متحده قومي موومنٽ

ايم ڪيو ايم، مهاجرن جي هڪ سياسي جماعت آهي، جنهن جو چيرمين الطاف حسين آهي. ايم ڪيو ايم: (اڳوڻي مهاجر قومي موومينٽ ۽ هاڻي متحده قومي موومينٽ) پاڪستان جي هڪ سياسي پارٽي آهي، جنهن جو مکيه حلقو ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر آهن، جتي ورهاڱي کانپوءِ ڀارت کان لڏي آيل آبادي وڏي انگ ۾ رهندڙ آهي. بنيادي طور تي هيءَ جماعت 1947ع کان پوءِ ڀارت کان لڏي آيل ماڻهن جي نمائنده سياسي جماعت طور سڃاڻپ رکي ٿي. پر هاڻي ان جو دائرو وڌايو ويو آهي.

Muttahida Qaumi Movement
متحدہ قومی موومنٹ
اڳواڻ الطاف حسين
Convener نديم نصرت
باني الطاف حسين
بنياد March 18, 1984 (1984)
صدر مقام نائين زيرو ، 494/8, عزيز آباد، ايف بي ايريا، ڪراچي .
شاگرد ونگ آل پاڪستان مھاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيش
خيراتي ونگ خدمت خلق فائونڊيشن
نظريو لبرل ازم
سوشل لبرل ازم
مھاجر نيشنل ازم[1][2]
سيڪيولرزم[3][4]
سياسي پاسو Centre-left
رنگ ڳاڙھو، سائو ۽ اڇو
            
نعرو Empowering People
سينيٽ
5 / 104
قومي اسيمبلي
/ 342
<div style="background-color:
  1. C80000; width: اظھاري چُڪَ: غير متوقع / عامل.%; height: 100%;">
سنڌ اسيمبلي
/ 168
<div style="background-color:
  1. C80000; width: اظھاري چُڪَ: غير متوقع / عامل.%; height: 100%;">
پارٽي جو جھنڊو
ويب سائيٽ
www.mqm.org

سڀ کان اڳ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) نالي شاگردن جي هڪ تنظيم 11 جون 1978ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن شاگرد جماعت اڳتي هلي 18 مار چ 1984ع تي ”مهاجر قومي موومينٽ“ نالي سياسي جماعت جي شڪل اختيار ڪئي.

26 جولاءِ 1997ع تي ايم ڪيو ايم هڪ اعلان ذريعي پنهنجي نالي مان ”مهاجر“ لفظ خارج ڪري، ان جي جاءِ تي ”متحده“ لفظ وڌو. هيءَ جماعت پاڻ کي غير مذهبي ۽ سيڪيولر لاڙن جي دعويدار سڏي ٿي. 1988ع کان پوءِ مختلف وقتن ۾ ٿيندڙ چونڊن (1988ع کان 2008ع تائين) هيءَ جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) سان اتحاديءَ طور حڪومت ۾ شامل رهي آهي. جنرل مشرف دور جي 2001ع وارين عام چونڊن کان وٺي اڄ سوڌو سنڌ جي گورنر جو عهدو ايم ڪيو ايم جي حمايت يافته شخص وٽ رهندو اچي ٿو.

متحده قومي موومينٽ جو سربراهه الطاف حسين آهي، جنهن کي پارٽيءَ وارا عام طور ”قائد تحريڪ“ چوندا آهن. هو 1992ع ۾ ڪن سببن جي ڪري خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري لنڊن هليو ويو هو. جتي هن هڪ مڪمل سيڪريٽريٽ قائم ڪري پارٽيءَ جون جيئن واڳون سنڀاليون آهن ته اڃا تائين (2009ع) اتان ئي پارٽيءَ کي هلائيندو رهي ٿو. پاڪستان اندر معاملا هلائڻ لاءِ هڪ رابطه ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي. هيءَ جماعت عام چونڊن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن مان اڪثريت ۾ سيٽون کٽندي رهي آهي. 1990ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ هن پارٽيءَ جو هڪ ڌڙو پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويو ۽ ان آفاق احمد ۽ عامر خان جي اڳواڻيءَ ۾ ’ايم ڪيو ايم (حقيقي) جي نالي سان ڌار گروپ ٺاهيو. اهو باغي گروپ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم سان سياسي طريقي سان تضاد ۾ رهي ٿو.[5]

حوالا

  1. Siddiqi, Farhan Hanif, The Politics of Ethnicity in Pakistan: The Baloch, Sindhi and Mohajir ethnic movements, Routledge, صفحو. 116 
  2. Talbot, Ian, "The Punjabization of Pakistan: Myth or Reality", Pakistan: Nationalism without a Nation? (Zed Books), صفحو. 65 
  3. Cohen, Stephen P., "Pakistan: Arrival and Departure", The future of Pakistan (The Brookings Institution), صفحو. 22, The avowedly secular Muttahida Qaumi Movement (MQM)... 
  4. Lyon, Peter, "Mohajir Qaumi Mahaz", Conflict between India and Pakistan: An Encyclopedia (ABC-CLIO), صفحو. 115, Despite its ethnic-based politics, the MQM claims to be the only significant political force in Pakistan to stand up openly for secular values. 
  5. ايم ڪيو ايم : (Sindhianaسنڌيانا)
sd:زمرو:Pages using duplicate arguments in template calls,sd:زمرو:سانچا,sd:زمرو:سنڌ,sd:زمرو:سياست,sd:زمرو:متحدهہ قومي موومنٽ,sd:زمرو:ٽٽل فائل ڳنڍڻن وارا صفحا,sd:زمرو:پاڪستان,