينٽرل جيل ڪراچي، پي آء بي ڪرڪيٽ گرائونڊ( جيڪو ڪراچي ميونسپل پبلڪ پارڪ ۾ واقع آهي)، پاڪستان پوسٽ آفيس، خواجه ناظم الدين ھال، مدني مسجد، جامعہ مدرسا راشديه ۽ کتري مسجد شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار جي رھائش پڻ ھن ڪالوني ۾ واقع آهي.

روڊ سنواريو

ھن يو سي جي حدن سان ملندڙ روڊن ۾ لياري ايڪسپريس وي، مارٽن روڊ، جيل روڊ، يو سي جي اندر گذرندڙ مشھور روڊن م پي آء بي ڪالوني مين روڊ، شھيد اسلم روڊ شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 https://www.pakistantoday.com.pk/amp/- (PIB emerges as another battleground for ethnic pressure groups-pakistantoday.com.pk)
  2. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-کراچی-ضلع-شرقی/