پيراگوئي

ڏکڻ آمريڪا ۾ جمھويہ

پيراگوئي(انگريزي: Paraguay) /ˈpærəɡw/ سرڪاري نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي اٿس. ڏکڻ آمريڪا ۾ واقع ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي. ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ ارجنٽائينا، آوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ برازيل، اتر اولھ ۾ بوليويا. ھن جي وچ مان درياء پيراگوئي وھي ٿو.

ريپبلڪ آف پيراگوئي

República del Paraguay  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])

Tetã Paraguái  (Guaraní)
Flag of پيراگوئي
{{{coat_alt}}}
Flag[nb 2] مھر جو نشان[nb 1]
شُعار: '"Paz y justicia" (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
"امن ۽ انصاف"
ترانو: 
Paraguayos, República o Muerte  (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي Spanish)
Paraguayans, Republic or Death
مڪانيت  پيراگوئي  (dark green) نقشو ڏکڻ آمريڪا  (ڀورو رنگ)
مڪانيت  پيراگوئي  (dark green)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (ڀورو رنگ)

جو مقامپيراگوئي
گادي جو هنڌ ايسنسيئون
25°16′S 57°40′W / 25.267°S 57.667°W / -25.267; -57.667
سڀ کان وڏو شهر ايسنسيئون
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ (2016[1])
مذهب (2017)
مقامي آبادي پيراگوئين
گوئراني (محاورتن)[2]
حڪومت وحداني ھڪ پارٽي جي غلبي وارو نظام صدارتي ريپبلڪ
• صدر
ماريو ايبڊو بينٽيز
ھيگو ويلازڪئيز مورينو
فرنئنڊو لوگو
مقننه پيراگوئي جي ڪانگريس
پيراگوئي جي سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
اسپين کان آزادي
• آزادي جو اعلان
14 مئي , 1811
• تسليم ڪيو ويو
25 نومبر , 1842
• گڏيل قومن کيس تسليم ڪيو
24 آڪٽوبر , 1945
پکيڙ
• جملي
406٬752 km2 (157٬048 sq mi) (59th)
• پاڻي (%)
2.3
آبادي
• 2018 اندازو
7,052,984[3] (104th)
•  گھاٽائي
17.33 /km2 (44.9 /sq mi) (210th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$95.011 ارب ڊالر [3] (88th)
• في سيڪڙو
$13,471[3] (96th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$41.851 ارب ڊالر [3] (94th)


BBVA پيراگوئي

تاريخ سنواريو

پيراگوئي 1811 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ملڪ 1865 کان 1870 تائين ارجنٽينا، برازيل ۽ يوراگوئي جي اتحاد سان جنگ دوران مردن جو 66 سيڪڙو جاني نقصان ۾ وڃايو ان سان گڏوگڏ ھن ملڪ کان ڪافي حصا بہ کسجي ويا. ان جنگ بعد اڌ صديءَ تائين ھن ملڪ جي معيشت تباھ حالي جو شڪار رھي.

 
چاڪو واري جنگ (35-1932) جو خطو گرين چاڪو جنھن جو وڏو حصو بوليويا وڃايو ۽ يوراگوئي م شامل ٿي ويو

1932 کان 1935 تائين بوليويا سان چاڪو واري جنگ جي نتيجي ۾ چاڪو واري ھيٺاھين پٽن واري زمين جو وڏو حصو ھن ملڪ جي قبضي ۾ آيو. 1950واري ڏھاڪي دوران ھن ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر الفريڊو اسٽروئيسنر اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ 35 سالن بعد 1989 ۾ سندس اقتدار جو خاتمو ٿيو جنھن بعد ھن ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن سان جمھوريت جو آغاز ٿيو[9].

جاگرافي سنواريو

 
پيراگوئي جو ڪوپن(انگريزي: Köppen) وارو نقشو
 
پيراگوئي ۾ گرين چاڪو جو زميني منظر

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 23 00 S, 58 00 W ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 406,752 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 397,302 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9450 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 61 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,655 ڪلوميٽر آھن جيڪي ٽن ملڪن سان ملن ٿيون. ارجنٽينا سان 2531 ڪلوميٽر، بوليويا سان 753 ڪلوميٽر ۽ برازيل سان 1371 ڪلوميٽر ملي ٿي. ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي . ھتي جي زميني سرسبز چراگاھن سان ۽ ٻيلن سان ڀرپور آھي. ملڪ جي سراسري اوچائي 178 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام سيرو پيرو آهي جنھن جي بلندي 842 فٽ آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، عمارتي ڪاٺ، ڪچو لوھ، ميگنيز ۽ لائيم اسٽون شامل آهن[9].

آبهوا سنواريو

ھتان جي موسم سب ٽراپيڪل کان ٽيمپريٽ آهي. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ تمام گھڻي برسات پوندي آھي پر الھندي پاسي برسات جي ڪمي جي ڪري خشڪسالي رھندي آھي.[9]

پيراگوئين ماڻهو سنواريو

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,943,739 ھئي ۽ دنيا ۾ ھن جو نمبر 104 ھيو.ماڻھن ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو ميسٽيزو آھن جيڪي اسپيني ۽ آمريڪي انڊين ماڻھن جو گاڏڙ آھن. باقي نسلن جا ماڻهو رڳو 5 سيڪڙو آھن. ملڪ جون سرڪاري ٻوليون اسپيني ٻولي ۽ گوئراني ٻولي آھن. ماڻھن جو 89.6 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن. 6.2 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آھي[9]،

زراعت سنواريو

ملڪ جي زرعي زمين 53.8 سيڪڙو آهي جنھن مان 10.8 پوکي لائق ۽ 0.2 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 42.8 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 43.8 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 تائين 1362 چورس ڪلوميٽر ھئي[9].

نالو سنواريو

ملڪ جو سڄو نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي آهي. ملڪ جو نالو درياء پيراگوئي جي نالي تي رکيل آهي جيڪو ھن ملڪ ۾ وھي ٿو. ان جي معني آهي پيياگوئا(انگريزي: Payagua)جو پاڻي آھي. پيياگوئا اتان جو ھڪ مقامي قبيلي جو نالو آهي جيڪو ان درياءَ جي پاسي ۾ رھندو ھو[9].

سياسي نظام سنواريو

ISO 3166-2:PY ڊپارٽمينٽ گادي جو ھنڌ آبادي (2018 ۾) پکيڙ (km²) ضلعا
ASU گاديءَ وارو ضلعو آسينسيئن 524,190 117 1
1 ڪانسيپٽسيئن ڪانسيپٽسيئن 244,071 18,051 12
2 سان پيڊرو سان پيڊرو 419,629 20,002 21
3 ڪارڊيليرا ڪائاڪوپي 299,234 4,948 20
4 گوئائرا ولارريڪا 220,818 3,846 18
5 ڪئاگوئازو ڪورونيل اويئڊو 545,904 11,474 22
6 ڪئازاپا ڪئازاپا 184,530 9,496 11
7 اٽاپوئا انڪارنيسيئن 592,017 16,525 30
8 مسيئونز سان جوئان بتيستا 123,442 9,556 10
9 پيراگوئري پيراگوئري 254,884 8,705 18
10 الٽو پارانا سائوڊاڊ ڊي ائسٽ 796,689 14,895 22
11 سينٽرل ڊپارٽمينٽ ايريگوئا 2,072,041 2,465 19
12 نيمبوڪو پلار 88,784 12,147 16
13 امامبي پيڊرو جوئان ڪيباليرو 164,462 12,933 5
14 ڪيننڊييو سالٽو ڊيل گوئائرا 221,647 14,667 14
15 پريزيڊنٽي ھيئيز ولا ھيئيز 121,075 72,907 8
16 الٽو پيراگوئي فوئريٽ اولمپو 17,219 82,349 4
17 بوقيران فلاڊيلفيا 63,011 91,669 3
پيراگوئي آسينسيئن 7,052,983 406,752 254

ھتان جي انتظامي تقسيم ڊپارٽمينٽن ۾ ٿيل آهي. ملڪ ۾ 17 ڊپارٽمينٽ آھن ۽ ھڪ گاديءَ جو هنڌ آهي. ڊپارٽمينٽ وري ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آھن.ڊپارٽمينٽن جا نالا آهن:الٽو پيراگوئي، الٽو پارانا، امامبي، آسينسيئن (جيڪو گاديءَ جو ھنڌ پڻ آهي)، بوقيران، ڪئاگوئازو، ڪئازاپا، ڪيننڊييو، سينٽرل ڪانسيپسيئان، ڪارڊيليرا، گئائرا، اٽاپوئا، مسيونز، نيمبوڪو، پيراگوئري، پريزڊنٽي ھيئز، سان پيڊرو.

ھن ملڪ ۾ ووٽ جو حق 18 سالن کان 75 سالن جي عمر تائين آھي. رياست جو ۽ حڪومت جو سربراھ صدر آھي. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس آهي ٻہ ايواني آھي.ھڪ ايوان چيمبر آف ڊپٽيز آھي جنھن جون 80 سيٽون آهن ۽ ٻيو چيمبر آف سينيٽرز آھي جنھن ۾ 45 سيٽون آھن. ٻنھي جو مدو پنج سال ھوندو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن جا 9 جج ھوندا آھن[9].

حوالا سنواريو

  1. Central Intelligence Agency. "Paraguay". The World Factbook. Langley, Virginia: Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 1 January 2017. 
  2. Reed, Richard K. "Prophets of Agroforestry: Guaraní Communities and Commercial Gathering". University of Texas Press. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 "Paraguay". World Economic Outlook Database, October 2018. International Monetary Fund. حاصل ڪيل 9 October 2018. 
  4. Paraguay – Constitution, Article 140 About Languages. International Constitutional Law Project. http://www.servat.unibe.ch/icl/pa00000_.html#A140_. Retrieved 3 December 2007.  (see translator's note)
  5. "8 LIZCANO" (PDF). Convergencia.uaemex.mx. وقت 15 January 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 October 2012. 
  6. "Latinobarómetro 1995 - 2017: El Papa Francisco y la Religión en Chile y América Latina" (PDF) (ٻولي ۾ Spanish). حاصل ڪيل 19 January 2018. 
  7. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 15 September 2018. 
  8. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2015-11-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ


حوالي جي چڪ: "nb" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="nb"/> نہ مليو