حياتياتي تقسيم(انگريزي: kingdom) جنھن کي لاطيني ٻوليءَ ۾ ريگنم(انگريزي: regnum) جمع ريگنا(انگريزي: regna) دائري کان پوء حياتياتي درجہ بندي جو ٻيون سڀ کان وڏو درجو آھي. حياتياتي تقسيم جا درجا وري ننڍن ننڍن گروپن ۾ ورھايل آھن جنکي بڻياد يا فائلم(انگريزي: Phylum) سڏين ٿا.روايتن ڪجهه آمريڪي نصابي ڪتابن ۾ حياتياتي تقسيم جا ڇھ قسم ڄاڻايل آھن:

  1. اينيميليا
  2. پلانٽاء
  3. فنگس
  4. پروٽسٽا
  5. آرڪائييا يا آرڪائي بيڪٽريا
  6. بيڪٽريا يا ايوبيڪٽيريا
حياتيدائروورهاستبڻياددرجوترتيبخانداننسلجنس
طبقاتي نظام حياتياتي درجابندي جا اٺ وڏا ٽئڪسانامي وارا درجاسانچو:بائيولاجيڪل جنسوار ورڇ\مرڪزي وچ وارا ننڍا درجا ناھن ڏيکاريل

انڊيا، برطانيا، يونان، آسٽريليا، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي نصابي ڪتابن ۾ حياتياتي تقسيم جا پنج قسم ڏيکاريل آھن:

  1. اينيميليا
  2. پلانٽاء
  3. فنگاء
  4. پروٽسٽا
  5. مونيرا

مورثي خاصيتن جي بنياد تي جديد گروھ بندي ڪندڙ ڪجهه تازين درجہ بندين ۾ حياتياتي تقسيم يا ڪنگڊم واري ھن درجي کي ختم ڪيو ويو آهي. ان جو سبب اھو آھي تہ حياتياتي تقسيم جا مٿي ڄاڻايل درجن ۾ سڀ قطعي طور تي ساڳي بڻ بڻياد وارا جانور ناھن جيڪي ساڳين آب ڏاڏن جي اولاد ھجن.

رابرٽ ايڇ.وٽيڪر Robert H. Whittaker جون 1969 ۾ تجويز ڪيل زندہ جاندارن جي درجہ بندي لاء نئون سرشتو جنھن ۾ پنج ڪنگڊمز جا نالا آهن: 1. ڪنگڊم مونيرا ( Kingdom Monera)
پروڪيريوٽس جيڪي مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪري سگھن
2.ڪنگڊم پروٽسٽا (Kingdom Protista)
ھڪ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.

3.ڪنگڊم فنگاء ( Kingdom Fungi)
گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي گھڻ غذائي طريقي سان کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.
4. ڪنگڊم پلانٽي (Kingdom Plantee)
گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي روشنائيءَ جي ترڪيب photosynthesis جي ڪري کاڌو حاصل ڪري سگھن ٿا.
5.ڪنگڊم اينيميليا (Kingdom Animalia)
گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽس جيڪي ھاضمي سان گھڻ غذائي طريقي تي پلجن ٿا. ان تجويز ۾ ھڪ خاص خامي رھجي وئي.اھا ھيء ھئي ته سڀني ھڪ گھرڙيائي جاندارن کي ڪنگڊم پروٽسٽا ۾ رکيو ويو ھو ۽ ٻي خامي ھئي تہ الجيء ٻن ڪنگڊمز يعني پروٽسٽا ۽ پلانٽ ۾ رکڻو پيو. ھن مسئلي 1989 ۾ ٻن آمريڪي حياتياتي ماهرن مارگلس(Margulis) ۽ شوارٽز (Schwartz) کي اھو موقعو فراهم ڪيو تہ وٽيڪر جي تجويز ۾ ردوبدل ڪن. ھنن جاندارن کي ھيٺين پنجن ڪنگڊمز ۾ ورهايو. 1.ڪنگڊم پروڪيريوٽاء(Prokaryotae) ھن ۾ سڀ پروڪيريوٽس اچي وڃن ٿا مثلاً بيڪٽيريا ۽ سائنٽ بيڪٽيريا وغيره.
2.ڪنگڊم پروٽاڪٽسٽا (Protactista) ھن ۾ سڀئي يوڪيريئوٽڪ جاندار اچي وڃن ٿا جن جي جي گروھ بندي نه جانورن ۾ نہ وري ٻوٽن يا فنگاء ۾ ڪري سگھجي ٿي.مثلا يوگلينا، پئراميشيم، ڪليموڊوموناس ۽ خمير وغيره.
3. ڪنگڊم فنگاء يا فنجاء ھي بغير ڪلوروفل وارن گھڻ گھرڙيائي جاندارن تي مشتمل آهن جن ۾ سينو سائٽڪ مادو، جنھن کي مائسيليم چئجي ٿو.
4.ڪنگڊم پلانٽي ھن ۾ ڪلوروفل وارا گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽڪ زندہ جاندار شامل آهن.جن ۾ جيو گھرڙي جي ٻاهران سيليولوز جي ڀت ۽ ڳڀيل`آنو ذائيگوٽ ٿئي ٿو جن مان ايمبريو (سلو) نڪري ٿو. مثلاً صوف،سورج مکي وغيره.
5. ڪنگڊم اينيميليا. ھن ۾ بغير ڪلوروفل وارا سڀئي گھڻ گھرڙيائي يوڪيريئوٽڪ جاندار اچي وڃن ٿا جن ۾ جيو گھرڙي جي ڀت ڪونہ ٿئي. مثلاً، ھائيڊرا، سانپو، ماڻھو وغيره.

ان کان اڳ ۾ زندہ جاندارن جي درجہ بندي ٻن ڪنگڊمز يعني پلانٽ ۽ اينيمل ۾ ڪئي ويندي هئي.انھن جي درجہ بندي جو بنياد جيو گھرڙي جي ڀت ۾ ڪلوروفل جي موجودگيءَ تي رکيو ويو.

حوالا سنواريو