يوڪيريئوٽا

(يوڪيريئوٽ کان چوريل)

يوڪيريئوٽس(انگريزي: Eukaryotes) اھڙن جاندارن جو نالو آھي جنھن جي جيو گھرڙي کي جھلي ۾ ويڙھيل مرڪز(انگريزي: cell nucleus) ھوندو آھي. جڏھن تہ بئڪٽيريا ۽ آرڪائيا کي مرڪز ڪانہ ٿيندو آهي [3] [4][5]يوڪيريئوٽس جو تعلق دائري يوڪيريئوٽا يا يوڪيريا سان آھي. لفظ يوڪيريئوٽا يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: يو (يوناني:εὖ) جي معني آھي چڱو يا سچو پچو؛ ڪيريون,(يوناني:κάρυον) جنھن جي معني آهي گورو(انگريزي: "nut"يا "kernel") [6]

يوڪيريئوٽس
Temporal range: اوروسيريئن -اڃان تائين موجود - سانچو:ھڪ ڊگھي دؤر وارو پنڊپھڻ
يوڪيريئوٽس ء ان جي قسمن جا مثال- ڪلاڪ وائيز مٿان کان کاٻي پاسي:ڳاڙھي رازي ماکي جي مک، بوليٽس ايڊيولسچمپنيزي آئسوٽرائيڪا انٽيسٽنلس

, فارسي مکڻو ڪوپ ۽والواڪس ڪارٽيري

سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): يوڪيريئوٽا
ڪنگڊمز آف يوڪيريئوٽا[2] يا سپر گروپ
ٻوٽنواري ڪنگڊم –
جانورن واري ڪنگڊم –
فنگاء واري ڪنگڊم

يوڪيريئوٽڪ جاندارن مان جيڪي جانورن ، ٻوٽن ۽ فنگاء جي ڪنگڊمن يا تقسيمن ۾ شامل ڪري سگھڻ جھڙا نہ ھوندا آھن تہ کين پروٽيسٽا جي ڪنگڊم م رکيو ويندو آهي


گھرڙن جو جھليدار نظام ۽ انھن جا جزا

يوڪيريئوٽڪ جاندارن جي جيو گھرڙن جا عضوا جھلين (انگريزي: membrane) ۾ ویڙھيل ھوندا آھن. ڪجهه ٻوٽن ۽ الجاء جي جيو گھرڙن ۾ ڪلوروپلاسٽ پڻ ھوندو آھي. انھن جي جھليدار نظام کي اينڊو ميمبرين سڏيو ويندو آهي.[7]گھرڙن جو مرڪز ٻٽي جھلي ۾ ويڙھيل ھوندو آھي جنھن کي نيوڪلس ميمبرين يا نيوڪلس جو لفافو بہ چوندا آھن جنھن ۾ سنھا سوراخ ھوندا آھن جن ذريعي مادا اندر داخل يا خارج ٿيندا آهن[8] اھي بناوٽ جون خاصيتون ھڪ گھرڙيائي جاندار(انگريزي: unicellular) آرڪيئا ء بئڪٽيريا ۾ نہ ھونديون آھن. يوڪيريئوٽس گھڻ گھرڙيائي جاندار(انگريزي: Multicellular) ھوندا آھن ۽ انھن جا گھرڙا پاڻ ۾ ملي مختلف نمونن جا تاندورا(انگريزي: tissue)ٺاھيندا آھن. جانور ۽ ٻوٽا سڀ کان وڌيڪَ سڃاتل يوڪيريئوٽس آھن. يوڪيريئوٽس جاندارن م پيدائش جو ھڪ طريقو جنسي ميلاپ وارو ھوندو آھي جنھن کي ميئوسس(انگريزي: meiosis) جنھن ۾ ھڪ گھرڙو ورھائجي ٻن ھڪ جھڙن جينياتي بناوٽ وارن گھرڙن م تبديل ٿي ويندا آهن. .پيدائش جو ٻيو طريقو وري جنسي ميلاپ کان سواءِ ٿيندو آهي جنھن کي مٽوسس(انگريزي: mitosis) چوندا آهن جنھن م ڊي اين اي جو پيدائشي عمل(انگريزي: DNA replication) گھرڙي جي تقسيم جي ٻن ڦيرن سان چار ھیپلائڊمونث گھرڙا(انگريزي: haploid daughter cells) پيدا ڪندا آهن جيڪي جنسي گھرڙن يا گميٽ(انگريزي: gamete) وارو ڪم ڪندا آھن. انھن مان ھر گميٽ کي ڪروموسومز جو ھڪ سيٽ ھوندو آھي. [9]دنيا جي ننڍن جاندارن جون سموريون برادريون ھن حياتياتي دائري سان تعلق رکن ٿيون.[10] يوڪيريئوٽا جاندارن جي شروعات 1.6 ارب سال کان 2.1 ارب سالن واري دؤر ۾ ٿي جنھن کي پروٽيروزائڪ دؤر(انگريزي: Proterozoic eon) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

مٽوڪونڊرين جي سادي بناوٽ

مٽوڪونڊرين سواءِ ھڪ قسم جي جملي سڀني يوڪيريئوٽا جي گھرڙن جو ھڪ ننڍڙو جزو يا عضوو آھي.رڳو ھڪ يوڪيريئوٽا، جنھن جو نالو مونوسيرڪامنائڊز (انگريزي: Monocercomonoides) آھي، اھو عضوو وڃائي ڇڏيو آهي.[11]مٽوڪونڊريا گھرڙي اندر کنڊ کي ايڊينوسائن ٽراء فاسفيٽ ۾ تبديل ڪري يوڪيريئوٽڪ گھرڙي کي توانائي فراھم ڪندو آهي .[12]مٽوڪونڊريا م پنھنجو الڳ قسم جو ڊي اين اي(انگريزي: DNA), ٿئي ٿو جيڪو بناوٽ ۾ بئڪٽيريا جي ڊي اين اي وانگر ھوندو آھي جيڪو rRNA ۽ tRNA جينز کي پنھنجي ضابطي ۾ رکندو آهي ۽ آر اين اي(انگريزي: RNA) کي پيدا ڪندو آھي, جنھن جي مشابهت يوڪيريئوٽا جي ڀيٽ ۾ بئڪٽيريا جي آر اين اي (انگريزي: RNA) سان وڌيڪ ھوندي آھي. [13]

تاريخ سنواريو

 
ڪنسٽنٽائين مريسچڪووسڪي جنھن گھرڙن جو نسبتي تعلق جو بنياد انھن جي مرڪز جي آڌار تي تجويز ڪيو

يوڪيريئوٽا وارو خيال ھڪ فرينچ حياتياتي ماھر ايڊورڊ چئٽن(انگريزي: Edouard Chatton)(1883-1947) سان منصوب ڪيو ويندو آهي. لفظ پروڪيريئوٽ(انگريزي: prokaryote) ۽ يوڪيريئوٽ(انگريزي: eukaryote) وري ڪيناڊا جي حياتياتي ماھر راجر اسٽينيئر ۽ آمريڪا جي ڊچ نسل واري مائڪروبائيولاجي جي ماھر سي.بي.وان نيل(انگريزي: C. B. van Niel) 1962 ۾ ٻيھر متعارف ڪرايا.

حوالا سنواريو

  1. "Tracing back EFL gene evolution in the cryptomonads-haptophytes assemblage: separate origins of EFL genes in haptophytes, photosynthetic cryptomonads, and goniomonads". Gene 441 (1–2): 126–31. July 2009. doi:10.1016/j.gene.2008.05.010. PMID 18585873. http://linkinghub.elsevier.com/retrieve/pii/S0378-1119(08)00219-9. 
  2. "The revised classification of eukaryotes" (PDF). The Journal of Eukaryotic Microbiology 59 (5): 429–93. September 2012. doi:10.1111/j.1550-7408.2012.00644.x. PMID 23020233. PMC 3483872. http://www.paru.cas.cz/docs/documents/93-Adl-JEM-2012.pdf. 
  3. Youngson, Robert M. (2006). Collins Dictionary of Human Biology. Glasgow: HarperCollins. ISBN 0-00-722134-7. 
  4. Nelson, David L.; Cox, Michael M. (2005). Lehninger Principles of Biochemistry (4th ed.). New York: W.H. Freeman. ISBN 0-7167-4339-6. 
  5. Martin, E.A., ed (1983). Macmillan Dictionary of Life Sciences (2nd ed.). London: Macmillan Press. ISBN 0-333-34867-2. 
  6. "eukaryotic". Online Etymology Dictionary. 
  7. Linka, Marc; Weber, Andreas P.M. (2011). "Evolutionary Integration of Chloroplast Metabolism with the Metabolic Networks of the Cells". Functional Genomics and Evolution of Photosynthetic Systems. Springer. p. 215. ISBN 978-9400715332. https://books.google.com/books?id=WfzEgaLibuwC&pg=PA215. 
  8. "The nuclear envelope". Cold Spring Harbor Perspectives in Biology 2 (3): a000539. March 2010. doi:10.1101/cshperspect.a000539. PMID 20300205. 
  9. Zimmer C. "Scientists Unveil New 'Tree of Life'". The New York Times. حاصل ڪيل 2016-04-11. 
  10. "Prokaryotes: the unseen majority" (PDF). Proceedings of the National Academy of Sciences of the United States of America 95 (12): 6578–83. June 1998. doi:10.1073/pnas.95.12.6578. PMID 9618454. PMC 33863. Bibcode1998PNAS...95.6578W. http://www.pnas.org/cgi/reprint/95/12/6578.pdf. 
  11. "A Eukaryote without a Mitochondrial Organelle". Current Biology 26 (10): 1274–1284. May 2016. doi:10.1016/j.cub.2016.03.053. PMID 27185558. 
  12. "Re: Are there eukaryotic cells without mitochondria?". madsci.org. 
  13. Watson, James; Hopkins, Nancy; Roberts, Jeffery; Steitz, Joan Argetsinger; Weiner, Alan (1988). "28: The Origins of Life" (English ۾) (Hardcover). Molecular Biology of the Gene (Fourth ed.). Menlo Park, CA: The Benjamin/Cummings Publishing Company, Inc.. p. 1154. ISBN 0-8053-9614-4.